1946ع

ديپچندر تلوڪچند، حيدرآباد ۾ ”نيوجيون ساهتيه منڊل“ نالي اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنهن جو دفتر ڪوڙو جمعدار روڊ تي هو، 1947ع تائين هن اداري ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا، جن مان ”ڪانگريس ڪهاڻي“، ”راجپوتي ڪهاڻيون“، ”آزاد هند“، ”انقلابي“، ”استري سنسار“ ۽ ”سڀاش چندر بوس“ ذڪر لائق آهن، ان کان سواءِ هن منڊل طرفان ”نيو جيون“ نالي سان رسالو به جاري ڪيو ويو.

1946ع

قمبر علي خان ۾ ديني درس و تدريس کي جاري رکندڙ ۽ آخر ۾ شهدادڪوٽ ۾ حڪمت ڪندڙ مولوي حڪيم غلام صديق فاضل ديو بند وفات ڪري ويو، سندس جنم 1312هه ۾ ٿيو، پاڻ ڪيترو وقت ”قمبر خلافت ڪاميٽي“ جو صدر ٿي رهيو، ان کان پوءِ ”جمعيت العلماءِ سنڌ“، ”ڪانگريس“ ۽ ”جمنا نربدا ساگر پارٽي“ ۾ سرگرميءَ ۾ حصو ورتائين.

9 جنوري 1946ع

هوند راج بلواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، پاڻ اڃا ابهم ٻار هئو جو 1947ع جو ورهاڱي جي نتيجي ۾ کيس پنهنجن وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هي اڄ ڪلهه احمد آباد ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور لکيڪن، شاعرن، اداڪارن، هدايتڪارن ۽ مصورن ۾ ٿئي ٿو، ٻاراڻي ادب جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اٿس، سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ هو ڪيترن رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

11 جنوري 1946ع

سنڌ مسلم ليگ جي عارضي صدر محمد هاشم گذدر هڪ وضاحتي بيان جاري ڪيو ۽ جنهن ۾ هن ٻڌايو ته محترم جي ايم سيد کي مسلم ليگ جي سڀني عهدن تان خارج ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن ايندڙ چونڊن لاءِ جيڪي ٻارنهن اميدوار بيهاريا آهن، تن کي حقيقي مسلم ليگ جي ڪا به حمايت حاصل ڪا نه آهي.

12 جنوري 1946ع

آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر محمد علي جناح، يوسف هارون ڏانهن تار موڪلي سنڌ جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ جي ايم سيد جي خلاف آزاد اميدوار شهمير خان ڪاڇي جي مدد ڪن.

20 جنوري 1946ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو جنهن لاءِ طرح هئي:

”لک لک گذارشون ٿو ڪيان هر نگاهه ۾“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ شايع ٿيو.

21 جنوري 1946ع

سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، جن ۾ مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21، ترقي پسند جي ايم سيد گروپ 4، قوم پرست مسلمانن 4، يورپين 3 ۽ مزدورن 1 سيٽون کنيون.

29 جنوري 1946ع

سنڌ اسيمبلي لاءِ ٿيل چونڊن جي ڳڻپ شروع ٿي.

23 مارچ 1946ع

”ڪئبينيٽ مشن“ ڪراچيءَ پهتو.

1 اپريل 1946ع

لاڙڪاڻي ۾ ”ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ جي موقعي تي ”جمعيت الشعراء سنڌ“ قائم ڪئي وئي، جنهن جا هن ريت عهديدار چونڊيا ويا:

شيخ ابراهيم ”خليل“ (صدر)، رئيس ضياءَ الدين ”ضيا“ (نائب صدر)، عبدالفتاح ”عبد“ (نائب صدر)،. حاجي محمود ”خادم“ (جنرل سيڪريٽري)، سرور علي ”سرور“ (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ غلام احمد ”نظامي“ (ايڊيٽر9، پهريان ڏهه سال ”خليل“ هن تنظيم جو صدر رهيو ۽ پوءِ مخدوم محمد زمان طالب موليٰ ان جو صدر ٿيو.

16 اپريل 1946ع

اڌرام ڪيولرام ممتاڻي ”انپڙهه“ گمبٽ ۾ چائو، اڃا ٻار ئي هئو ته هن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ هن کي وڏن سان گڏجي وڃي ڀارت وسائڻو پيو، هن اتي ئي ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهايو.

20 اپريل 1946ع

لاڙڪاڻي ۾ ”ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي، هن ڪانفرنس جي مرحبا ڪاميٽي جو چيئرمين ميان غلام عباس قادري ۽ سيڪريٽري عبدالفتاح ميمڻ هو، ڪانفرنس جون ٽي نشستون ٿيون، جنهن ۾ طرحي مشاعرو به هو، ان لاءِ طرح هئي:

”ڪو زمانو هو جو مون تي ناز هو تلوار کي“

لاڙڪاڻي جي مڙني شاعرن ۽ اديبن کان سواءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.

20 اپريل 1946ع

ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، سنڌي سڌار سوسائٽي جي سهاري هيٺ لاڙڪاڻي ۾ ٿي، ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ڪئي، ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽي جو چيئرمين ميان غلام عباس قادري ۽ سيڪريٽري عبدالفتاح هو.

ڪانفرنس جون ڪل ٽي نشستون ٿيون، پهرين نشست صبح جو اٺين وڳي ٿي، جنهن ۾ مرحبائي ۽ صدارتي تقريرون ٿيون، هن نشست ۾ ڊاڪٽر خليل، غلام احمد .”بيم“، رشيد احمد لاشاريءَ، محمد خان جتوئي، احسان بدوي ۽ محمد بخش واصف پڻ مختلف موضوعن تي تقريرون ڪيون.

ٻي نشست شام جو پنجين وڳي ٿي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ بابت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، ٽين نشست جيڪا رات جو ٿي، جنهن ۾ مشاعرو ٿيو، هن مشاعري جي مصرع طرح هئي

”ڪو زمانو هو جو مون تي هو ناز تلوار کي“

هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين اديب ۽ شاعر اچي شريڪ ٿيا.

20 مئي 1946ع

شهدادڪوٽ جي بزرگ ميان غلام صديق جي ڀاڻيجي ۽ سندس وفات کان پوءِ درگاهه جي سجاده نشين ميان محمد نصيرالدين ولد ميان عبداالعليم ميڪڻ جو شهدادڪوٽ ۾ جنم ٿيو، هن دين ۽ دنيا جي تعليم ورتي ۽ انگريزي استاد ٿيو، شاعري ڪيائين ۽ ڪجهه ڪتاب لکيائين، سندس وفات 1977ع ۾ ٿي.

2 جون 1946ع

خواجه محمد حسن جان ولد خواجه عبدالرحمان سرهندي، پنهنجي تر جو برزگ ۽ عالم، ڪتاب بينيءَ جو شوقين ۽ عربي خواهه فارسيءَ جي ڪن ڪتابن جو منصف ٽنڊو سائينداد ۾ وفات ڪري ويو.

16 جولاءِ 1946ع

پي ڊبليو ڊيءَ جي وزير خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ماليات جي سابق وزير ”سنڌ جي سياست“ جي موضوع تي شاگردن کي ليڪچر ڏنو، انهيءَ ليڪچر جي تفصيلي ڪاروائي ۽ صدر جي خطبي جو اختصار ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

20 جولاءِ 1946ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”شهيد ناز جي تربيت تي بار بار نه آءُ“

مشاعري جي لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب اڳتي هلي”اديب سنڌ“ رسالي ۾ شايع ٿيو.

21 جولاءِ 1946ع

سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ٿيون، جنهن ۾ جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ جي مخالفت باوجود بنان مقابلي چونڊجي آيو، هنن چونڊن جو پارٽيءَ وارو نتيجو هينءَ بيٺو:

مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21، جي ايم سيد گروپ 4، قومپرست مسلمان گروپ 4، يورپين 3.

16 آگسٽ 1946ع

آل انڊيا مسلم ليگ طرفان ”ڊائريڪٽ ائڪشن ڊي“ سموريءَ سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ملهايو ويو، مسلم ليگ جي سڏ جي موٽ ڏيندي ماڻهن دڪان ۽ ڪاروبار بند رکيو ۽ هڙتال ڪئي.

20 سيپٽمبر 1946ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”پوئتي هو ڪوه مون کان ڪاروان رهجي ويو“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب اڳتي هلي ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ شايع ٿيو.

26 سيپٽمبر 1946ع

سنڌ ڪانگريس طرفان ”گانڌي جينتي پروگرام“ تي عمل ڪيو ويو، هي پروگرام ٻي آڪٽوبر تائين هليو.

26 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر 1946ع

هند ۽ سنڌ جيان لاڙڪاڻي جي ڪانگريس ڪاميٽي ”گانڌي جينتي“ هفتو ملهايو، جنهن ۾ مختلف هنڌن تي پورو هفتو ”پرڀات ڦيري“ ”جهنڊي جي سلامي“ ۽ پبلڪ ميٽنگ جو بندوبست ڪيو ويو.

29 سيپٽمبر 1946ع

ميهڙ ۾ بزم مشاعره صوفي ۽ بزم بلبل جي گڏيل ڪوششن سان مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي مصرع هن طرح هئي:

”اڄ فقط بلبل نه پر خود باغبان چڪر ۾ آهه“

7 آڪٽوبر 1946ع

تعلقي ميهڙ جو ناميارو زميندار، سالن جا سال ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ خانبهادر محمد پريل ولد ميان قادر بخش گذاري ويو.

18 آڪٽوبر 1946ع

هدايت الله ولد غلام رسول منگي ٻلهڙيجي ۾ ڄائو، ڏهه سال پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ پوءِ صحافت جي دنيا سان لاڳاپو رکيائين، سندس شمار سٺن صحافين ۽ نقادن ۾ ڪري سگهجي ٿو.

19 آڪٽوبر 1946ع

غلام احمد نظامي جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”سنڌي بزم ادب“ طرفان مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن شاعرن شرڪت ڪري پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، ڪراچيءَ جي هيءَ ادبي تنظيم 1923ع کان 1947ع تائين فعال رهي، ان طرفان ڪيترائي مشاعرا ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا.

20 آڪٽوبر 1946ع

سنڌي سڌار سوسائٽي، لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”جا سهي صدما اها سا دل ڪٿي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

2 نومبر 1946ع

غلام احمد ”نظامي“ جي صدارت هيٺ ”سنڌي بزم ادب“ طرفان مشاعرو ٿيو، حافظ احمد قرآن مجيد جي تلاوت ڪئي ۽ محمد حسين ”شيرو“ عبدالڪريم ۽ ”غني“ نظاميءَ ۽ ٻين مقامي شاعرن ڪلام پڙهيو.

12 ڊسمبر 1946ع

سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ٿيون، هنن چونڊن ۾ 34 سيٽون مسلم ليگ حاصل ڪيون ۽ هڪ سيٽ آزاد اميدوار سردار کوسي کي ملي، جيڪو پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو، جي ايم سيد جو مقابلو قاضي محمد اڪبر ڪيو، هن چونڊ ۾ جي ايم سيد هارايو ۽ قاضي محمد اڪبر ڪامياب ٿيو.

18 ڊسمبر 1946ع

رتن چتنداس ليلاڻي ”دلبر“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، پاڻ اڃان ابهم ٻار هئو جو سندس وڏا 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت ۾ ويٺا، هي پاڻ بمبئي ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، هن جي شايع ٿيل ڪتابن مان ”فٽ پاٿ“ (1966ع)، ”ستيم شوم سندرم“ (1967ع) ۽ ”ترانا“ (1971ع) ذڪر لائق آهن.

Good Wishes