ويڙھو آر. پرسواڻي

ويڙھو آر. پرسواڻي عرف “ورڙھو رفيق“ 15 نومبر 1941 تي سکر ۾ ڄائو ۽ ورهاڱي کان پوء وڏڙن سان لڏي وڃي انڊيا ۾ آباد ٿيو. سرڳواسي اتي احمدآباد ۾ رهندو هئو. هن بي. اي تائين تعليم ورتي ۽ ادبي کيتر ۾ هڪ اداڪار هدايتڪار ڪهاڻيڪار شاعر ۽ ناٽڪنگار طور پاڻ مڃرايائين. هن کي 1960 ۾ بهترين اداڪار طور انعام پڻ مليو.1962 ۾ احمدآباد ۾ “ سنڌو ڪلاڪار منڊل“ جو چندر ساوناڻئ ارجن ڀمڀاڻئ ۽ گورڌن تنواڻئ سان گڏجي پايو وڌائين. هن منڊل ڪيترائي ناٽڪ اسٽيج ڪيا.
سرڳواسي ڪيترو وقت آل انڊيا ريڊيو احمدآباد جو سنڌئ ۽ هندئ ۾ انائوسر ٿي رهيو. هن کي گجراتي ۽ اڙدو تي بہ مهارت حاصل هئي. (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ)

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!