ريٽا شهاڻي

✍🏻ڊاڪٽر سنڌيا ڪندناڻي
ڪهاڻيڪار مضمونگار ناول نگار ۽ شاعرا ريٽا شهاڻيءَ جو جنم هڪ تعليم يافت ڪٽنب ۾  24 آگسٽ 1934 تي حيدراباد سنڌ ۾ ٿيو. ريٽا جو پتا عالمچند اُڌارام
موسيقيءَ جو چاهڪ هو.هو ڳائيندو ۽ وڄائيندو هو.
جڏهن ت سندس چاچو منگهارام ملڪاڻي جيڪو سنڌي نثر جو عالم ۽ ايڪانڪي ناٽڪن جو ابو منگهارام ملڪاڻي هو. اهڙي خوشنما ۽ ادبي ماحول ۾ ريٽا جي پرورش ٿي. هيءَ اڃا 15 سالن جي مس ٿي جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ لکنو ۾ رهيا.
1957 ۾  هن جي شادي وشنو شهاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾  ٿي. ۽ ڪجه سالن کانپوءِ هو پوني ۾ وڃي رهيا.
ريٽا شهاڻي ٻ دفعا سنڌ جو سفر ڪري آئي ۽  اُتان اچي هن “جتي منهنجا اوٺيئڙا” جو سفرنامو قلم بند ڪيو.
ريٽا شهاڻي جي شخصيت ت تمام وشال آهي.
جنهن جي ساهتڪ پونجي اُنجي شاندار ۽ وشال شخصيت جي گواهي ڏيندا.
  هت مون تمام تمام ٿوري ۾ روشني وڌي آهي.
سنڌي ادبي کيتر جي ايتري مهان ليکڪا ريٽا شهاڻي
15 سيپٽمبر 2013 ۾ هي سنساري سفر تياڳيو پر پوءِ هوءَ اڄ ب ساهتڪ کيتر ۾ ڇانيل آهي. ۽ ساهتڪارن جي دل ۾ وسيل آهي.
ريٽا شهاڻيءَ جي ساهتڪ پونجي
*پنک وڄائين شنک – شاعري 1982
*منهنجي حد آڪاش – شاعري 1984
*ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ – ناول1985
*کٿوريءَ جي کاڻ- سفرنامو: 1986
*گيت رامايڻ -مرهٽي – ترجمو 1987
*سوريه ياترا – شاعري1987
*منع ٿيل ميوو- ڪهاڻيون 1988
*سج کان چنڊتائين -ناول 1989
*سڄاڻ جون سمرتيون – منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح 1990
*پرهه جا پياڪ -ناول 1991
*پچڻ کي پچاءِ- ڪهاڻيون: 1992
* گھنڊ ڄاڻ وڳو- آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993
*ٻپهريءَ جا ٻه پل -آتم ڪٿا ڀاڱو ٻيو: 1994
*ڇُهي مُئي – ناول 1995
*ارٽ جو آواز- شاعري 1996
*ببليءَ جون آکاڻيون- ٻاراڻو ادب: 1996
*لپ ڀر مهراڻ – مضمون: 1997
*سوال ئي سوال – ڪهاڻيون: 1998
*يرودا جيل جون ڪهاڻيون- سوانح: 2000
*جيون ۽ ساهت – مضمون 2001
* گونگي گگن سان گفتگو -ناول 2001
*ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ- مڪالماتي گفتگو 2002
*جتي منهنجا اوٺيئڙا -سفرنامو 2004
*ترڪڻا ترورا-ناول 2004
*رشتن جو رقص- ڪهاڻيون 2008
*ست سر، سترنگ ناول 2008
*اڪٿ ڪهاڻي ڪبير- سوانح: 2008
*سفر در سفر- سفرنامو: 2010
*روبرو -سوانح: 2012
*بي زبان زبان -ناول2010
*جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ -دادا جشن جي سوانح 2008
*ٻيپهريءَ جا ٻه پل – آتم ڪٿا ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل  2004
کيس هيٺيان
ريٽا شهاڻيءَ کي مليل انعام مان سنمان
*ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ – سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ-  1987
*ٻپهريءَ جا ٻه پل- بيسٽ سنڌي سڀا- 1994
*برک ليکڪا انعام – اکل ڀارت سنڌي ٻولي۽ ساهت سڀا – 1997
* آر. جي. آڏواڻي ٽرسٽ پاران هڪ لک روپين جو انعام 1998
*رنگريزوا (هندي ڪتاب ) – گديه سرجن پرسڪار –
– انتر راشٽريه سنسڪرتي ڪلا پريشد- 1999
 *برک سنڌي ساهتڪار – مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊمي-  1998
*ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ -2000
*نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ طرفان ٻ دفعا اوارڊ  2000 ۽ 2008
*سنڌوسڀا ۽ جئسر ٽرسٽ پاران اوارڊ 2012
 *اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا اوارڊ – 2012

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!