Letters From Foreign Scholars
پرڏيهي عالمن جا خط (19 نومبر 1979)
سي. ڊبليو. هسڪل
چارلس وليم هسڪل 7، اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ ، انگلنڊ ۾ ڄائو. هن صاحب تعليم نيوزيلينڊ مان ورتي، جتان ڊائو ينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائيسنشيئيٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيائين.
چارلس وليم هسڪل 1930 ع ۾ “چرچ مشنري سوسائٽي’’ جي ڪارڪنن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو. پاڻ 1933 ع کان وٺي “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، ان کان پوءِ “گرامر اسڪول ڪراچي’’ جو پرنسپال ٿيو. 1955 ع ۾ نيوزلينڊ هليو ويو، ۽ هاڻي اتي رهي ٿو.
چارلس وليم هسڪل ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمه ڪيا. ۽ انهي موضوع تي سنڌي ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيائين. هن صاحب سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هو، ۽ سڌيءَ- انگريزيءَ لغت مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ هندو اديب (؟) جي وڏي مدد ڪئي.
چارلس وليم هسڪل “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. انهيءَ سوسائٽي ۽ هسڪل جي معلومات مونکي پنهنجي تحقيقي ڪم لاءِ گهربل هئي، ان ڪري مون آر. اي. ڪارسن کي ساڻس رابطي قائم ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هو. هسڪل صاحب انهيءَ سلسلي ۾ مون ڏانهن هڪ خط، لکيو، جو هيٺ ڏجي ٿو.