پرڀو وفا

سنڌ ۽ ھنڌ جي مشهور سنڌي شاعر پرڀو جوتو مل ڇڳاڻي المعروف پرڀو وفا 19 سيپٽمبر 1915ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ھن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ گريجوئيشن بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آل انڊيا ريڊيو سان لاڳاپجي ويو، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا ھليو ويو، آخر تائين آل انڊيا ريڊيو سان ئي رهيو، ھن شاعري ۾ ورھاڱي کان ئي وڏو نالو ڪڍيو، شروعاتي طور تي نواز علي نياز کان رھنمائي حاصل ڪئي پر مٿس رنگ ڪشنچند بيوس جو رھيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ جهنڪار، پرواز، سرخ گلاب، سرها خواب، مان ازل جي اُڃ آهيان، تون ساگر مان لهر، آئينا ۽ عڪس، سج لهڻ تي آ وغيره شامل آهن، ھن 17 ڊسمبر 2012ع تي وفات ڪئي

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!