غلام رسول سھتو وفات: 3 اپریل 2021

سنڌ جو مشهور ليکڪ، صحافي، کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياستدان، پورھيت / ھاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سھتو 8 آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ علي نواز سھتو، محراب پور ۾ ڄائو، ھن جي سڄي زندگي جدوجهد ڪندي گذري، ھن پنھنجي سياسي، سماجي زندگيءَ جي شروعات ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان ڪئي، ھن ون يونٽ مخالف، ايم آر ڊي تحريڪن سميت مختلف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو، جيل ۾ به رهيو، سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين، سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان اليڪشن به وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، ھن مختلف موضوعن تي لکيو، صحافي رھيو، روزاني اخبار “سنڌ” جاري ڪيائين، ھن 3 اپريل 2021ع تي وفات ڪئي..

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!