ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”تون پڻ ناهين جهان ري !!“

اسان جي ڏاهن ۽ اڪابرن صدين کان وٺي سنڌ واسين کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ ڄاڻڻ جا درس ڏنا آهن. انهيءَ جو منطق ۽ روحاني  راز اهو ئي هئو ته هو ڀليءَ ڀت ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن فرد نه ٺهيو ته قوم ڪا نه ٺهندي. اهي قومون ئي دنيا جهان ۾ ڳاٽ اوچو ڪري پاڻ بچائينديون ۽ نڀائينديون ۽ اڳتي وک وڌائينديون آهن، جن ۾ بهتر مثالي ۽ مڪمل انسان گهڻا هوندا آهن. جيڪڏهن انسانن بدران ماڻهن جا پاڇا ئي پاڇا هنڌين ماڳين هوندا ۽ نظر ايندا ته انهن اونداهيءَ جي اولڙن مان اجتماعي روشن مستقبل جي روشني يا روشنيءَ جا ڪرڻا نظر نه ايندا.

اسان پڻ انهيءَ نازڪ دور مان گذري رهيا آهيون، جن ۾ ماڻهو ته گهڻا آهن، پر انسان گهٽ آهن. اسان جي تعليمي نظام، مڙهيل ثقافتي ۽ نظرياتي قدرن، سماجي صورتحال ۽ سياسي اصولن ۾ اها جان ئي نظر نه ٿي اچي، جنهن ڪري فرد-سازي مثبت انداز ۾ ٿئي. ان ڪري اسان مطلب-پرستن، مفاد-پرستن ۽ گروهه- نوازن جي ور چڙهي ويا آهيون، بلڪه انهيءَ رنگ ۾ پاڻ به ريٽا ٿيندا پيا وڃون. اسان جي ڀاڙيتو ڏاهن ۽ مدبرن کان جهڙوڪ اها ڏات ئي رسي وئي آهي ۽ سندن لفظن خواهه خيالن مان اهو اثر ۽ جادو ئي موڪلائي ويو آهي، جنهن ڪارڻ اسان پاڻ سڃاڻون ۽ ماڻهوءَ مان انسان ٿي سگهون.

اسان جيڪڏهن پاڻ ۾ گم ٿي وڃون ته واهه واهه، پر اسان پنهنجي مطلبن، خدشن، وهمن، نفرتن ۽ حسرتن ۾ گم ٿي ويا آهيون. سو به الائي ڪٿي گم ٿي ويا آهيون. جڏهن ته اسان پاڻ جهان آهيون ۽ هن هيڏي ساري جهان جو اٽوٽ حصو آهيون. اسان جهان کانسواءِ ڪجهه به ناهيون ۽ جهان اسان کانسواءِ جهڙوڪ اڌورو ۽ اڻپورو آهي.

ڪوئي ڪونهي جو اسان کي ٻڌائي ته اسان جانورن وانگر فقط پاڻ لاءِ ناهيون. اسان جي تن من ۾، اسان جي روح وجود ۾، اسان جي لياقتن ۽ صلاحيتن ۾ ساري جهان جو حصو آهي. ايڊيسن بلب ٺاهيو، اهو فقط هن لاءِ ڪو نه هئو. هو اڄ جهان ۾ ڪونهي، پر سندس لياقتن ۽ صلاحيتن مان هي جهان فائدو وٺي رهيو آهي. اهڙيءَ ريت هر عظيم انسان، ڏاهي انسان، سپوت ۽ سچي انسان، وفادار ۽ ايثادار ۽ محبتي ماڻهونءَ جا ڳڻ ۽ ڪارناما قيامت تائين انسان ذات کي ڪم ايندا آهن ۽ اچڻا آهن. ان ڪري ڪير ته هجي جو اسان کي سمجهائي ته اسان پاڻ ته آهيون، مگر پاڻ لاءِ ناهيون، هن ساري جهان مان آهيون ۽ جهان جا آهيون. جيڪڏهن جهان اسان سان ناهي ته ڇا ٿيو؟ اسان کي جهان جي ٿيڻ ۾ ڪير ٿو روڪي؟ جيڪڏهن جهان يا ڪوئي قبول نه ٿو ڪري ته ڇا ٿيو؟ ڪهڙو آسمان ڪرندو؟ اسان ڇو نه ڪنهن کي ۽ هن ساري جهان کي قبوليون؟

اسان جيڪڏهن پاڻ کان ئي پري ٿي وينداسين ته ڪنهن جي ۽ جهان جي ويجهو ڪيئن اينداسين؟ اسان پاڻ سڃاڻينداسين ته پاڻ کڻي سگهنداسين. جيڪڏهن پاڻ کڻي سگهنداسين ته پوءِ باقي جهان پاڻ سان گڏ کڻي سگهنداسين. اسان  کي نه ته پاڻ کان پري ٿيڻو آهي ۽ نه وري جهان کان پري ٿيڻو آهي. هر اهو عاقل اسان سان دشمني ٿو ڪري جيڪو اسان کي راهب بڻائي دنيا جهان کان الڳ ٿلڳ ڪري ٿو. اسان ڪنهن کان الڳ ناهيون، نه پاڻ کان نه جهان کان.

جڏهن چئون ٿا ته ”هي حسن منهنجو آهي ۽ هي عقل منهنجو آهي“، ”هي تن ۽ ڌن منهنجو آهي“ ته ان جو مطلب ٿيو ته ”هي منهنجو ۽ هي تنهنجو“ واري نظريئي سان اسان ٻين سان ۽ جهان سان وحدت واري رشتي کي ٽوڙيون ٿا. جڏهن ته اسان جو نظرياتي روپ اهڙو هجي جو دل ۽ دماغ مڃڻ لاءِ تيار هجن ته ”سڀ ڪجهه اسان جو آهي ۽ اسان سڀ ڪنهن جا آهيون.“ ڇو ته اسان ڪائنات جو اٽوٽ حصو آهيون. ڪائنات، سماج ۽ قوم جو اڻ-مٽ رنگ آهي، پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن جو ڪارج وارو روپ آهيون. بيڪار نه آهيون ۽ نه وري ڪا فالتو مٽي هئي، جنهن مان ڪنهن مقصد کانسواءِ اسان کي جوڙيو ۽ ٺاهيو ويو. اسان مقصد سان هن جهان ۾ آيا آهيون.

هيءَ وقت جي تقاضا آهي ته اسان احساس ڪمترين جا لبادا ڦاڙهي، منهنجي ۽ پنهنجي جي آپ-گهاتي سوچن مان ٻاهر نڪري، ڳاٽ اوچو ڪري اڪيلائي ۽ ويڳاٻائي جي قبرستانن جي ڪنڊن مان ٻاهر نڪري، هن جهان جا چنڊ ستارا بڻجي پئون. ورنه بي رونقون اسان کي، اسان جي معاشري کي، اسان جي قوم کي ۽ پوريءَ ڪائنات کي وڪوڙي وينديون. اچو ته اها ڳالهه دل سان مڃون ۽ ان تي عمل ڪريون ته اسان جهان مان آهيون، جهان اسان مان آهي بلڪه اسان جهان آهيون.

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes