پير بخش پياسي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ حسين خان لغاري ۾ 1942ع ۾ جنم ورتو. 1948ع ۾ سندس خاندان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن ابتدائي تعليم ٽنڊو محمد خان شهر ۾ حاصل ڪئي ، سنڌي فائنل پاس ڪري 1959ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو.ڪتابن جي مطالعي واري شوق کيس ادبي دنيا ۾ پير پائڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس تخليقون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون . 1964ع ۾ ميرپور بٺورو ٽريننگ اسڪول مان ايس . وي جو امتحان پاس ڪري ، 1966ع ۾ پرائيويٽ شاگرد طور مئٽرڪ ڪيائين.جنهن کان پوءِ هن 1970ع ۾ بي .اي ، 1971ع ۾ بي .ايڊ ۽ 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم . اي سنڌي جو امتحان پاس ڪيو. سنڌي فائنل کانپوءِ هن سمورا امتحان پرائيويٽ شاگرد طور ڏنا. ڪجهه عرصي لاءِ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ، جنهن بعد ۾ 1976ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو ، سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي ، ترقي ڪري ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻيو ، جنهن عهدي تان 2002ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. سنڌي ادبي سنگت ، اداره سنڌي ترقي، اداره روشن ادب ، اداره گلشن ادب سميت ڪيترن ئي ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ علمي ادارن سان سلهاڙيل رهيو. سندس ڪوششن سان آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ادبي لائبريريون قائم ٿيون. شاعري ۾ سندس استاد پروانو ڀٽي هو . پير بخش پياسي جا بيت، غزل ، وايون ۽ آزاد نظم فطرت جا حقيقي رنگ چٽين ٿا. هو فطرتي حُسن ۽ خوبصورتي جو قائل شاعر رهيو , 2018ع ۾ سندس شاعري جو مجموعو “ڪڪر منجهه ڪپار ” ڇپجي پڌرو ٿيو.
سنڌي ٻولي , علم ۽ ادب جو هي جاکوڙي ڪردار 15 سيپٽمبر 2020ع بروز اڱاري تي اسان کان هميشه لاء وڇڙي ويو .
پير بخش پياسي

Share this article
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025
Featured Categories
More News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.
April 18, 2025