محمود ولد محمد بچل تنئي جي ڳوٺ بٺي ۾ ولادت ٿي . هو اڳتي هلي حاجي ۾همود ۾ خادم “ جي نالي سان ناميارو شاعر ۽ قلم ڌڻي ٿيو . ملازمت جي حوالي سان سرويئر ٿي رٽائر ڪيائين . ڪيترا ئي ڪتاب لکيائين . سندس شمار پنهنجي دور جي مشهور نقادن ۾ ٿيندو هو . سندس وفات 1960ع ۾ ٿي . |
04 جنوري 1895ع |
سکر مان حاجي عبدالرحمان ميمڻ هفتيوار اخبار ” آفتابِ سنڌ “ جاري ڪئي . شمس الدين ”بلبل“ هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر ٿيو ، جنهن هڪ طرف عيسائي پادرين ۽ ٻئي طرف ڪٽر هندن خلاف صحافت کي جهادي قوت طور ڪم آندو . |
26 مئي 1895ع |
مولوي در محمد ” خاڪ “ ڪانڌيلوي جي ولادت ٿي . هن ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصو ورتو . ۽ شاعريءَ جي دنيا۾ نالو ڪمايو . |
02 سيپٽمبر 1895ع
|