Part-1
Letters From Foreign Scholars پر ڏيهي عالمن جا خط ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ (31 مارچ 1980ع) موتي پرڪاش: موتي پرڪاش

Letters From Foreign Scholars پر ڏيهي عالمن جا خط ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ پرڏيهي عالمن جا خط (19 نومبر
Letters From Foreign Scholars پر ڏيهي عالمن جا خط ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ پرڏيهي عالمن جا خط (31 مارچ 1980ع)
Letters From Foreign Scholars Mangharam Malkani, مُنهنجو دوست منگهارا ملڪاڻي ۽ ساڻس ٿيل خط و ڪتابت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ موت جا بي رحم هٿ، جڏهن ڪنهن جانيءَ جي جدائيءَ جو باعث بڻيا آهن ، تڏهن چاهيندڙن جو من به نپوڙيو محسوس ٿيندو آهي . پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي موت جو ٻڌي هڪ نه پر هزارين ماڻهن کي ڏک رسيو هوندو . سنڌ ۽ هند جي هي ادبي شخصيت پرلوڪ پتار جڻ کان پوءِ به اسان جي ادبي دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪئي ويندي . هيءَ فاني جهان ته سڀني کي ئي ڇڏڻو آهي ، پر پوءِ به ڪيترا ماڻهو موت کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن . منگها رام ملڪاڻيءَ لڳ ڀڳ مني صدي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙ اڀريا آهن . سرڳواسيءَ ادبي چمن جي جا آبياري ڪئي آهي ، اها ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿي سگهجي . هن جا لڳايل ادبي گل ۽ ٻوٽا اڻ ڄاتي مدي تائين علم ادب جي دنيا کي هڳاءُ بخشيندا رهندا . گذريل پنج سال ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه لڳن ٿا . مون کي ياد ٿو پئي ته ڊاڪٽري جي مقالي کي مڪمل ۽ جامع بنائڻ لاءِ سنڌ کانسواءِ هند جي عالمن ، اديبن ۽ دانشورن سان رابطو قائم ڪيو هيم . هڪ مفصل سوالنامو ٺاهي پنهنجي دوست جسونت ڪمار ۽ ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻي ڏانهن موڪليو هيم . هن منهنجي سوالنامي کي سائيڪلو اسٽائيل ڪري سموري ڀارت جي سنڌي بزرگ عالمن ۽ اديبن ڏي ڏياري موڪليو هو . سرڳواسي منگهارام ملڪاڻيءَ انهيءَ سوالنامي جي موٽ ۾ مون سان لکپڙھ ڪئي هئي . اها لکپڙھ مون “پر ڏيهي عالمن جا خط ” جي سري مان هفتيوار “آزاد” ۾ شايع ڪرائي هئي . منگهارام ملڪاڻيءَ کي جيتوڻيڪ مون ڪڏهن ڏٺو به ڪونه . پر پوءِ به جڏهن خط پٽ لکندو هو ، تڏهن اهو تاثر ملندو هوم ته اسان ڄڻ هڪ پورو جڳ گڏجي گذاريو آهي . ڪاليج ۾ استاد هئڻ واري نسبت مان کيس اڻ ڄاتو سڪون ملندو هو ، آئون ته وري ڪراچيءَ جي ڪاليج جو استاد آهيان ، جنهن شهر ۾ هن پوري جوڀن ۽ جوانيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا . سندس سڪ ۽ محبت جو اهو عالم هو جو وقت بوقت جي سندس ڪتاب ڀارت ۾ شايع ٿيندا هئا ، انهن جي هڪ هڪ ڪاپي ڏياري موڪليندو هو . مون هڪ خط ۾ کيس ٻڌايو هو ته هند توڙي سنڌ جا ڪيترا سنڌي عام ۽ اديب اڪثر ڪري اڌوريون ۽ هڪ طرفيون تاريخون مرتب ڪري رهيا آهن . هندو عالم جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ٿو ته مسلمان ليکڪن کي نظر انداز ڪري وڃي ٿو ۽ ساڳي نموني مسلمانن کي وري ادبي تاريخ کي پاڪ صاف ڪرڻ جو گهڻو اونو آهي . انهيءَ ڪري اسان جون ادبي تاريخون اڌوريون ۽ اڻ پوريون ٿي پيون آهن . تاريخ کي مڪمل ۽ جامع بنائڻ لاءِ مون سوچيو آهي ته آئون هتي ورهاڱي کان اڳ جي غير مسلم ليکڪن جي ادبي خدمتن کي ڪتابي صورت ڏيان. مون کيس اها صلاح به ڏني هئي ته هند ۾ جڏهن ڪا ادبي تاريخ لکي وڃي ۽ ان ۾ سنڌ جي مسلمان ليکڪن کي مناسب جاءِ نه ملي سگهي ته ان کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ساڳي منصوبي تي ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ پوءِ ادبي تاريخ جو هڪ گڏيل ڇاپو ڪڍڻ گهرجي . سرڳواسي منگهارام ملڪاڻي منهنجي تجويز جي پوئين حصي سان ته اصولي طور اتفاق ڪيو ، پر پهرين حصي سان شديد اختلاف ڏيکاريو . انهي سلسلي ۾ اتم ڏانهن خط لکي کانئس به منهنجي منصوبي تي راءِ ڏيڻ جي دعوت ڏني . شري اتم ته اهو خط پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪري ، پنهنجي ڪا راءِ نه ڏني . پر منگهارام ملڪاڻي مسلسل انهي ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته مون کي ادبي تاريخ ، مذهبي بنيادن تي مرتب ڪرڻ نه گهرجي . انهي کان اڳ جو آئون ساڻس راءِ تي متفق ٿيان ، ورهاڱي کان اڳ جي هڪ سئو چوڏهن غير مسلم شاعرن جو ڪلام ۽ احوال مرتب ڪري چڪو هوس . انهيءَ ڪتاب تي “جهڙا گل گلاب جا” نالو رکي هڪڙي ڪاپي سنڌ الاجيءَ جي حوالي ڪري چپ ڪري ويهي رهيس . پوِءِ اهو فيصلو ڪري ڇڏيم ته سنڌ ۾ جڏهن جامع ادبي تاريخ مرتب ڪئي وئي ته پاڻ وٽ گڏ ڪيل غير مسلم ليکڪن جي معلومات کڻي انهيءَ ڪم ۾ ڪتب آڻبي . پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌ ۾ رڳو ڳالهيون ڪبيون آهن ، عمل ڪرڻ اسان سکيو ئي ڪونهي . انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڀارتي سنڌي پهرين ڪم ڪندا آهن، ۽ پوءِ به ڳالهيون نه پر ڳالهه ! مثال اسان جي اڳيان آهي ، سنڌ ۾ اها چئو پچو هلي ته هن سال کي سنڌي ڊرامي جي هڪ صدي پوري ٿيڻ ڪري “ڊرامي جو سال” ڪري ملهائجي . اسان ڳالهه ڪري ويهي رهياسين . خير سان ڊسمبر به گذري ويو . ليڪن ڀارت ۾ هن سال ۾ ڊرامي تي سيمينار ٿيا ۽ اتي عالمن ۽ اديبن وڏي ڌام ڌوم سان ڊرامي جو سئو ساله جشن ملهائيو. هڪڙو ٻيو مثال به ڏسو . پنهنجي تحقيقي ڪم دوران مان رڳو اهڙن ڀارتي عالمن ،شاعرن ۽ ايڊيٽرن سان رابطو قائم ڪري نه سگهيس . جن جي ايڊريس ڪانه هئي . يا جي پرلوڪ پڌاري چڪا هئا. پر گهڻو ڪري منهنجا خط اتان جي ڪيترن ئي عالمن کي پهتا ۽ ڪيترين ئي اخبارن ۾ شايع ٿيا . آئون ائين ته ڪونه چوندس ته مون ڀارتي عالمن ۽ اديبن کي نوان موضوع ڏنا . پر ايترو ضرور چوندس ته جنهن منصوبي ۽ مقصد کي آڏو رکي مون ، ڏانهن خط لکيا هئا، هنن انهيءَ ڏس ۾ ڪتاب لکي ڇپرايا . اتي تازي شايع ٿيل ڪتاب “ساهتيه – ڪلا درسني ، ” انهيءَ جو هڪ مثال آهي . اتي ورهايل منهنجي “سوالنامي ،” مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل منهنجي خطن ۽ هن ڪتاب کي هڪ ئي وقت ذهن ۾ رکي ڏسڻ سان ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي . سرڳواسي منگهارام ملڪاڻي به انهي ساٿ جي سرواڻن مان هڪ هو ، جيڪي ڳالهين بدران ڪم ڪندا آهن ، جن جي زندگي ادب هوندو آهي ۽ ادب زندگي هوندي آهي . منگهارام ملڪاڻي جون لياقتون ۽ صلاحيتون علم ادب جي رڳو هڪ صنف تائين محدود نه هيون . جيتوڻيڪ هو بنيادي طور تي ڊرامي جي دنيا جو هيرو هو ، پر شاعري ، مضمون ، صحافت ۽ تنظيم جي ميدانن ۾ به پاڻ ملها يائين . سندس زندگي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ ۽ جي ڪهاڻي هئي . هو مني صديءَ تائين اسان جي علم ادب جي عظميت جو مينار بڻيو رهيو ۽ آخرڪار موت جي آغوش ۾ لڪي ويو . منگهارام ملڪاڻيءَ 24 ڊسمبر 1896 ع تي حيدرآباد ۾ اڌارام ملڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو . پرائمري ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان ئي ورتائين ، جنهن جو ذڪر پنهنجي هڪ ڪتاب “ساهتڪارن جون سمرتيون ” ۾ به ڪيو اٿس ، هن ڪتاب ۾ پنهنجي هندو توڙي مسلمان استادن جو ذڪر اهڙي ته نموني ڪيو اٿس ، جو پڙهڻ کانپوءِ منگهارام ملڪاڻي جي من وارو ماڻهو ظاهر ٿي بيهي ٿو . پاڻ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ چوٿون نمبر ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو . ان کانپوءِ ڪاليجي تعليم ڪراچيءَ جي “ڊي . جي . سنڌ ڪاليج ” مان ورتائين . گريجوئيٽ ٿيڻ کانپوءِ ڇهه مهينا پوني واري زرعي ڪاليج مان زراعت جي عملي تعليم به ورتائين . منگهارام ، ملڪاڻين جي هڪ مڇي مانيءَ لائق خاندان جو فرد هو . هن تعيلم پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ نه پرانسان بڻجڻ لاءِ ورتي هئي . انهيءَ ڪري گريجوئيٽ ٿيڻ کانپوءِ پورا پنج سال پنهنجيون ٻنيون سنڀاليائين . پر “زمينداري ڪٽنب جو فرد زمينداري رعب ۽ خصوصيت کان بلڪل خالي هيڪاري ڪلا ۽ ادب جو شيدائي” ڪيئن پيو اتي گهاري سگهي ؟ نيٺ سندس من جي مراد پوري ٿي ۽ “ ڊي . جي . سنڌ ڪاليج” جي انتظاميه وارن کيس پنهنجي ڪاليج ۾ انگريزي جي استاد ٿيڻ جي آڇ ڏني ، ۽ هن وڃي اتي ملازمت جو آغاز ڪيو . ورهاڱي ٿيڻ وقت پاڻ اتي اسسٽنٽ پروفيسر هيو . 1947 ع کانپوءِ جڏهن ڀارت لڏي ويو ته بمبئي جي “جئه هند ڪاليج” ۾ پهريون پروفيسر ۽ پوءِ انگريزي شعبي جو اڳواڻ ٿيو . جملي اٺٽيهه سالن جي ملازمت ڪرڻ کانپوءِ 1962 ع ۾ رٽائر ڪيائين.

Letters From Foreign Scholars پرڏيهي عالمن جا خط (19 نومبر 1979) سي. ڊبليو. هسڪل چارلس وليم هسڪل 7، اپريل 1905
Letters From Foreign Scholars 7، آئزلينڊ ويو ٽيريس، ويڪانٽي، نيوزيلينڊ 31، جنوري 1977 پيارا مسٽر در محمد پٺاڻ مسٽر جي.
Letters From Foreign Scholars پرڏيهي عالمن جا خط (03 ڊسمبر 1979) آر. اي. ڪارسن آر. اي. ڪارسن 1913 ع ۾
Letters From Foreign Scholars ڪرائسٽ چرچ نيوزيلينڊ، 19 جنوري 1977 مسٽر در محمد پٺاڻ پيارا سائين: منهنجي فرزند، اوهان جو
Letters From Foreign Scholars پرڏيهي عالمن جا خط (17 ڊسمبر 1979) ڪماري پوپٽي هيراننداڻي ڪماري پوپٽي رامچند هيراننداڻي 17، سيپٽمبر
gulhayat2010@gmail.com
founder@drpathan.com
+923337526616,
+923453910063
+1 (786) 886 1028
Gul Hayat Institute, Village Khair Muhammad Arija, District Larkano, Sindh, Pakistan