ابوالفضل

 ويٺل هو. 6 محرم 958هه/ 14 -جنوري- 1515ع ۾ ڄائو. پنهنجي والد شيخ مبارڪ کان -تعليم- ورتائين. مضمون جي صنف ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. 981هه/1573ع ۾ اڪبري درٻار سان وابسته ٿيو. تحرير جي ڪمال ۽ خلوص سبب خاص صلاحڪار مقرر ٿيو، پر هن جو عهدو -ٽن- هزار سپاهين جي سالار کان اڳتي نه وڌيو. -اڪبر بادشاهه- جڏهن ’دين الاهي‘ جوڙيو ته -ان- آزاد خيال دين جي سماجي، معاشي، اقتصادي ۽ زندگيءَ جي مختلف رُخن جي قانونن جوڙڻ ۾ هن رهنما جو ڪردار ادا ڪيو. -اڪبر بادشاهه- آخري دؤر ۾ هن کي حيدرآباد دکن موڪلي ڇڏيو، جتان واپسيءَ تي، شهزادي سليم جي مرضيءَ موجب هڪ نوڪر ’ٻنڌيله رئيس‘، گواليار کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي انتري وٽ ربيع الاول 1011هه/22 -آگسٽ- 1602ع ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو. سندس بنا منڍيءَ وارو لاش آگري ۾ دفن ٿيو. ابوالفضل جي تصنيفن مان ’اڪبر نامو‘(3جلد)، ’آئين اڪبري‘، ’انشاء ابوالفضل‘ (ٽي مجموعا) مشهور آهن. ’عيار دانش‘ به هن جي -تصنيف- ٻڌائي وڃي ٿي. فارسي تحرير ۾ اڄ به هن کي ساراهيو وڃي ٿو. هيءُ -اڪبر بادشاهه- جي نون رتنن مان هڪ هو.
سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ ٿورن سان

Share this article

Subscribe

By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.

Featured Categories

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

error: Content is protected !!