31 جنوري 1945ع

”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”باعمل ٿي روز شب رک ملڪ ملت جو خيال“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

21 فيبروري 1945ع

مسلم ليگ جي مجلس عمل جي ٽن ميمبرن چوڌري خليق الزمان، نواب اسماعيل خان ۽ قاضي عيسيٰ جي موجودگيءَ ۾ سنڌ مسلم ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جي ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جي ايم سيد ۽ غلام حسين هدايت الله جي باهمي اختلافن تي غور ڪيو ويو ۽ وزير اعليٰ سر غلام حسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.

24 فيبروري 1945ع

جي ايم سيد گروپ جي ڪوششن سان سنڌ اسيمبلي ۾ سر غلام حسين وزارت کي شڪست آئي، انهيءَ کان اگاهه ڪرڻ لاءِ ساڳئي ڏينهن تي جي ايم سيد محمد علي جناح کي تار موڪلي، انهيءَ تار جو متن هئو ته:

”سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جي 28 ميمبرن مان 15 ميمبرن لکيل تقاضا ڪئي ته موجود وزارت هلندڙ اجلاس ۾ ئي ڊهڻ گهرجي، انهيءَ طلب جي بنياد ۽ فيصلي موجب جنرل ايڊمنسٽريشن جي سپليمينٽري گرانٽ ۾ هڪ روپيو ڪتر جي رٿ آندي وئي، ڏهن ميمبرن فائدي ۾ ووٽ ڪيو.“

25 فيبروري 1945ع

”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”پڄي اسان کان نه ٿي ڪا محنت چئون ٿا کوٽو نصيب آهي“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

27 فيبروري 1945ع

جي ايم سيد محمد علي جناح ڏانهن تار موڪلي جنهن جو متن هن ريت آهي:

”ادب سان اوهان جو ڌيان پنهنجي 24 تاريخ واري تار ڏانهن ڇڪايان ٿو، غلام حسين ظاهر ڪيو ته اوهان مون کي ۽ گذردر کي ليگ مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي، ان مان اسان جي ميمبرن تي خراب اثر ڪيو، هندو آزاد گروهه اڃا تائين اسان جي مسلم گروهه سان سڃو بيٺو آهي، ووٽن کان پوءِ حاجي مولا بخش اسان سان ڪوئيليشن ٺاهڻ جي تقاضا ڪئي، جا قبول نه ڪئي سون، جنهن کان پوءِ سر غلام حسين مسلم پارٽي سان ڪوئليشن ڪري، حاجي مولا بخش کي وزارت ۾ کنيو ۽ هڪ ٻئي وزير کڻڻ جو اعلان ڪيو، سر غلام حسين ظاهر ڪري رهيو آهي ته مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي ان لاءِ منظوري حاصل ڪري رهيو آهي، مهرباني ڪري پنهنجي راءِ ٻڌايو ۽ فون نمبر 7651 تي ڳالهايو، جيڪڏهن ضرورت هجي ته.

اوهان جي حڪمن جي انتظار ۾ ترسيل

جي ايم سيد

2 مارچ 1945ع

”الوحيد“ جي پرچي ۾ ”جي ايم سيد، قائداعظم جي نگاهه ۾!“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، جنهن ۾ جي ايم سيد تي سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي وئي هئي، ايڊيٽوريل جو خاتمو هن ريت ٿئي ٿو:

”اسان وقت به وقت ٿڌي نموني ۾ مسٽر جي ايم سيد تي نڪته چيني ڪندا رهيا آهيون، مگر قائد اعظم، سيد صاحب جي صورت چٽيندي جيڪي الفاظ استعمال ڪيا آهن، سي بلڪل سخت ۽ انتهائي درجي جا سنگين آهن، جن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مسٽر جي ايم سيد جي شرارتن ۽ ڪافر ماجرائن قائد اعظم جي دل کي ڪيتري قدر صدمو پهچايو آهي ۽ ان جو جرم ڪيتري حد تائين سنگين ۽ افسوسناڪ آهي.

31 مارچ 1945ع

”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”وطن جي محبت ٿو ايمان سمجهان“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

29 اپريل 1945ع

”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”الاهي آهه منهنجي ۾ پيدا اثر ڪر“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

4 مئي 1945ع

بزم ادب ڪراچيءَ طرفان مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي:

”دل جي دنيا ۾ محبت جو چمن آباد ڪر“

25 مئي 1945ع

ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ حاجي گل محمد پٺاڻ کي در محمد نالي فرزند ڄائو، جنهن اڳتي هلي 1990ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ”گل حيات“ نالي جڳ مشهور ادارو ٺاهيو، 1985ع ۾ سنڌالاجي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ اتي ”ڏات ڌڻين جي رٿا“ نالي مواد ۽ معلومات ميڙي چونڊي ڪري شهرت ماڻيائين، ضلعي حڪومت جي نئين نظام ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو پهريون ڊسٽرڪٽ آفيسر ڪاليجز ٿيو، 1974ع کان لکڻ شروع ڪيائين، شاعري، ڪالم نگاري، ڪهاڻي نويسي کان سواءِ تحقيق جي دنيا ۾ ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪيائين.

27 مئي 1945ع

.بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”هئڻ گهرجن ڇا وصفون دوستو ڪنهن قومي ليدر ۾“

مشاعري لا3 پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

جون 1945ع

لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جو ايديٽر بدلايو ويو، ماستر جمعي خان ”غريب“ جي جاءِ تي عبدالفتاح ”عبد“ ايڊيٽر ٿيو.

1 جون 1945ع

جئديو ڊيٽارام تنواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هي اڄ ڪلهه الهاس نگر ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور اداڪارن ۾ ٿئي ٿو.

3 جون 1945ع

صوبه مسلم ليگ ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ ۽ سنڌ وزارت خلاف ٺهراءِ پاس ٿيا، انهن ٺهرائن جو تفصيل ۽ پس منظر جي ايم سيد جي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۾ موجود آهي، ياد رهي ته ڪائونسل جي گڏجاڻي ٽي ڏينهن هلي هئي.

3 آگسٽ 1945ع

اڄ ڪراچي ڪارپوريشن جي ميٽنگ شروع ٿيڻ تي ڊاڪٽر خان ٺهراءُ آندو ته خانبهادر کهڙي کي ڪورٽ بي ڏوهي ٺهرائي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ان ڪري کيس مبارڪون ڏنيون وڃن ۽ ميٽنگ تي مهمل ڪيو وڃي، بهرحال گهڻي بحث و مباحثي کان پوءِ ڊاڪٽر خان ۽ گبول جي گهڻي بحث و مباحثي کان پوءِ ڊاڪٽر خان ۽ گبول جي نوٽيس سان هڪ ٻي رٿ تي عمل ٿيو ۽ 25 جي مقابلي ۾ 15 ووٽ مخالفت يعني 10 ووٽن جي گهڻائي سان هائوس مهمل ڪيو ويو.

3 آگسٽ 1945ع

اڄ رات جو خانبهادر کهرو ريل جي رستي ڪراچي ويندي هر ڪنهن وڏي اسٽيشن تي خانبهادر صاحب جي پرجوس مرحبا ٿيندي رهي، باگڙجي، سکر، روهڙي ۽ خيرپور ميرس اسٽيشن تي بنا ڪنهن اڳواٽ پوري اطلاع جي به سوين ۽ هزارين مسلمان اچي گڏ ٿيا.

3 آگسٽ 1945ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي آزاد ٿيڻ جي خبر تي شڪارپور، ٺٽي، شاهه آباد، بدين، ڳڙهي ياسين، حيدرآباد ۽ هالا ۾ ماڻهن خوشيءَ وچان جلوس ڪڍيا.

4 آگسٽ 1945ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙي سندس ڀاءُ ۽ ٻين ملزمن کي ”الله بخش قتل ڪيس“ مان باعزت طور تي آزاد ڪيو ويو، سنڌ جي طوع عرض ۾ اها خبر پئي ته ماڻهن خوشيون ملهايون، ڪراچي ڪارپوريشن جي هلندڙ اجلاس کي انهيءَ خبر پهچڻ تي مهمل ڪيو ويو، کهڙو 11 بجي وڳي صبح ”لاهور ميل“ ذريعي ڪراچيءَ روانو ٿيو، صدر اسٽيشن کان سندس بنگلي (يعني صدر اسٽيشن کان فريئر هال واري رستي برنس روڊ ۽ ايلفنسٽن اسٽريٽ گارڊن روڊ ۽ بندر روڊ ايڪسٽينشن کان مسلم ڪالوني) تائين کيس جلوس جي صورت ۾ آندو ويو، ”الوحيد“ سندس رهائي تي ايڊيٽوريل لکيو.

4 آگسٽ 1945ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي سندس باعزت آزاد ٿيڻ تي، چوڌري خليق الزمان، نواب محمد يوسف مبارڪ بادجون تارون موڪليون.

7 آگسٽ 1945ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙو شام جو ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي روانو ٿيو، کيس رخصت ڪرڻ لاءِ سيد محمد علي شاهه، سيٺ يوسف هارون، غلام علي الانا ۽ مسٽر محمد حنيف اسٽيشن تي موجود هئا.

هن ٻڌايو ته هو انهيءَ مقصد لاءِ لاڙڪاڻي وڃي رهيو آهي ته جيئن مسلمانن جي مختلف گروهن وچ ۾ ٺاهه ڪرائي ۽ کين متحد ڪري سگهي.

16 آگسٽ 1945ع

ٻين صوبن ۽ پرڳڻن جيان سنڌ ۾ به مسلم ليگ جي سڏ تي ”ڊائريڪٽ ائڪشن ڊي“ ملهايو ويو.

20 آگسٽ 1945ع

.بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”دير و حرم ۾ جنگ آهي دل ڪٿي رهي“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾شايع ٿيو.

1 آڪٽوبر 1945ع

صوبي سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جي گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ جي ايم سيد جي جاءِ تي ٿي، جنهن ۾ بورڊ جي سمورن ميمبرن، جي ايم سيد، سر غلام حسين، هدايت الله، مير غلام علي ٽالپر، پير الاهي بخش، خانبهادر ايوب کهڙي، سيد خير شاهه ۽ آغا غلام النبي پٺاڻ شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ايندڙ چونڊن لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون، بقول جي ايم سيد جي ته ڪل 35 جاين لاءِ اٽڪل 70 درخواستون آيل هيون ۽ سر غلام حسين گروهه پنهنجي ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏيڻ شروع ڪيون. ان ڪري جي ايم سيد چيئرمين جي حيثيت سان بورڊ جي ڪاروائي مهمل ڪئي، ان ڪري سر غلام حسين هدايت الله، مير غلام علي ٽالپر، پير الاهي بخش ۽ خانبهادر کهڙو اتان اٿي کهڙي صاحب جي جاءِ تي ويا ۽ اتي وڃي خود خيال ميٽنگ جو ڪم جاري رکيائون.

14 آڪٽوبر 1945ع

سنڌ صوبه مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءُ پاس ڪري مرڪزي مسلم ليگ کي استدعا ڪئي وئي ته اها پاڻ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽن ڏيڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻي.

20 آڪٽوبر 1945ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

20 نومبر 1945ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”اسيران قفس جو دم لب منقار تي پهتو“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

13 ڊسمبر 1945ع

مرڪزي هند اسيمبليءَ جي سنڌ لاءِ واحد سيٽ جي چونڊ ٿي، هن چونڊ ۾ يوسف هارون مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي حصو ورتو ۽ سندس مقابلو پير علي محمد شاهه راشديءَ ڪيو، سيٺ يوسف هارون کي 17165 ۽ پير علي محمد شاهه راشديءَ کي 7887 ووٽ مليا، هن چونڊ ۾ يوسف هارون ڪامياب ٿيو.

20 ڊسمبر 1945ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”زبان منهنجي هريل ناهي ان جي غيبت تي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

Good Wishes