سترام روهڙا

سترام روهڙا (راڳي): ڀارت ۾ رهندڙ ناميارو سنڌي گائڪ، ڪلاڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر سترامداس روهڙا، 16 جون 1939ع تي سکر ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان اسٽيج تي اداڪاريءَ جو شوق رهيو. هي سٺو گائڪ به آهي. هن ڀارت ۽ پرڏيهه ۾ ڪافي سنگيت پروگرام ڏنا آهن.
هن ڪيترين سنڌي فلمن ۾ ڊائريڪشن ڏني، تن ۾ ’هل ته ڀڄي هلون‘ (1984ع)، ’شيرا ڊاڪو‘، ’جئه سنتوشي ما‘ وغيره شامل آهن.
سترام روهڙا ’جهوليلال‘ ، ’تن کي ساگر ٻوڙيندڙ‘، لاڏلي‘، ’هل ماريا گهوٽ پيءُ‘، ’سنڌؤَ جي ڪناري‘، ’سس منهنجي ساڙيلي‘، ’پئسي تي زمانو‘، ’هو جمالو‘ (فلم)، ’گهوٽ جو پيءُ نچي ڙي‘ ۽ همٽي ٽمٽي‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ (فلم)، ’جي تون جوان آهين‘، ’پهريون پيار‘، ’آيو بيهن وارو‘، ’کيل تماشو‘ ۽ آئي آئي رات مستاني‘ فلمن ۽ ناٽڪن ۾ گانا ڳاتا اٿس.
هن ’ڪلاڪار منڊل‘ جي بينر هيٺ ڀڳونتي ناواڻيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ سنڌي ڀڳت جا البم به ٺاهيا.
سترام روهڙا جون ڳايل گيتن جون 3 ڪئسيٽون پڻ TIPS ڪمپنيءَ رليز ڪيون آهن.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!