ڪمار شاهاڻي (7 ڊسمبر 1940 – 24 فبروري 2024)

لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڀارتي فلم انڊسٽري جو مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪمار شاهاڻي هندستاني متوازي سئنيما جي بانيڪارن مان هڪ هو.
ڪمار شاهاڻي جو ڪيريئر 6 ڏهاڪن تي پکڙيل رهيو، جنهن ۾ هن 1972ع جي فلم ’مايا درپن‘ سميت ڪيترين ئي فلمن جي هدايتڪاري ڪئي. ڪمار شاهاڻي جي فلم ’مايا درپن‘ کي 1973ع ۾ انڊيا جي بهترين فيچر فلم جو نيشنل فلم ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.
7 ڊسمبر 1940ع تي پاڪستان جي شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڪمار شاهاڻي فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪئي. شاهاڻي 1958ع کان 1962ع تائين پوليٽيڪل سائنس ۽ تاريخ جو اڀياس پڻ ڪيو. هن فرانس ۾ پڻ فلمسازي جي اعلا تعليم حاصل ڪئي، جتي هن کي جڳ مشهور فرينج فلم ساز رابرٽ برينسن ۽ اٽالين فلم ساز رابرٽو روسيليني سان ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا. جن هن جي پروفيشنل مهارتن تي وڏا اثر ڇڏيا.
مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي به بالي ووڊ ۾ هڪ استاد ۽ سئنيما نظريه نگار جي حيثيت سان هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. فلمسازي سان گڏوگڏ هن جي ھڪ دانشور واري حيثيت به ڄاتل، سڃاتل ۽ مڃيل آهي.
شاهاڻي پوىنرن ۾ پنهنجي گهر واري روشن شاهاڻي سوڳوار ڇڏي آهي. کين ٻن نياڻين جي اولاد آهي. سندن هڪ ڌيء  ڊاڪٽر اترا شاهاڻي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. ڏکڻ ايشيا، ورهاڱي وقت ٿيل لڏپلاڻ، بيٺڪي راڄ ۽ انکانپوء جون تبديل ٿيندڙ سرحدون ۽ سنڌي ڊائسپورا ڪميونٽي هن جي تحقيقي ڪم جا موضوع آهن. هن جا ڪيئي ريسرچ آرٽيڪل دنيا جي معتبر جرنلن ۾ ڇپبا رهن ٿا. ساڳي وقت ڊاڪٽر اترا عالمي سطح جي ڪانفرنسن ۾ پڻ شريڪ ٿي پنهنجو علمي ۽ تحقيقي ڪم پيش ڪندي رهندي آهي. سندن ٻي نياڻي رويتا شاهاڻي آرٽسٽ آهي، جنهن جي فن پارن جون نمائشون  عالمي طور تي ٿينديون رهن ٿيون.

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!