سنڌ جي عوامي شاعر نثار بزمي (جنهن جو اصل نالو قلندر بخش هو) 13 جون 1924ع ڌاري ڳوٺ مرزاپورتعلقي ڳڙھي ياسين ضلعي شڪارپور جنم ورتو. مرحوم نثار بزمي 1938ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو ۽ 1954ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ تپيدار ٿيو. پر اندر ۾ جيڪو شاعر لڪو ويٺو هوس، تنهن هٿان مجبور ٿي سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين، نثار بزمي يارنهن سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڳوٺ جي هڪ دوست ڀڳوانداس کان متاثر ٿي ڪئي، وري جو ان وقت جي سدا بهار راڳي ماسٽر چندر سان ملاقات ٿيس، جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏنو، پهريون ڀيرو سندس شاعري ان وقت جي فلمي رسالي ”فلم نيوز“ ۾ شايع ٿي، ورهاڱي وقت سندس دوست ڀڳوانداس سنڌ مان لڏي وڃي هندوستان وسايو، تڏهن هن جي جدائي ۾ پاڻ اهو ڪلام چيائين ته، ”ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا، هليا ويا“ جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. نثار بزمي شاعري جي هر صنف تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، سندس عوامي گيت گهڻو مشهور آهن. سنڌي فلم ”البيلي“ ۽ ”سنڌڙي تان صدقي“ لاءِ به گيت لکيائين، سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان تان هاڻ به نشر ٿيندا رهن ٿا. مرحوم نثار بزمي شاعري سان گڏو گڏ ڊراما، افسانا ۽ مضمون به لکيا، سندس ٻه ڪتاب ”بيداري“ ۽ ”غريبن جي آهه“ ڇپيل آهن. عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ هي البيلو شاعر فالج جي حملي کانپوءِ 7 جولاءِ 2000ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
نثار بزمي قلندر بخش

Share this article
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025
Featured Categories
More News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.
April 18, 2025