1941ع

آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪائونسل چونڊي/مقرر ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ مان 25 ميمبر چونڊيا ويا، انهن ۾ لاڙڪاڻي مان قاضي فضل الله، علي گوهر خان لاهوري، سيد حسام الدين شاهه راشدي ۽ محبوب احمد قريشي، انهيءَ ڪائونسل تي چونديا ويا.

9 جنوري 1941ع

”الوحيد“ جي اڄوڪي عيد پرچي ۾ اعرابن واري مسئلي تي ايڊيٽوريل لکيوو يو، جنهن ۾ 1939ع جي آخر ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي طرفان درستي ڪتابن ۾ اعرابن ڏيڻ واري ڳالهه کي معمولي ۽ صحيح درستيون قرارڏنو ويو، ياد رهي ته ڊاڪٽر دائودپوٽي جي هن قدم فرقيواريت پسند طبقن کي سنڌ ۾ فرقيواريت کي عام ڪرڻ ۾ مدد ڏني ۽ هندو توڙي مسلمان انهيءَ مسئلي تي پاڻ ۾ اٽڪي پيا.

15 جنوري 1941ع

ڏوڪري مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته لوڪلبورڊن ۾ گڏيل چونڊن جي بل کي اسيمبلي ۾ پاس نه ڪيو وڃي، ٻئي ٺهراءُ موجب سرڪار کي اپيل ڪئي وئي ته ڊاڪٽر دائودپوٽي پڪو ڊي پي آءِ ڪيو وڃي، ٽئين ٺهراءُ موجب مير بنده علي خان ٽالپر کي مسلم ليگ ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪ باد ڏني وئي.

16 جنوري 1941ع

ڏوڪري مسلم ليگ جي جنرل ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ٽي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، ٺهراءُ پهرين موجب سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي وئي ته لوڪلبورڊ ۾ گڏيل چونڊن جي بل کي اسيمبليءَ ۾ پاس نه ڪيو وڃي، ٻئي ٺهراءُ موجب حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽي کي ڊي پي آءِ طور پڪيو وڃي، ٺهراءُ نمبر ٽين موجب آنربل مير بنده علي خان کي مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ تي مبارڪ باد ڏني وئي.

12 فيبروري 1941ع

سرليسلي ولسن هاسٽل ڪراچي ۾ شاهه لطيف جي سالگراهه جو جلسو ٿيو، جنهن جو افتتاح شيخ عبدالمجيد سنڌي تڏهوڪي وزير تعليم ڪيو، انهيءَ موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جي تڏهوڪي اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه ”ابتدائي تعليم جي اهميت“ کي موضوع تي ڳالهايو، اهو جلسو علام آءِ آءِ قاضي جي صدارت هيٺ ٿيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ سڏرايو.

12 فيبروري 1941ع

مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي، ڪراچيءَ ۾ مير بنده علي خان جي جاءِ تي ٿي، جنهن ۾ سنڌ وزارت جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن گڏجاڻي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي اهم ڪردار ادا ڪيو.

22 فيبروري 1941ع

جي ايم سيد جي صدارت ۾ سن ۾ سنڌ مسلم ليگ جي انتظاميا ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ فعال ۽ منظم بنائڻ وارين ڳالهين تي ويچاريو ويو.

2 مارچ 1941ع

لاڙڪاڻي واسي ۽ مسلم ليگي اڳواڻ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي ڪراچيءَ واري جاءِ واقع مسلم ڪالونيءَ ۾ سنڌ مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي.

14 مارچ 1941ع

”الوحيد“ ۾ تڏهوڪي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد ميران محمد ساهه جي سياسي زندگي، خدمتن ۽ نظرين خلاف ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

23 مارچ 1941ع

آل انڊيا مسلم ليگ جي هدايتن موجب سنڌ وانگر سموري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ جي شاخن پاران ”پاڪستان ڏينهن“ ڌام ڌوم سان ملهايو ويو، هنڌين ماڳين ڪيترا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جن مطابق ”لاهور ٺهراءُ، کي هندو مسلم درميان دائمي ٺاهه قرار ڏنو ويو، سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ جي اپيل ڪئي وئي ۽ مسلم ليگ کي هندستان جي مسلمانن جي واحد نمائنده تنظيم قرار ڏنو ويو.

23 مارچ 1941ع

سنڌ مسلم ليگ طرفان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ”پاڪستان ڊي“ ملهايو ويو.

24 مارچ 1941ع

ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ مسلم ليگ جي سهاري هيٺ عام مسلمانن جو جلسو ٿيو، ان جلسي ۾ جي ايم سيد هڪ قسم نامو پڙهيو ۽ بعد ۾ شرڪت ڪندڙن کان اهو قسم نامو پڙهايو، قسم نامي جو متن هن ريت آهي.

”اسان جو اهو ڪامل يقين آهي ته اسان هندستان جا مسلمان ٻين هندستاني قومن کان ڌار ۽ جدا قوم آهيون، اسان کي الله تعاليٰ وتان دنيا ۾ هڪ خاص مقصد لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، اسان جو ايمان آهي ته انسانذات ۾ جيڪي، ملڪي، زباني، نسلي ۽ رنگي امتياز هٿرادو پيدا ڪيا ويا آهن، سي ناجائز آهن، اسان جي سياست جو مقصد آهي ته روءِ زمين تي حڪومت الاهي قائم ڪئي وڃي، انهن مقصدن جي حصول لاءِ اسان جو ايمان آهي ته هندستان اندر پنهنجي خود مختيار آزاد حڪومت هئڻ گهرجي، تان ته پنهنجا اعليٰ مقصد ٻين جي مداخلت ۽ روڪ کان سوا3 حاصل ڪري سگهون، تنهن ڪري دارالسلام پاڪستان جنهن کي اسان هندستان جي مسلمانن لاءِ مسلم ليگ نصب العين مقرر ڪري رکيو آهي سو ئي عملي ذريعو آهي.

آءُ خدا کي حاضر ناظر ڄاني سچيءَ دل سان اقرار ڪريان ٿو ۽ وعدو ٿو ڪريان ته اڄ ڏينهن کان وٺي آءُ پنهنجي خيالن خواهه عملن کي اهڙي4 طرح ڪم آڻيندس جنهن سان تحريڪ پاڪستان کي مدد ملي.

آءُ واعدو ٿو ڪريان ته پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ مون کي ڪنهن به قربانيءَ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ان قربانيءَ ڪرڻ کان ڪين هٽندس.

آءُ ليگ جي ڪم ڪندڙن جي اخلاقي معيار کي بلند رکڻ ۽ سڄي جماعت کي پاڪ ۽ صاف رکڻ لاءِ هر وقت ۽ هر طرح ڪوشش ڪندو رهندس.

شال الله تعاليٰ مون کي اها توفيق عطا ڪري.

25 مارچ 1941ع

لاڙڪاني جي ڪليڪٽر، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي ڊيمي آفيشل ليٽر لکي گذارش ڪئي ته لاڙڪاڻو ميونسپالٽي ”ليڊي گرهام زناني اسپتال“ قائم ڪري رهي آهي، ان جي مالي مدد ڪئي وڃي.

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 29 مارچ 1941ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 54 موجب فيصلو ڪيو ته انهيءَ اسپتال لاءِ 5000 رپيا ڏنا وڃن ۽ اسپتال ٺهڻ کان پو3 ميونسپالٽي جي ڪاميٽيءَ تي لوڪلبورڊ جو ميمبر به ڪاميٽي ميمبر طور کڻي.

28 مارچ 1941ع

چوٿين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ”سنڌي ساهت سڀا“ جي سهاري هيٺ ڪراچيءَ ۾ شروع ٿي، هن ڪانفرنس جو صدر ڪشچند ”بيوس“ ۽ استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ڄيٺمل پرسرام هو، سيڪريٽريءَ جا فرائض هر درياني دنگير سرانجام ڏنا.

پهرين ڏينهن جي ڪاروائي هلي، مقررين سنڌي صورتخطيءَ جي موضوع تي تقريرون ڪيون، ان کان پوءِ سنڌ جي وزير مسٽر نهچلداس وزيراڻي ڪتابن جي نمائش جو افتتاح ڪيو، نمائش ۾ شاهه جي رسالي جي آگاڻين تي ٺاهيل تصويرون پڻ رکيون ويون هيون.

28 کان 30 مارچ 1941ع

سنڌ ساهت سڀا جي سهاري هيٺ لاڙڪاڻي واسي ڪشنچند ”بيوس“ جي صدارت ۾ سنڌي ساهت ڪانفرنس ٿي، هن موقعي تي طرحي مشاعرو به ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي.

”مورتي تنهنجي کي هن مندر ۾ استاپن ڪندس“

هن ساهت ڪانفرنس ۽ مشاعري ۾ جن لاڙڪاڻي واسي شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي، انهن مان واحد بخش ”عاشق“، لعلچند ”مجروح“، رام پنجواڻي، هوندراج ”دکايل“، ديارام سڀاڻي جا نالا ذڪر لائق آهن.

29 مارچ 1941ع

چوٿين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي ڪاروائي ٻي ڏينهن به هلي، صبح جو بي اي ۽ ايم اي جي ڪلاسن ۾ سنڌي شروع ڪرڻ بابت تقريرون ٿيون ۽ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، رات جو مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

”مورتي تنهنجي کي من مندر ۾ استاپن ڪندس“

ڪانفرنس ۾ ذاتي خواهه قومي طور تي شريڪ ٿيندڙ شاعرن مان حڪيم سيوهڻاي، پيرومل مرچند، هري دلگير، نارائڻ شيام، غلام احمد نظامي، قادر بخش ”حقير“، واحد بخش ”عاشق“، لعلچند ”مجروح“ ڄاڃي مل ”طائر“ رام پنجواڻي، هوندراج ”دکايل“ هاسانند ”جادوگر“، بولچند راجپال، ڀوڄراج ناگراڻي، ڀاڳچند، هربخش، ديارام سڀاڻي ۽ آسانند ماشورا جا نالا ذڪر لائق آهن.

30 مارچ 1941ع

چوٿين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي آخري ڏينهن جي ڪاروائي پور ٿي، جيئن ته هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ هندن جو تعداد وڌيڪ هو، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي لپئي ۽ اعرابن بابت سندن ڏانءُ جا ٺهراءُ پاس ٿيا.

1 اپريل 1941ع

لاڙڪاڻي مان ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ جي اهتمام سان ماستر جمعي خان ”غريب“ جي ايڊيٽري ۾ ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جو اجراع ٿيو، هن رسالي يارنهن سال سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي،

رسالي پنهنجي ڄمار ۾ چئن ايڊيٽرن جون خدمتون حاصل ڪيون، اهي هئا: جمعو خان ”غريب،، عبدالفتاح ”عبد“، غلام احمد ”نظامي“ ۽ ضياءَ الدين ”بلبل“

1 اپريل 1941ع

ڪراچيءَ ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي بنگلي تي سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ مسلم اخبار نويس جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صدارت هيٺ ”مسلم جنرلسٽ ايسوسئيشن“ قائم ڪئي وئي، خانبهادر کهڙي پنجويهن رپين جي مالي مدد ڪئي.

1 اپريل 1941ع

سر حاجي عبدالله هارون جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ خانبهادر کهڙي جي بنگلي تي سنڌ جي مسلمانن صحافين ۽ ايڊيٽرن جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي (صدر)، محمد خان ”غني“ (نائب صدر)، آغا نظر علي خان (نائب صدر) ۽ حاجي نذير الدين ايڊيٽر ”حيات“ ڪراچي (سيڪريٽري ۽ خزانچي) کي عهديدار منتخب ڪري ”مسلم جرنلسٽ ايسوسئيشن“ قائم ڪئي وئي.

ايسوسئيشن کي ان موقعي تي سر حاجي عبدالله هارون (50 رپيا)، خانهبادر کهڙي (25 رپيا)، شيخ عبدالمجيد (5 رپيا)، جي ايم سيد (10 رپيا) ۽ آغا غلام النبي پٺاڻ (10 رپيا) مالي امداد ڪئي.

7 اپريل 1941ع

لاڙڪاڻي ۾ محمد حسين کهاوڙ جي صدارت هيٺ ”لاڙڪاڻو هاري ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ٻين ٺهرائن سان گڏ فرقيواريت خلاف هي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

”هي ڪانفرنس سنڌ ۾ فرقه پرستي ۽ مذهب جي نالي ۾ عوام ۾ بيچيني ۽ فساد ڪندڙ جملي ڪارستانين کي نفرتن ۽ حقارت جي نظر سان ڏسي ٿي، هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ مذهبي ڇيڙڇاڙ صرف مٺ جيترا سرمايه دار پنهنجي سياسي اقتدار قائم ڪرڻ ۽ ذاتي غرضن جي حصول لاءِ ڪن ٿا ۽ سندن مقصد آهي ته عام ماڻهو ۽ مزدور سندن عوام ڪش ڪارستانين کان بي خبر رهن، سنڌ جي عام جهالت، افلاس، سياسي پستي ۽ بدقسمتي جو پورو پورو نفعو پنهنجي ذاتي ۽ طبقاتي غرضن لاءِ حاصل ڪن، اهڙا فساد ڪندڙ عوامي حقن جا دشمن ۽ انگريز شهنشاهيت جا ايجنٽ ۽ آزاديءَ جا دشمن آهن. “

9 اپريل 1941ع

لائيو اسٽاڪ امپرومينٽ ڪانفرنس جي سيڪريٽريءَ پنهنجي لکپڙهه نمبر 1627 موجب لوڪلبورڊ کي گذارش ڪئي ته هر سال ٻه دفعا ڪراچيءَ ۾ اسان ڪانفرنس جو بندوبست ڪري رهيا آهيون، اوهان انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۾ مسئلن تي ويچار ڪرڻ لاءِ هڪ ميمبر جي نامزدگي ڪيو.

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 17 جولاءِ 1941ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 18 موجب خانبهادر احمد خان ڀُٽي کي نامزد ڪيو.

15 اپريل 1941ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو خاص اجلاس صبح جو 11 وڳي سرشاهنواز ڀٽو هال ۾ ٿيو، رئيس پير بخش کهاوڙ جي رٿ ۽ گوپي ڪرشن جي ٽيڪي تي فيصلو ڪيو ويو ته گڏجاڻيءَ جي صدارت سردار نبي بخش خان ڀٽو ڪري.

هن گڏجاڻي ۾ سردار نبي بخش خان ڀُٽي، گوپي ڪرشن، پرڀداس تولاڻي، عبدالمجيد، فريد الدين، سيٺ آسوديمل، سيٺ پارو مل، گل محمد چانڊئي، احمد خان ڀُٽي، علي گوهر لاهوري، اميد علي جوڻيجي، حسن علي اسراڻ، گل محمد ابري، پيربخش کهاوڙ، مٺل خان شيخ، عبدالرحمان ڪلهوڙي، فقير محمد انڙ، غلام مصطفيٰ اسراڻ، قاضي فضل الله ۽ محمد نواز کهڙي شرڪت ڪئي.

هن گڏجاڻيءَ ۾ رئيس پير بخش کهاوڙ جي رٿ تي ۽ مهراج گوپي ڪرشن جي ٺيڪي تي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته سردار نبي بخش خان ڀُٽي کي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو صدر چونڊيو وڃي، انهيءَ رٿ جي حق ۾ جن ميمبرن تائيد ڪئي اهي هئا: احمد خان ڀٽو، پرڀداس تولاڻي، سيٺ آسودو مل، سيٺ پارو مل، فريد الدين جتوئي، اميد علي جوڻيجو، ڪي بي کهاور، حسن علي اسراڻ، عبدالرحمان ڪلهوڙو، غلام قادر، عبدالمجيدٻگهيو، گل محمد ابرو، گل محمد چانڊيو ۽ رئيس مٺل خان شيخ.

صدر جي چونڊ کان پوءِ اجلاس برخواست ٿيو.

6 مئي 1941ع

گورڌن دولهڏنو مل تنواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي وڃي مهاراشترا جي جل گانءَ ۾ ويٺو، سندس شمار مشهور شاعرن، ڪهاڻيڪارن، نقادن ۽ ڪالمنگارن ۾ ٿئي ٿو، ان کان سواءِ ڳچ عرصو صحافت سان پڻ لاڳاپيل رهيو اهي، سندس لکيل ڪتابن مان ”مٺو درد“ (1962)، ”درد ۽ درد“ (1965) ذڪر لائق آهن.

24 مئي 1941ع

سلطان ڪوٽ ۾ ”ضلعي سکر مسلم ليگ ڪانفرنس“ ٿي، جنهن جي صدارت مخدوم مريد حسين ملتاني ڪئي، هن ڪانفرنس اتر سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مقبول بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

25 مئي 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. جنهن جي طرح هئي:

”سچارن کي سدائين ٿو وڻي سچ“

انهيءَ مشاعري ۾ پڙهيل شعر جو انتخاب ”اديب سنڌ“ رسالي۾ شايع ٿيو.

جون 1941ع

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪالرا منهن ڪڍيو، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي صحت کاتي ۾ اضافي عملو مقرر ڪيو ۽ ڊاڪٽرن کي اضافي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تعلقيلاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽرکي 6 رپيا 8 آنن تي ڏهاڙي ٽيڪس ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 17 جولاءِ 1941ع جي اجلاس ۾ پنهنجي ٺهرائن نمبر 74، 75، 84، 85، 86 ذريعي ڪالرا کي منهن ڏيڻ وارا فيصلا ڪيا.

9 جون 1941ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر G-6164 ذريعي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي مطلع ڪيو ته سنڌ جي ڪمشنر جو خيال آهي ته سکر ٽيڪنيڪل اسنٽيٽِيوٽ جي سالياني گرانٽ 150 رپين مان وڌائي 200 رپيا ڪئي وڃي.

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 17 جولاءِ 1941ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 58 ذريعي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جي راءِ جي روشنيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ جي سالياني گرانٽ وڌائي 200 رپيا ڪئي.

17 جون 1941ع

بمبئي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڏانهن ووٽنگ پيپر وغيره ڏياري موڪليا ۽ گذارش ڪئي ته ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي ۽ مولا بخش سومري مان ڪنهن به هڪ اميدوار کي سينيٽ جو فيصلو لاءِ ووٽ ڏئي موڪليو.

لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بورڊ متفقه طور تي مولا بخش سومري کي ووٽ ڏنو.

25 جون 1941ع

سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ڪراچيءَ ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي جاءِ تي ٿي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ سان واسطو رکندر ڳالهين تي بحث ڪيو ويو.

29 جون 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. جنهن جي طرح هئي:

”ٿو وڻي بلبل کي بستان هر طرح“

هن مشاعري جي صدارت علي محمد عباسيءَ ڪئي ۽ پڙهيل ڪلام جو انتخاب ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ شايع ٿيو.

19 جولاءِ 1941ع

سيتل ڪمار هيمراجاڻي نصيرآباد ۾ ڄائو، پاڻ اڃا ابهم ٻار هئو جو کيس پنهنجن وڏن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هو اڄ ڪلهه بمبئي ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور اداڪارن، هدايتڪارن ۽ ڪهاڻيڪارن، مضمون نگارن ۽ ناٽڪ نگارن ۾ ٿئي ٿو، سندس انگريزي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

27 جولاءِ 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ هي ٻه طرحون ڏنيون ويون هيون.

1.       قفس جي قيد مان ڪڍ عندليب اي حياء

2.       قربان تنهنجي نام تان منهنجي عجيب سنڌ

هن مشاعري ۾ پڙهيل ڪلام جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

28 جولاءِ 1941ع

لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ڪورم پوري نه هئڻ ڪري مهمل ڪئي وئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ صدر سردار نبي بخس خان ڀُٽي، احمد خان ڀُٽي ۽ عبدالحق ڀُٽي کان سواءِ ٻيو ڪو به شريڪ نه ٿيو.

ان کان پوءِ ٻي گڏجاڻي 27 آگسٽ 1941ع تي سڏائي وئي، جنهن ۾ صدر احمد خان ڀُٽي، پرڀداس، علي گوهر لاهوري ۽ محمد نواز کهڙو شريڪ ٿيا. محمد نواز کهڙو گڏجاڻي مان هليو ويو ۽ ڪورم ٽٽي پيو، ان ڪري گڏجاڻي ٿي نه سگهي، گڏجاڻي مهم ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ الهداد تنيو ۽ عبدالحق ڀٽو آيا، پر گڏجاڻي مهمل ٿي چڪي هئي.

آگسٽ 1941ع

سکرمان مهاشيه وڌڻمل ورما جي ايڊيٽريءَ ۾ ماهوار ”هندو متر“ رسالو جاري ٿيو، جنهن ۾ هندو ڌرم ۽ تهذيب تي مواد ڏنو ويندو هو.

6 آگسٽ 1941ع

ڳوٺ پير جهنڊي ۾ ”سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيوويو، جيڪو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو هڪ تربيتي ادارو هو، لاڙڪاڻي واسي ساگر پارٽيءَ سان لاڳاپيل سياستدان انهيءَ اداري کي فعال بنائڻ ۽ ٻين ساٿين سان گڏ خدمتون سرانجام ڏنيون.

31 آگسٽ 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره طرفان عبدالخالق جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ هيءَ طرح هئي:

”يا الاهي تا قيامت مان هجان دلبر سان گڏ“

مشاعري جو منتخب شعر ان کان پوءِ ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ شايع ڪيو ويو.

سيپٽمبر 1941ع

لعلچند آريه جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان ”هندو ساهيته“ نالي ماهوار رسالو جاري ٿيو، جيڪو سکر جي ”تلڪ پريس“ ۾ ڇپبو هو، رسالي ۾ هندو ڌرم ۽ تهذيب تي مواد ڏنو ويندو هو.

3 سيپٽمبر 1941ع

مولوي محمد عاقل ”عاقل“ جي وفات ٿي، سندس ولادت 5 سيپٽمبر 1851ع تي ٿي، لاڙڪاڻه مدرسه هاءِ اسڪول ۽ خيرپور هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو، ”الحق“ ۽ ”خيرخواهه“ اخبارن جو ايڊيٽر به ٿيو، تحريڪ آزاديءَ ۾ خلافت تحريڪ جي پليٽ فارم تان حصو ورتائين، آخر ۾ ڪتب فروشي ڪندو هو، وقت جو مشهور شاعر به ٿي گذريو.

3 سيپٽمبر 1941ع

سنڌ جو جيد عالم ۽ فارسي زبان جو شاعر ٻن شاعرن جو والد ضلعي لاڙڪاڻي جي ”خلافت تحريڪ“جي صدر مولوي محمد عاقل ”عاقلي“ وفات ڪري ويو.

19 سيپٽمبر 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي

”هندو مسلمان ديس جا دائم هجن مثل کير کنڊ“

 انهيءَ مشاعري جو منتخب ڪلام بعد ۾ ”اديب سنڌ“ ۾ ڏنو ويو.

25 سيپٽمبر 1941ع

نامياري عالم ۽ تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ مولوي عبدالقادر لغاريءَ جي وفات ٿي.

30 آڪٽوبر 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ جي سهاري هيٺ جمع خان غريب جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

”ڪر نه هيڻن سان تون ڏنگائي ڏاڍ“

مشاعري ۾ پڙهيل شعر جو انتخاب پوءِ ”اديب سنڌ، رسالي ۾ ڏنو ويو.

30 نومبر 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي  ”بزم مشاعره“ طرفان ”ناظم“ جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي:

”شڪرالله جو اڄ دوست جو آيو ڪاغذ“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ اديب سنڌ رسالي ۾ شايع ٿيو.

16 ڊسمبر 1941ع

ڪراچيءَ ۾ ڪراچي سٽي مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مقررين سنڌي مسلمانن کي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي متحد ٿيڻ ۽ پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويو.

29 ڊسمبر 1941ع

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي فيصلي موجب ذوالحج جي عيد جي موقعي تي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ سموريءَ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين ”يوم پاڪستان“ ملهايو ويو، موقعي تي ماڻهن کي پاڪستان جي اهميت ۽ ضرورت کان باخبر ڪيو ويو ۽ کين پاڪستان تحريڪ ۾ حصي وٺڻ ۽ مسلم ليگ جي ساٿ ڏيڻ جي تلقين ڪئي وئي.

29 ڊسمبر 1941ع

مٺياڻي ۾ عيدالضحيٰ نماز پڙهڻ کان پوءِ مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولوي محمد حسين پاڪستان جي معنيٰ ۽ اهميت تي روشني وڌي، ان کان پوءِ ٺهراءُ پاس ڪري مسلم ليگ جي پاڪستان واري مطالبي ۽ تحريڪ جي پٺڀرائپ ڪئي وئي ۽ سنڌي مسلمانن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي.

29 ڊسمبر 1941ع

عيد قربانيءَ جي موقعي تي ڳچيرو مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت تاج محمد ٻگهئي ڪئي، هن موقعي تي ”پاڪستان ڊي“ ملهايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان بابت مسلم ليگ جي حڪمت عملي ۽ گهر جي تائيد ڪئي وئي، سنڌي مسلمانن کي پڻ تاڪيد ڪيو ويو ته هو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪن.

30 ڊسمبر 1941ع

مسلم ليگ گهٽهڙ شاخ جي جنرل ميٽنگ ٿي، جنهن جي صدارت جناب پير الله ڏني شاهه راشديءَ ڪئي، هن گڏجاڻي ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي پٺڀرائي ۾ قرارداد پاس ڪرڻ کانسواءِ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته مسلم نيشنل گارڊ جو سالار جناب يوسف هارون کي دعوت ڏئي گهٽهڙ ۾ آندو وڃي.

31 ڊسمبر 1941ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان علي گوهر خان ”يڪتا“ جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح مصرع هئي:

”سدا حرص و هوا جي دام کان تون باز رهندو ڪر“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر مان انتخاب پوءِ ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ شايع ٿيو.

Good Wishes