پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.

textgram 1559207010

ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
اٺ جنهن وڻ ھيٺان ويھندو آھي اھو اڪثر ڪري ان وڻ کي ئي کائيندو آھي. اھڙي نموني سان ڪي ماڻھون ڪنهن ملڪ ۾ پناھ وٺي اٺ جھڙو ڪم ڪن ٿا تہ ڪي وري انهي ڌرتي جو کائن ٿا، ڌرتي جو ڳائن ٿا ۽ ڌرتي جي خوشحالي ۾ ھٿ ونڊائن ٿا. سنڌ ۾ پارسي ڪميونٽيءَ بہ جڏھن سنڌ ۾ واپار ۽ تجارت سانگي آئي تہ ھن مٽي جو مانُ ۽ شان وڌائڻ ۾ گھڻن کان اڳري رھي.
پارسي ڪميونٽي دل ۽ ذھن جي کليل ڪميونٽي طور پاڻ کي ثابت ڪيو . ان ڪري ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان ملي جلي ھڪ ٿي ويا. جڏھن 1882 ڌاري“ سنڌ سڀا“ نالي “سماجي ۽ نيم سياسي “ جماعت ٺھي تہ ان ۾ ھندو ۽ مسلمانن کان سواءِ پارسي بہ شامل ھئا. اھو پارسين جو ئي ڪارنامو آھي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ “ٿياسافيڪل سوسائٽي“ قائم ٿي ۽ ان کان پوءِ “ سنڌ ھوم رول ليگ“ نالي سياسي پارٽي قائم ٿي. “ ٿياسافيڪل سوسائٽي“ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي بہ خدمت ڪئي ھن سوسائٽي طرفان سنڌي ۾“ ستاره “ ۽ “ روح رھاڻ“ رسالا نڪرندا ھئا ۽ سوسائٽي سان لاڳاپيل اديبن سنڌي ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا .
ٿياسافيڪل سوسائٽي کان سواءِ سنڌ ۾ “ھوم رول ليگ“ جي قيام ۾ سنڌ جي پارسي ڪميونٽي جو وڏو عمل دخل ھيو. ٻنهي تنظيمن ۾ ڪليدي ڪردار پارسين جو ھيو پر انهن ھندن توڙي مسلمانن کي نہ فقط پاڻ سان کنيو پر اڳتي وڌايو.
    1930 ۾ ميرپور خاص ۾ جيڪا “ ھاري ڪانفرنس“ ٿي انھي جي صدارت جمشيد مھتا ڪئي جيڪو پارسي ھيو. ھن ئي ماڻھو انهي کان اڳ جيڪب آباد ۾ سڏايل “ سنڌ صوبائي ڪانفرنس“ جي صدارت بہ ڪئي ھئي .جمشيد مھتا جڏھن ڪراچي جو ميئر ٿيو تڏھن ڪراچي جا مکيه روڊ ۽ رستا ۽ اھم عمارتون روزانو ڌورايون وينديون ھيون. جڏھن تہ ھاڻي اسان جي دور ۾ اسان    کان ئي  روڊ ۽ رستا انساني رت سان وھنجهاريا وڃن ٿا . سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ھلي تہ ان ۾ پارسي ڪميونٽي ڀرپور حصو ورتو جمشيد مھتا“ اينٽي سنڌ سيپريشن“ تحريڪ وارن ھندن کي پمفليٽ ۽ ڪتابڙا لکي لاجواب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سياست ۾ نج سنڌين وانگر ڪردار ادا ڪرڻ کان سواءِ علمي ۽ قلمي ميدانن ۾ بہ پارسي ڪميونٽيءَ جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ھن ڪميونٽيءَ انگريزي زبان ۾ تمام سٺا ۽ گھڻا ڪتاب لکيا ۽ شاعري بہ ڪئي. شاعري تي پڻ سندن کوڙ ڪتاب آھن. ماڻڪ پٿاوالا پارسي ھيو ۽ وڏو جاگرافيدان ھيو .ھن سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ سنڌ جي قديم ماڳن مڪانن  ۽ ڪراچي جي جاگرافي تي مثالي ڪم ڪيو ۽ ڪتاب لکيا جيڪي شايع ٿيا. جڏھن گڏيل ھندستان کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جو چوٻول ٿيو تہ ھن بہ جاگرافيائي اھميت ۽ منطق جي حوالي سان ھندستان جي ورھاڱي جو پنهنجو نظريو پيش ڪيو ھيو .سندس اھا تحرير  ۽ ٻيا ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.
پارسي ڪميونٽي وڏا شاعر ۽ عالم پيدا ڪيا انهن جا ڪتاب بہ گل حيات ۾ آھن. بليموريا ھن ڪميونٽي سان واسطو رکندو ھيو. ھو پنهنجي دور جو وڏو تاريخ جو ڄاڻو ۽ محقق ھيو .1936 کان پوءِ جڏھن سنڌ ۾ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ٺاھي وئي تہ ھي ان جو ميمبر ٿيو ۽ اڳتي ھلي ان جو صدر پڻ ٿيو.   “ موھين جي دڙي“ مان لڌل شيون جيڪي لاھور ۽ دھلي کڻي ويا ھئا،بليموريا انهن کي واپس ڪرائڻ لاءِ وڏي تحريڪ ھلائي. ڪراچي ۾ جڏھن بہ ڪي وڏيون تنظيمون قائم ٿيون تہ پارسي ڪنهن کان پٺتي نہ رھيا. ھن ڪميونٽي ڪراچي.، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ وڏا خيراتي ڪم ڪيا ۽ اسپتالون خواه ڊسپينسريون قائم ڪيون. حيدرآباد ۾ جيڪا گدو بندر ۾ چرين جي  اسپتال آھي اھا پڻ ھڪ پارسي سر ڪائوسجي جھانگير 1852 ۾ قائم ڪرائي ھئي .
انگريزن جي اچڻ کان کوڙ ساريون واپاري ڪميونٽيون سنڌ ۾ آيون، پر پارسي ڪميونٽي پنهنجي گھڻن ڳڻن جي ڪري نالو ڪمايو. انهن پنهنجي حيثيت بہ رکي پر سنڌ جي سونهن جو حصو بہ ٿي رھيا، بلڪه انهي جي سونهن ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا. گل حيات ۾ ھن ڪميونٽي جي تنظيمن.سماجي خدمتن ۽ علمي ڪارنامن بابت گھڻو مواد موجود آھي ۽ اسان جي ڪوشش رھندي تہ ان کي پنهنجي ذريعن وسيلن جي ڏڍ تي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪندا رھون

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!