بخشل فقيرمڱڻهار

هيء شخصيت جوهيء جي تاريخ جوهڪ اهم ڪردار آھي،1915ع ۾ جنم وٺندڙ ھن صوفي شاعر ۽ موسيقار سنڌيء ۾ ڪافي ڪلام چيو آھي، ڪافي ۽ ڏوهيڙي سان گڏ نظم جي صنف  تي به سندس طبع آزمائي ٿيل نظر اچي ٿي.
سندس مشھور نظم جيڪو هن ذوالفقار علي ڀٽو جي اليڪشن کٽڻ جي خوشي ۾ لکيو هيو ته:، ( اچي وئي شير جي منزل گدڙ لومبڙ ڀڄي ويندا) اڄ به خاص ۽ عام ۾مشھور ۽ مقبول آھي ۽ اڄ به جيڪڏهن ڪو ظالم ،جابر ۽ فاشسٽ طاقتن سان ٽڪرائي سوڀ ماڻي ٿوته مرحوم بخشل فقير جي نظم جي اها سٽ دهرائي وڃي ٿي. سندس شاعري ۾ هر صنف خاص طور مرثيه، منقبت، غزل ۽ ڪافيون ملن ٿيون.
سنڌي ادب جي نامياري محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب {سنڌي موسيقي جي تاريخ } ۾ لکيو آھي ته بخشل زنگيشاهي ڪبت ۽ ٺمري جو تمام گهڻو ڄاڻو هيو ،افسوس جو سندس ڪلام ڇپجي منظر عام تي اچي نه سگهيو آھي.
هن 1981ع ۾ وفات ڪئي ،هن جيڪا علم ،ادب ۽ فن جي لاٽ روشن ڪئي ،ان جي روشني ڪڏهن به مرڻي ناهي

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!