نالی وارو عالم دین، محقق، ليکڪ علامہ غلام مصطفی قاسمي 24 جون 1924ع تي ڳوٺ رئیس ڀنڀو خان چانڊيو تعلقي میرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعلیم مولانا فتح محمد سیراڻي ۽ مولانا خوشي محمد میرو خاني کان حاصل ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دارالعلوم دیوبند ھليو ويو، جتي ھن کي مولانا عبیداللہ سنڌي ۽ مولانا حسین احمد مدني کان ڪافي علم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، دیوبند مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ھن سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، سنڌ یونیورسٽي ۽ مظهر العلوم ڪراچي ۾ درس تدريس جا فرض انجام ڏنا، ھي شاہ ولی اللہ اڪيڊمي حیدر آباد جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جامشورو جو چیئرمین به رھيو، 1977ع کان 1989ع تائين مرڪزي رویت ھلال ڪميٽي جو چیئرمین رهيو، علامہ غلام مصطفی قاسمي کي حدیث، فقہ، تفسیر ۽ منطق تي عبور حاصل هو، سندس تحقیقي ۽ علمي تصنيفن جي فھرست تمام ڊگهي آهي، ھن شاگردي واري زماني ۾ علم منطق تي (مفید الطلبہ) جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو جيڪو هن وقت به مختلف مدرسن جي نصاب ۾ شامل آهي، ھن شاہ عبداللطيف ڀٽائي تي به ڪافي ڪم ڪيو، ھن جي تصنيفن ۾ قرآن ۽ رسول تي ڪم به شامل آهي، ھن سنڌي جي بنیادي لغت به ترتيب ڏني، ھن 9 ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي..
علامہ غلام مصطفی قاسمي

Share this article
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025
Featured Categories
More News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.
April 18, 2025