قلم جي نوڪ روشن مستقبل جا نقش چٽيندي آھي

 IMG 20200118 WA0051
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” قلم جي نوڪ روشن مستقبل جا نقش چٽيندي آھي“
     ادب پوءِ اهو آڳاٽو، لوڪ ادب يا جديد ادب هجي، ان ۾ قومن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي جهلڪ موجود هوندي آھي. اڄ انسان چنڊ تان چڪر ڏئي آيو آھي. پر صديون اڳ اهو ذڪر ادب ۾ ملي ٿو. ٻارن جي آکاڻين ۾ آھي تہ ڪنهنجو مامو رسي ياڪم سانگي وڃي چنڊ تي پهتو. جڏھن اهو ذڪر نانين ڏاڏين ٻارن سان ڪيو تہ ٻارن چنڊ لاهي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ کيڏڻ لاءِ انگل ڪيا. اردوءَ ۾ ان تي جنهن چوڻيءَ جنم ورتو، اها آھي “ لاڊلا انوکا کيلن ڪو مانگ چاند“. اهو چنڊ صدين کان وٺي سنڌي ادب جي ورقن ۾ موجود آھي. مطلب چوڻ جو هيءُ آھي تہ ادب ۾ جيڪي تصور جنم وٺن ٿا، اهي اڳتي هلي  حقيقتن جو روپ وٺندا آھن. چون ٿا تہ ٽائيٽينڪ جهاز ٺھڻ ۽ ان جي ٻڏڻ کان اڳ هڪ اديب “  ٽيٽانڪ“ جي نالي سان ناول لکيو، جنهن ۾ جهاز جي ٻڏڻ جي ڪهاڻي هئي. ان ناول کان پوءِ “ ٽيٽانڪ “ جهاز جڙيو ۽ سفر دوران ٻڏي ويو. سو ادب کي جيڪڏھن “ آئيندي جو اولڙو“ چئجي تہ ان ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
       گل حيات ۾ بابا جي لکڻين کي ترتيب ڏيندي  هڪ مضمون نظرمان گذريو. اڄ کان 32 سال اڳ جنوري 1989 ۾ بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ “ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هڪ يونيورسٽيءَ جي ضرورت“  جي عنوان سان مضمون لکيو، جيڪو “ هلال پاڪستان“  اخبار ۾ شايع ٿيو. اڄ الله جي فضل سان لاڙڪاڻي ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي تي ميڊيڪل يونيورسٽي بہ آھي ۽ ڪن يونيورسٽين جا هت ڪئمپس بہ موجود آھن. پر اڄ کان 32 سال اڳ انهن جو نہ ڪوئي وجود هو ۽ نہ وري ڪنهن کي ڪا تانگھہ هئي تہ هن تاريخي ضلعي ۾ ڪا يونيورسٽي بہ هجڻ گهرجي. تاريخ جا ورق اها شاهديءَ سان گواهي ڏين ٿا تہ اهڙو مطالبو گل حيات جي بانيءَ ڪيو. گل حيات جو قيام ۽ سندس بانيءَ جو جنم اهڙي ڳوٺ ( خير محمد آريجا) ۾ ٿيو، جنهن علامہ آريجويءَ جي مدرسي ۾  پاڳارا گاديءَ جو باني حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي بہ پڙھي ويو آھي. علامہ محمد آريجويءَ کان وٺي گل حيات جي قيام تائين ڳوٺ خير محمد آريجا درس و تدريس جي لاٽ ٻاري رکي آهي. ان ڪري هن ڳوٺ جي رهواسيءَ بابا سائين يونيورسٽيءَ جي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي جيڪو مضمون لکيو ان جو اهو ئي منطقي پسمنظر ۽ جواز هو.
      بابا جو هي مضمون مدلل بہ آھي تہ طويل بہ آھي. بابا لکي ٿو تہ “جيڪڏھن هن وقت سنڌ ۾ قائم ٿيل ادارن جو وچور ٺاهبو تہ سنڌ جا سمورا اهم تعليمي،  تحقيقي ۽ ثقافتي  ادارا ڏکڻ سنڌ ۾ قائم ٿيل نظر ايندا، پر ان جي برعڪس لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪو بہ اهڙو هڪ ادارو ڪونهي جنهن کي سنڌ سطح تي شھرت ۽ اهميت حاصل هجي. ان ڪري سنڌ جي مجموعي ترقيءَ لاءِ اهو مناسب ٿيندو تہ اتر سنڌ ۾ بہ ڪي اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي خطي جي ذريعن وسيلن ۽ لياقتن صلاحيتن کي اجاگر ڪن ۽ سنڌ جي مجموعي ترقيءَ جو باعث ٿين.“
    بابا سائين اتر سنڌ جي ترقيءَ لاءِ يونيورسٽين جي قيام کان علاوه ٻيون بہ صلاحون ڏنيون آھن. مضمون ۾ لکن ٿا تہ :“ ڪمند ، سارين، ڏير ۽ ٻين پوکن خواه فصلن مان پيدا ٿيندڙ خام مال مان هتي پني ٺاهڻ جون فيڪٽريون قائم ڪري سگهجن ٿيون. هتان جا زيتون ملڪ ۾ مشهور آھن. انهن جي حفاظت ۽ ترقيءَ کان سواءِ انهن مان اضافي شيون ٺاهڻ لاءِ انڊسٽري ٺاهي سگهجي ٿي. هتان جي ڍنڍن کي سيرگاه بڻائي سگهجي ٿو. “ . وڌيڪ لکن ٿا تہ جيڪب آباد جي “ هارس شو“ کي اتر سنڌ جو نہ فقط ثقافتي ڏڻ بڻائي سگهجي ٿو پر سموريءَ سنڌ ۾ اتي وڏي مال پڙي لڳائي سگهجي ٿي ۽ اينيمل هسبينڊريءَ وارا اتي جانورن بابت ڪانفرسون ڪوٺائي عوام جي ڍورن جي اهميت ۽ بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪري سگهن ٿا.“ انهيءَ کان سواءِ هن مضمون ۾ اتر سنڌ ۾ ثقافت، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ بابت کوڙ ساريون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون آھن جن مان سندن دورانديشي ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي اوني جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!