اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو تہ ڏٺو ناھي
سـندس روپ سـندس رنگ ايئن آھي جيئن تون
لطيف ثاني جي لقب سان مشھور سـنڌ جي عظيم شاعر، نثر نويس، ۽ دانشور شيخ مبارڪ المعروف شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، ھن قانون جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو، ھن ڪھاڻيون به لکيون، ترجما به ڪيا ۽ ٻيو نثر به لکيو پر سندس سڃاڻپ ھڪ وڏي شاعر جي آهي، سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1946ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’’ڀنور ڀري آڪاس‘‘ 1962ع ۾ شايع ٿيو، جنھن تي 1964ع ۾ حڪومت پابندي لڳائي ڇڏي، سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’’ڪلھي پاتم ڪينرو‘‘ 1963ع ۾ ڇپيو، ھن مجموعي تي به 1968ع ۾ پابندي لڳي، شیخ ایاز اردو ۾ به شاعري ڪئي، سندس اردو شاعري جي مجموعن ۾ (بوئے گل نالۂ دل، کف گلفروش اورنیل کنٹھ، نیم کے پتے ۽ حلقہ مری زنجیر کا) شامل آهن، شیخ ایاز شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو به ڪيو، شیخ ایاز جي نثري مواد ۾ سندس خطن جو مجموعو، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، مضمونن جو مجموعو، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، يادن جو مجموعو، ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ۽ ساھيوال جیل جي ڊائري ۽ آتم ڪٿا ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر قابل ذڪر آهن، کيس شھيد ذوالفقار علي ڀٽي 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر مقرر ڪيو، شيخ اياز 28 ڊسمبر 1997ع ۾ ان جي وفات ٿي ـ