Good Morning Messages

سائين در محمد پٺاڻ

جي صبح جا سلام

ترتيب ڏيندڙ: محمد علي

صاحب ! منهنجي صاحبي، آهي عجز نياز. سلام ان جو ساز، در پهچايو دنيا جي. Oct 29 2010

تون صاحب آهين سچي سان، اسين خادم خدمتگار. تنهنجي تند تنوار، سدا آﻫ سلام کي. Oct 30 2010

پاليا آهن پنهنجن لاء، نفرت جا جن نانگ. بره سندي سي بانگ، سڻندا پوء به سلام جي. Oct 27 2010

مون کي مليو مارن کان، تشخص سندو تاج. مون لاء اهو معراج، جو چوان سلام تن کي. Oct 28 2010

ان پر نه انسان، قياس نه رکي قوم جو، اصل آهي شان، صدقي سانگين ۽ سلام سان. Oct 26 2010

سري نه سگهندي سائين سواء، آهي فقط سوئي سهارو، آهي نرمل نيارو، ثاني ناهي سائين جو. Oct 2010 26

سلندو آيس صاحب سان، سانگين سندا سور. پل پل اهي پور، Oct 24 2010 ستائن هن سلام کي.

محبت مروت ماڻهپو مون کي مارن سيکاريو. اهو ئي امرت Oct 25 2010 پياريو، صاحب! مون سلام کي.

صبح سج سلام کي، تنهنجي وائي پات. جئين ئي گذري رات، پهچن در ديدار لاء Oct 22 2010

آهن لائق عزت جي، پکاء پنهوار. جي هجن سر هزار، ته گهوريان صبح سلام سان. Oct 23 2010

والي وسائج، سکن سندا مينهن. درد نه پسن جيئن، سانگي هن سلام سان Oct 20 2010

جيسين ساه سريرسان، تيسين توهانجا. اوهان راڻا ۽ راجا، صاحب ! هن سلام جا Oct 21 2010

مارن سگهندين موت کي، جي مارن لهين سار. تنهنجا غم هزار، سلام ڱڻندا اکين تي. Oct 18 2010

محبت جنهن کي مارن سان، ان جو آئون غلام. هي صبح جو سلام، نالي آهي ڳنهي جي.Oct 19 2010

گهوريان جان جوانن تان، جي سانگين لهن سار. انهن کي هر وار، چوان سلام صبح جا.Oct 15 2010

مارن سندي محبت جو ماڻيو جن معراج. تن لاء تخت ۽ تاج، سلام آهي سانگين جو. Oct 16 2010

جت محبت ماڻهپو، ات پهچن پيا سلام. تن لاء دعائون جام، جي عاشق آهن مارن جا.Oct 13 2010

سانگين سندي سوررن مان، مان سر جي پيم سلام. سي تنهنجي در آندام، دردن سندي دارون لاء Oct 14 2010

ساريان پيو صبح کان چوندي سو سلام. صاحب تنهنجي سام، اسان آهيون سالن کان. Oct 11 2010

ويهي جئين نه ورجان آئون هلان صبح شام، صبح جا سلام، پهچايان پنهوارن کي. Oct 12 2010

ساحب بڻج سوجهرو، رهي نه اونده جئين. خوشيون سندا مينهن، وسن صبح سلام سان. Oct 08 2010

منجهڻي ۽ منجهائڻي، ماڻهن جي نفسيات. پر ناهي ذات ۽ پات، صبح سندي سلام جي Oct 09 2010

رئندي ملي نه راضپو، پنندي ملي نه پيار. کڻجان پنهنجو بار، سکي سبق سلام کان. Oct 06 2010

راحت مليم روح کي، چيم جيئن سلام. مارن سندو نام، لکيل منهنجي دل تي Oct 07 2010

دردوندن جي درد جو، دل منجه درد سماء. تون منزل اها پاء، جا ملي سو سلام سان. Oct 04 2010

سانگين سور پرائيا، سور سندن سنسار. انهن جو آزار، لاهيندين سلام سان Oct 05 2010

اميدون انهن جون تو سان ئي آهن. آسرو نه لاهين، سانگي صبح سلام جو Oct 02 2010

صبح ايندو سانگين لاء، سوين سک کڻي. سلامن کي وئي وڻي، خدمت محبت تو سندي.. Oct 03 2010

جي آهن پنهنجي قوم جا، خاصا خوب غلام. انهن کي سکام، تاريخ چيا صدين کان. Oct 01 2010

روشن مستقبل جو، آ تنهنجي نيڻن منجه خمار. دعائون پيا هر وار، سائين سلام توکي چون. Oct 01 2010

ناهي دل اندر جي، مارن لاء محبت. سلامن کي نفرت، آهي ان وجود سان. Sep 29 2010

سهارا سانگين جا، مان توتي لکان گيت. سلامن سنگيت، سوچيا آهن سچ مان. Sep 30 2010

قرضي آهن قوم جا، ماڻهون باشعور. سلامن اهو سور، صبح سليو مارن سان. Sep 27 2010

مارون منهنجا آسري، اوهان جي آهن. سارين ۽ نهارين، سلام سان سائين کي.Sep 28 2010

احسان ان الله جا، مارون مليم مير. سي بدلائيندا تقدير، لوچيندي سلام سان. Sep 28 2010

صبح آڻج سکن جو، سانگين لاء صاحب. جي گهريو رازق رب، ملندء سلام سلامتيون. Sep 26 2010

سوچيو صورتحال تي، اسان جا اين جي اوز. متان روز بروز، مارون منجهن مامري. Sep 23 2010

شل سمجهو هن سلام سان مارن جي منشا. صلاح بڻجي سا، جا دردن جي دوا هجي. Sep 24 2010

ويندا گذري غم، ورندو سکن واء. لهندو اهنج ايذاء، صبح جي سلامن سان. Sep 21 2010

سهاري سائين سوا، نه واه وسيلو. هلي نه مون حيلو، پيم پيش اوهانجي. Sep 22 2010

صاحب گهرجي قوم کي، تنهنجو سهارو. اسان جو اشارو، سمجه هن سلام سان. Sep 21 2010

ويندا گذري غم، ورندا سکن پاء. لهندو اهنج ايذاء، صبح جي سلامن سان. Sep 22 2010

وسندا شهر ويران بڻيا، ايندي آفت پاڻي جي. اچي بار پيا توتي، وير ملهاء سلام تون. Sep 20 2010

راحت مليم روح کي، چيم جئين سلام. سائين! تنهنجو نام، لکيل آهي دل تي. Sep 21 2010

آهيون اوهان آسري، سانگي سلام ء مان. تنهنجي ئي در تان، ملندو خير خلاص جو Sep 19 2010

روز اچان پيو در تي، دعائون کڻي سلام. تنهنجي پيا سون سام، خالي مون نه ورائجو. Sep 20 2010

وري لکندا وير هن قوم سندي تقدير. ماورن منهنجا مير، پسندا سک سلام سان. Sep 17 2010

جنهن کي جذبو قوم جو، سوئي آه جوان. خدمت سان هو خان، ماڻي سلام مارن جا. Sep 18 2010

پنهنجي ئي سورن جو، آهيان آئون سامان. تون ئي آن درمان. توکي سلام صبح جو. Sep 15 2010

سهارو هنن سانگين جو، صاحب تون آهين. تون جن چاهين، لهن سور سلام سان. Sep 16 2010

محبتي مارن جا، سي خدمت سمجهن فرض. جن دلين منجه مرض، پري هن سلام کء ڀانهجو. Sep 13 2010

توکي پيو تانگهي، دروندو هي ديس. سورن سندو ويس، سلام پاتو سانگين لاء. Sep 14 2010

صبح آيو سلام چيم، تو لاء گهريم دعائون. چاهيان پيو آئون. سدائين سکيا رهو. Sep 10 2010

جي آهن خادم قوم جا، تن لاء سو سلام. عقيدت جا انعام، ملندا کين محبت سان. Sep 12 2010

ناهي عيد انهن جي، جن لاء ديس بڻيو پرديس. پاتو ويس، پسي سور سانگين جا. Sep 09 2010

دکن ۽ دردن جي، دکي پئي دونهين. سلام چوي سونهين، اها آهي آئيندي جي. Sep 10 2010

لاهي لغام دريا تان، جن مارون منجهايا. انهن تي آيا، حرف هزار سلام جا. Sep 10 2010

سانگين سک نه مليو، اجها آئي عيد. دروندن جي ديد، صاحب! آگ سلام تي. Sep 08 2010

تون جئين آهي سائين، تنهنجي ياد ثواب. تون آهين لاجواب، هر ﻭﺠﻫ مون کان گهڻو. (شب بخير، تنهنجي سر بخت جو خير) Sep 05 2010

پندس دعائون تو لاء، ﻠﻳﻠﺓ القدر جي رات. گهرندس سا سوغات، جا وڻي توکي سدا. Sep 06 2010

سائين! صبح سان جئين ورتم، تنهنجو نام. ملي ويو آرام، اندر جي انسان کي. Sep 05 2010

سائين! سياست هاڻي، هلائيندا پاڻي تي. جو مطلب لاء نچي، سمجهجان سلام سان. Sep 05 2010

ناه پرواه پنهوارن کي، جي آيا غم الم. هي دودا دم بدم، رکندا ساک سلام چئي. Sep 03 2010

منهنجو سلام ان لاء، جو سائين آهي سپوت. سمجھي جئين لاهوت، پکن ۽ پنهوارن کي. Sep 04 2010

کڻي پاراتا پنهوارن جا، پهتين ساگر ﻤﻧﺠﻫ . صبح هجي يا ﺴﻧﺠﻫ ، سانگي ياد سلام سان. Sep 01 2010

جي سانگي هئا سکي، تن کي مليا سور. پل پل اهي پور، مليا مونکي ۽ سلام کي. Sep 02 2010

پساي سانگين سور، سندم روئي پيا سلام. مونکي هي ماتام، ماريو ماريندا پيا. Aug 30 2010

ماريو پيا ماريندم، اهي سانگين جا سور. پنهوارن جا پور، کڻندا سر سلام جو. Sep 31 2010

دک ۽ درد سندي او سائين، گذري ويندي رات. هي سورن جي سوغات، رهندي صديون ياد سلام کي. Aug 27 2010

جي مليا سور سانگين کي، سي سائين هلندا سال. غيرن جا به افعال، آهن سلامن سامهون. Aug 28 2010

دهشتگرد ملي درياه سان، مارون مون مارين. سانگي پيا سارين، تو سورهيه جي سلام کي. Aug 25 2010

وارث جي وطن جا، سي مارون مون محتاج. جن جا تخت ۽ تاج، سي سورن جا سلام چون. Aug 26 2010

سلام چون سيلابين جي، اچو لهون سار. زنده قوم جا پار، آهن خوب اسان اندر. Aug 23 2010

مولا محتاجي کان، مارون رب بچاء. دعا اها پهچاء، سلام! سائين در تي. Aug 24 2010

مليو نه منهنجي مارن کي، آچر تي آرام. روئي پيو سلام، سندن سختيون پسي. Aug 22 2010

گهرجو وقت افطار جي، دعا سيلابين لاء. پرور کي پرچاء، ته لاهي دک دکين جا. Aug 22 2010

هن جي پاڻي کان گهڻو، انکين سندو آب. سلام چوان ثواب، ملڻو ناه درياه کي. Aug 20 2010

در محمد درياه سان ره نه تون ناراض. سلام سمجهن راز، مارن جي مصيبت جو. Aug 21 2010

رهيو ايرن غيرن سان، جنهن پاڻي تي پاڻي. سو سچو نه ساڻي، سانگين ۽ سلام سان. Aug 19 2010

هن جي پاڻي کان گهڻو، انکين سندو آب. سلام چوان ثواب، ملڻو ناه درياه کي. Aug 20 2010

درياه انجائي روح، تون سانگي ائين نه ستاء. سلام جاء بجاء ، سور سليندء سائين سان. Aug 17 2010

درياه تنهنجي دهشت جو، بڻيا مارون نشانو. سلامن اهو افسانو، لکيو پنهنجي رت سان. Aug 18 2010

قادر ﺘﺠﻫ پر کرم کرﮮ، رازق رب رحيم. رﻛﮭﮯ پاک عظيم، ﺘﺠﮭﮯ اﭙﻧﮯ حفظ مين. (افطار جي وقت جي دعا) Aug 15 2010

قهر نه بڻج قوم لاء، اي دادلا درياه. ناهي پنهوارن پرواه، سڻي سلام اهيو آئيا. Aug 16 2010

سلام ! سڻائجو سائين کي، اسان جا ارمان. اسان اوکا امتحان، سيني لاتا صدين کان. Aug 14 2010

توتي روز قيام جو، دانهيندس درياه. سلام چون ساه، منجهايئي مارن جا. Aug 15 2010

تون دعا تون دوست، تون سائين سگهارو. تون آهين سهارو، سندم ء سلام جو. Aug 12 2010

پسي سور سانگين جا، روئي پيو رمضان. انهن جو ارمان، سلام سليندا سائين سان. Aug 13 2010

سانگي سور وندن جو، آهي خالق نگهبان. مون مارون پريشان، سلام چئج سائين کي. Aug 10 2010

هيڻي منهنجي حال جي، توکي آگي خبر. رحم سندي مان نظر، طلبيان هن سلام سان Aug 11 2010

سلامن وسائي صبح جو، برﻫ سندي برسات. رهندي ذات نه پات، هونديون موجون محبت جون. Aug 08 2010

سانگي سور وندن جو، آهي خالق نگهبان. مون مارون پريشان، سلام چئج سائين کي. Aug 10 2010

دهشت دم درياﻫ جي، شهرن ﻤﻧﺠﮭ پيو شور. سلام اهو دور، چئجان، آيو سور کڻي.Aug 06 2010

ماڻهن سندي مهر سان، جي مليا نفرت جهول. سي تحفا رنگ رتول، سلامن رکيا اکين تي. Aug 07 2010

شهرن اندر باﻫ، چئو طرف پاڻي. سلام چئي ساڻي، سائين آهي ديس جو. Aug 04 2010

دردوندن جي دکن تي، روئي فلق پيو. روئندو صبح ويو، سلام در سائين جي. Aug 05 2010

عبادت کي طرح، ياد ﺘﺠﮭﮯ کرﺘﮯ هين. صبح شام شب کو، سلام کرﺘﮯ هين. Aug 02 2010

ساريندي سائين کي، آئي عمر جي شام. تون ساري ڇئج سلام، اسان تنهنجي آسري. Aug 03 2010

قاصد بڻائي قرب جو، مان سائين سلامن کي. سندم دل گهريا جي، اماڻيا سدا تن کي. Aug 01 2010

سمجهندا سلام مان ته پيا کڻو پساﻫ. نهاريندي راه، عمر اسان جي گذري. Aug 02 2010

ساﮰ شفقت ﻤﻠﮯ گا، تو سنور جائين ﮔﮯ. ورنه قسم ﺴﮯ هم، بکهر جائين ﮔﮯ. صبح بخير نه کها تو، ﺒﮯ موت مر جاﺌﻴﻨﮔﮯ. July 30 2010

سائين! سچ جي سونهن بنان، آهيان اڻپورو. سلام سمورو، عرض رکندو اوهان کي. July 31 2010

خلوص ويو خلق مان، ۽ ماڻهن مان محبت. انهن جذبن جي عظمت، سيکاريو جو سلام کي. July 28 2010

هجي تاء غيرن لاء، پر پنهنجن سان پرچاء. دعا گهري تون آء، سلام! سائين در تي. July 29 2010

نفرت گهرجي ناحق گهرجي، طلبن خاص ۽ عام. مام اها تون سلام، سمجهي اچجان سائين کي. July 26 2010

محبت نه گهرجي ماڻهن کي، عجب اها مام. صبح جا تون سلام، سمجهي اچجان سائين کي. July 27 2010

عجز ۽ نياز جي، وائي سلامن وات. طلب انهن کي تات، آهي فقط اوهان جي. July 24 2010

مونکي ۽ سلامن کي، طلب اوهان جي تات. تو بن باقي ذات، آهي غير اسان لاء. July 25 2010

صبح سندي سلام تي، ناهن ميارون. زاريون مون واريون، هيون بي اثرائتيون. July 23 2010

سائين صدي کان گهڻي، ماڻين عمر تون. دل حيو مون، صبح∕ شب بخير اوهان کي.. July 23 2010

گهوريان سر سائين تان، اهو اتم انعام. چوندو اهو سلام، صاحب سندء در تي. July 21 2010

سائين سندي در تي، چوندو هنئين سلام. در محمد کي آرام، ناهي نصيب ازل کان. July 22 2010

سلام چئج سائين کي، آهن درد هزار. باري کڻندي بار، تون ئي منهنجو آسرو. July 19 2010

گسائين منهنجو آسرو، سندم سائين سهارو. اهو سلام سيگهارو. پيغام پهچائن. July 20 2010

محبت نياز ۽ ماڻهپو، سکندا اچو سلام. اهي اوصاف عوام، وساريا ورهين کان. July 17 2010

جي سمجهن رشتا روحن جا، انهن لاء سلام. جي باقي آهن خام، ناهن سلام تن کي. July 18 2010

مان روئان هو ريجهن، ناهي سودو مهانگو. ان کان سهانگو، جي طلبن سر سلام سان. July 15 2010

سلام سمجهي سوچ سان، مونکي يار سڻو. کلندي جي نه وڻو، ته روئي به ريجهائجو. July 16 2010

سائين بخشيندو، سندم عيب اپار. سلامن سو هزار، عرض اهي ئي رکيا. July 14 2010

گهوريان هر سلام سان، جي سوين هجن سر. مون تي آﻫ مهر، سرس سوائي ساﻫ کان. July 15 2010

سلام ۽ سائين! مان، آهيون تو در سوالي. وراء م خالي، اسان تنهنجي آسري. July 12 2010

سائين! سلامن مان، سکيومون به گهڻو. کلندي جي نه وڻو، ته روئي رنگ رچايو. July 13 2010

error: Content is protected !!