1 جنوري 1940ع

ساون ڪمار ”اُداسي“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، ستن سالن جي ڄمار ۾ کيس پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا ۽ هو اڄڪلهه الهاس نگر ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور اداڪارن، ڳائڻن ۽ شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”هڪ گهڙي مون سان به گهاڙ“ ۽ ”عجب هي آيو زمانو“ ذڪر لائق آهن.

28 جنوري 1940ع

سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي جنرل باڊي جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڪيترا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا ۽ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ٺهندڙ نئين باڊيءَ ۾ لاڙڪاڻي واسين مان خانبهادر کهڙي کي وائيس پريزيڊنٽ ۽ پير علي محمد شاهه راشديءَ کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، اهڙيءَ ريت ”ورڪنگ ڪاميٽي“ تي چونڊجي آيل لاڙڪاڻي واسي ميمبرن مان محمد ايوب کهڙي، غلام محمد خان اسراڻ، قاضي فضل الله ۽ پير علي انور شاهه جا نالا ذڪر لائق آهن.

گڏجاڻيءَ جي تفصيلي ڪاروائي ۽ ان ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ ”گل حيات“ ۾ موجود آهن.

28 جنوري 1940ع

سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ سنڌ مسلم جي جنرل باديءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ لاڙڪاڻي جي خانبهادر محمد ايوب کهڙي پڻ شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي چوند ڪئي وئي، جنهن مطابق خانبهادر کهڙي کي وائيس پريزيڊنٽ، پير علي محمد شاهه راشديءَ کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، ان کان سواءِ هن گڏجاڻي4 ۾ مسلم ليگ سکر رليف فنڊ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ عهديدار پڻ چونڊيا ويا، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي خانبهادر کهڙي کي چيئرمين ۽ قاصي فضل الله کي ميمبر طور کنيو ويو.

8 فيبروري 1940ع

ڊائريڪٽر انڊسٽريز سنڌ، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي لکيو ته ماپ ۽ تور وارن لوڪلبورد جي ملازمن کي 1 جون 1940ع تائين فارغ ڪيو، ڇو ته سرڪار ماپ ۽ تور وارو کاتو پنهنجي ڪنٽرل ۾ کڻڻ گهري ٿي،

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 5 مارچ 1940ع واري اجلاس ۾ انهيءَ مسئلي تي ويچار ڪيو ۽ ماپ تور وارن ملازمن کي ٻن مهينن جو نوڪري ڇڏڻ جو نوٽيس ڏنو.

21 فيبروري 1940ع

ڪانگريسي ميمبر موهن داس دولترام سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ الله بخش وزارت خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ پيش ڪئي.

26 فيبروري 1940ع

سنڌ اسيمبليءَ ۾ خانبهادر الله بخش سومري جي وڏ وزارت تي آندل بي اعتماديءَ واري رٿ تي ووٽنگ ٿي، اسيمبليءَ جي اسپيڪر وڏي وزير جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ بي اعتماديءَ واري رٿ رد ٿي ۽ حڪومت ڪرڻ کان بچي وئي.

11 مارچ 1940ع

سنڌ جي گورنر سر لانسليٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو، اسيمبليءَ جي موجوده عمارت ان کان پوءِ جڙي راس ٿي

14 مارچ 1940ع

ميان عبدالرحيم ملاڪاتياري جيڪو پنهنجي ترجو روحاني رهبر ۽ بزرگ ڄاتو ويندو هو، سو وفات ڪري ويو.

18 مارچ 1940ع

الله بخش وزارت استعيفيٰ ڏني ۽ سندس ئي وزير مير بنده علي نئين وزارت ٺاهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، نهچلداس وزيراڻي ۽ رائبهادر گوڪلداس کان سواءِ لاڙڪاڻي واسي قاضي فضل الله کي وزير طور کنيو ويو.

18 مارچ 1940ع

الله بخش وزارت جو خاتمو  ٿيو، ها وزارت 23 مارچ 1938ع تي قائم ٿي هئي، هن وزارت جي خاتمي لاءِ لاڙڪاڻي جي مسلم ليگي اڳواڻن ۽ ديني عالمن وڏي ڪوشش ڪئي ۽ خاص طور تي مسجد منزل گاهه جي تحريڪ دوران لاڙڪاڻي واسين هن وزارت جي شديد مخالفت ڪئي.

23 مارچ 1940ع

لاهور ٺهراءُ پاس ڪرڻ واري مسلم ليگ اجلاس ۾ ڪيترائي لاڙڪاڻي واسي شريڪ ٿيا، جن مان خانبهادر محمد ايوب کهڙو، علي محمد شاهه راشدي، حاجي دوست محمد، امير احمد ۽ منير احمد جا نالا ذڪر لائق آهن.

27 مارچ 1940ع

سنڌ سرڪار پنهنجي حڪم نامي نمبر 207/29H(S) مطابق سنڌ پبلڪ انڪوائريز ائڪٽ آف 1940 جي سيڪشن نمبر 3 جي روشنيءَ ۾ مسجد منزل گاهه جي تحريڪ دوران ٿيل هنگامن جي عدالتي جاچ ڪرڻ لا3 جج مقرر ڪيو.

27 مارچ 1940ع

بسنت ڪمار رائچنداڻي ڳوٺ سونهان تعلقي موريءَ ۾ ڄائو، هي صاحب اڳتي هلي ”تياڳي“ جي تخلص سان شاعر مشهور ٿيو، ورهاڱي ٿيو ته لڏي وڃي بئراڳڙهه ۾ ويٺو.

1 اپريل 1940ع

مولوي علي محمد صدر مسلم ليگ کبڙ تعلقو ميروخان جي ڪوشش سان مسلم ليگ شاخ پاران زبردست جلسو ٿيو، جلسي جي صدارت مولوي محمد اسماعيل ڪئي، هن جي صدارت جي تجويز مولوي محمد ابراهيم بٺويءَ ڏني، هن جلسي ۾ الله بخش وزارت ڊهڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي انهيءَ تڪ مان چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني وئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته رشوت کي ختم ڪيو وڃي ۽ مسلم ليگي ڪارڪنن کي تاڪيد ڪيو ويو ته مسلم ليگ جي ڪم کي زور وٺرائڻ.

1 اپريل 1940ع

لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ۾ ليگ ايڊوائيزر جي آسامي ختم ڪئي وئي، اها آسامي ڪليڪٽر ۽ روينيو ڪمشنر سان وڏي بحث کان پوءِ ختم ڪرڻي پئي، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو خيال هيو ته ليگ ايڊوائيزر هجي پر عملدار ان خيال جا هئا ته ضرورت وقت وڪيل ٻڌي ڪم هلائڻ سان خرچ گهٽ ايندو.

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ 1939ع ۾ انگ اکر ڏئي ثابت ڪيو هئو ته ليگل ايڊوائيزر رکڻ مان فائدو آهي، لوڪل بورڊ چواڻي ته 12 ڊسمبر 1938ع کان 4 ڊسمبر 1938ع يعني هڪ سال ۾ ليگل ايڊوائيزر 155 رفرنسز جا جواب ڏنا، 10 سول سوٽ لڙيا ۽ هڪ ڪرمنل ڪيس ڳاتو، پر پوءِ به اڳتي هلي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته 1 اپريل 1940ع کان اها آسامي ختم ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ليگ ايڊوائيزر مسٽر تولاڻي هو.

9 اپريل 1940ع

سموريءَ سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قائم ٿيل مسلم ليگ جي سمورين شاخن تائيدي جلسا گهرائي ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي پٺڀرائي ۾ هيٺ ڄاڻايل ٺهراءُ پاس ڪري آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي دفتر ڏانهن موڪليو.

”مسلم ليگ شاخ جو هي اجلاس آل انڊيا مسلم ليگ جو جيڪو پنهنجي لاهور واري اجلاس ۾ پاڪستان بابت ٺهراءُ پاس ڪيو آهي، ان جي زودار تائيد ڪري ٿو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح ۾ پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ظاهر ٿو ڪري ته هندستان جا مسلمان هندستان لاءِ ڪو به دستور العمل قبول نه ڪندا، جيستائين اهو نئون دستور العمل آل انڊيا مسلم ليگ منظور نه ڪيو آهي.

19 اپريل 1940ع

محبوب تنئي ۾ جمعي نماز بعد مسلم ليگ شاخ جي نائب صدر رئيس ڪريم بخش جي صدارت هيٺ جلسو ٿيو، جنهن ۾ ابو عبيدالله مولوي محمد دائود تقرير ڪئي ۽ لاهوري واري ٺهراءُ کي مسلمانن جي جذبن ۽ امنگن جو ٺهراءُ قرار ڏنو، جلسي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي قيادت تي اعتماد جي اظهار لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

19 اپريل 1940ع

سموريءَ سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پڻ مسلم ليگ شاخن جي اهتمام سان گڏجاڻيون ٿيون ۽ ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي پٺڀرائي ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا ۽ عام راءِ هموار ڪئي وئي.

4 مئي 1940ع

نندگرڌاريلعل شرما لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ لڏي وڃي ڀارت رهڻو پيو، هي اڄ ڪلهه بمبئي ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور مصورن ۾ ٿئي ٿو.

5 مئي 1940ع

گهٽهڙ تعلقي قمبر ۾ پير سيد الهه ڏني شاهه راشدي ۽ رئيس قربان علي خان ٻرڙي جي ڪوششن سان مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي.

5 مئي 1940ع

ڳوٺ گهٽهڙ تعلقي قمبر ۾ ضلع مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سنڌ سطح جي مسلم ليگي اڳواڻن شرڪت ڪئي، پير سيد الهڏنو شاهه راشدي هن ڪانفرنس لاءِ استقباليه جو چيئرمين هئو، جڏهن ته رئيس قربان علي ٻرڙو ان جو سيڪريٽري هو.

6 مئي 1940ع

عدالتي جاچ ڪاميٽي سکر ۾ مسجد منزل گاهه تحريڪ جي حوالي سان ٿيل هنگامن بابت شاهديون رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيون، جيڪي 25 مئي تائين هليون، وقفي بعد 3 جون کان 18 جون تائين شاهديون رڪارڊ ڪيون ويون، 24 جون کان 4 جولاءِ تائين ڪراچي ۾ ساهديون رڪارڊ ڪيون ويون، سکر خواهه ڪراچي4 ۾ جملي 109 شاهديون رڪارڊ ڪيون ويون.

10 مئي 1940ع

شاهه نواز سوڍر، ٿاڻي سوڍر ۾ ڄائو، سندس زندگي جاکور جو روپ هئي، ائسوسئيٽ پروفيسر جي عهدي تائين پهتو، سنڌي ۾ ڊاڪٽري ڪيائين ۽ شاهه لطيف تي ڪتاب لکيائين، ادبي ڪانفرنسن ۾ ڪثرت سان شرڪت ڪيائين ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ سان ڀرپور ساٿ نڀايائين.

16 مئي 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي ملازم منشي عبدالغفور 9 مهينا بنا پگهار موڪل وٺي پنجاب وڃي خاڪسار تحريڪ ۾ حصو ورتو، کيس گرفتار ڪيو ويو، مٿس ڪيس هليو ۽ هن کي ٽيپ ملي، 5 مهينن بعد کيس ازاد ڪيوويو، هو لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ باقي رهيل موڪل رد ڪري نوڪري تي چڙهڻ جي درخواست ڏنائين، چيف افيسر هن کان لکت ۾ پڇاڻو ڪيو، منشي عبدالغفور کيس جواب ڏنو، تان جو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ 21 ڊسمبر 1940ع واري اجلاس جي ٺهراءُ نمبر 26 موجب کيس نوڪري تي بحال ڪيو.

27 مئي 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ پنهنجي گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ نمبر 28 ذريعي اهو فيصلو ڪيو ته سيڪنڊري ٽيچر ٽن سالن جي اندر سيڪنڊري ٽيچرس ڪورس (ايس ٽي سي) ضروري ڪري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 15 جون 1940ع جي اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 59 ذريعي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي ٺهراءُ جي منظوري ڏني.

27 مئي 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ پنهنجي گڏجاڻي ۾ ٺهراءُ نمبر 15 موجب لوڪل بورڊ کي سفارش ڪئي ته ڪراچيءَ جي ايل ڊبليو هاسٽل کي 250 رپين بدران 400 رپين جي ۽ سکر ٽيڪنيڪل انسٽي ٽيوٽ کي 100 رپين جي مالي امداد ڏني وڃي،

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 15 جون 1940 واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 60 ذريعي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي هاسٽل بابت سفارش منظور ڪئي، البته سکر ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ کي 100 رپين بدران 150 رپين جي گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

28 مئي 1940ع

”سنڌ پراونشل مسلم ليگ“ جي جنرل سيڪريٽري سيد علي محمد شاهه راشديءَ سکر مان سنڌ مسلم ليگ جي صدر ڏانهن انهيءَ ڪم جي رپورٽ ڏياري موڪلي جيڪو هن مئي مهيني ۾ ”مسجد منزل گاهه تحريڪ“ جي قيدين ۽ انهن جي ڪيسن جي اڪلاءُ لاءِ ڪيو، اها تفصيلي رپورٽ فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ ”گل حيات“ ۾ موجود آهي، هيءَ رپورٽ ”مسجد منزل گاهه تحريڪ“ جي تاريخ جو اهم باب آهي، جنهن ۾ ڪيتريون اهم ڳالهيون رڪارڊ تي آنديون ويون آهن.

1 جون 1940ع

19 مارچ 1940ع تي لاهور خاڪسار تحريڪ جي نوجوانن تي پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 30 خاڪسار مري ويا، ان کان پوءِ پنجاب سرڪار پنجاب ۾ هن تحريڪ تي پابندي وڌي، انهيءَ پس منظر ۾ هندستان جي مکيه هنڌن کان خاڪساري لاهور روانا ٿيڻ لڳا ته جيئن اتي احتجاجي جلسو ڪري سگهن، سنڌ مان مولوي خير محمد نظاماڻي، جيڪو ان وقت ”سنڌ خاڪسار تحريڪ جو سالار هو، سو هڪ سئو خاڪسارن جو جٿو وٺي لاهور روانو ٿيو، جڏهن گاڏي خانيوال اسٽيشن تي پهتي ته پوليس ۽ سنڌي خاڪسارين جو پاڻ مقابلو ٿيو، ٽرين منجهان خاڪسارن جي گاڏي کي ڪٽيو ويو، پوليس جي فائرنگ ۾ ڪوٽڙيءَ جو رهواسي خاڪسار رڪن الدين مري پيو ۽ سالار سخت زخمي ٿيو، کيس سمورن ساٿين سميت ٽي ٽي سال سخت قيد جي سزا ملي.

11 جون 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ فيصلو ڪيو ته نئون ديرو ڊسپينسري جي جڏهن عمارت جڙي راس ٿي ته ڊسپينسري جو نالو ”سردار نبي بخش خان ڀٽو“ جي نالي پٺيان رکيو وڃي، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ 15 جون 1940ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 80 ذريعي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي فيصلي جي منظوري ڏني.

11 جون 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي لاڙڪاڻه مدرسه هاءِ اسڪول جي پرنسپاليءَ لاءِ مسٽر جعفري، مسٽر خواجا ۽ مسٽر صديقيءَ کان انٽرويو ورتو.

انهن انٽرويوز جي روشنيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 15 جون 1940ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 79 ذريعي مسٽر جعفري کي پرنسپال مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

15 جون 1940ع

نبي بخش خان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڀداس، علي گوهر خان لاهوري، فقير محمد انڙ، محمد نواز کهڙو، الهورايو جروار، عبدالرحمان، فريد الدين، ساڌو رام، آنند رام، عبدالحق ڀُٽي، گل محمد ابڙي، عبدالهادي ٻگهئي ۽ محمد هاشم جوڻيجي شرڪت ڪئي.

اجلاس جي مکيه فيصلن مان ڪي هي آهن:

ڊائريڪٽر انڊسٽريز کي 11 سيڪڙو گهٽ بهاءُ تي تور ۽ ماپ سان لاڳاپيل اوزار وڪرو ڪري ڏيڻ، محمد ايوب کهري جي وزير ٿيڻ ۽ ڪاميٽين تان استعيفا ڏيڻ ڪري محمد نواز کهڙي کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۽ محمد هاشم جوڻيجي کي روڊ ڪاميٽي تي چونڊڻ، لوڪل بورڊ جي صدر جو ساليانو سفر الائونس 500 رپيا مقرر ۽ منظور ڪرڻ، باڊهه اسڪول کي نئين ۽ پراڻي باڊهه جي وچ تي منتقل ڪرڻ، فائنل پاس نائب پٽيوالن جو پگهار وڌائي 12 رپيا درماهه ڪرڻ، لاڙڪاڻي ضلعي جا پتڻ ٺيڪي تي ڏيڻ، هيلٿ جي عملي کان سيڪيورٽي ڊپازٽ وٺڻ، وٽرنري ڊسپينسريز ۾ ڍورن بيهارڻ لاءِ ڇاپرا ٺهرائڻ ۽ ڍورن تپاسڻ لاءِ مقرر ڪيل في جي منظوري ڏيڻ، قبي سعيد خان ميڊيڪل ڊسپينسري لاءِ مالڪاڻي تي زمين حاصل ڪرڻ، لوڪلبورڊ جي سپليمينٽري بجيٽ اسٽيٽس منظور ڪرڻ

17 جون 1940ع

سنڌ جي روينيو ڪمشنر ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي صلاح ڏني ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ لڳندڙ ميلن جو انتظام ”رورل ريڪنسٽرڪشن ڊپارٽمينٽ“ حوالي ڪيو وڃي، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ اها صلاح قبول نه ڪئي، ياد رهي ميلن مان لوڪلبورڊ کي آمدني ٿيندي هئي، مثال طور ٽن سالن ۾ انهيءَ آمدني جو تفصيل هن ريت رهيو. سال 40-1939ع (224 رپيا 10 آنا)، سال 39-1938ع (557 رپيا) ۽ سال 38-1937ع (220 رپيا 6 آنا)

20 جون 1940ع

جڳت پرڪاش نارائڻداس منشاراماڻي سکر ۾ ڄائو، اڃا ننڍو ئي هئو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ان ڪري کيس وطن جا وڻ ڇڏي وڃي راجڪوٽ وسائڻو پيو، هن اتي ئي علم ادب جي دنيا ۾ ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار جي حيثيت سان پاڻ موکيو.

24 جون 1940ع

مسجد منزل گاهه انڪواري ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ عمر خان فوجدار ۽ مولوي محمد صادق جون شاهديون ورتيون، جن ۾ انهن ڀڳت ڪنوررام جي شهادت ۽ مسجد منزل گاهه تحريڪ بابت پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا.

26 جون 1940ع

پرائمري مسلم ليگ برانچ گوزي جي مولوي غلام محمد ٻرڙي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ، جي پٺڀرائپ ڪئي وئي ۽ سنڌي مسلمانن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي، هن گڏجاڻي ۾ ڳوٺ ۽ تر ۾ پيدا ٿيل بدامنيءَ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري سرڪار کان امن قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.

26 جون 1940ع

ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي لوڪلبورڊس جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۾ روڊن جي ترقيءَ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن ڪانفرنس ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي طرفان چيف آفيسر شرڪت ڪئي.

27 جون 1940ع

”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ ”سکر معاملي جي اصل حقيقت ڇا آهي؟“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، جنهن ۾ مکي جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي روشني وڌي وئي آهي.

28 جون 1940ع

لوڪل فنڊ اڪائونٽس جي اسسٽنٽ ايگزيمنر جي مراسلي نمبر 388/13-3 ايل موجب لوڪلبورڊ کي لکيو ته ورڪ چارجڊ عملي کي هن ريت موڪلون ڏنيون وڃن:

ديوالي (هڪ ڏينهن) عيد رمضان (هڪ ڏينهن)، ٻاڪري عيد (هڪ ڏينهن) محرم 0هڪ ڏينهن ڏهين محرم)، ريزڪي موڪل (سال ۾ 10 ڏينهن) ۽ هر هڪ جمعو.

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ پنهنجي 8 آگسٽ 1940ع واري گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ نمبر 19 ذريعي موڪلن جي انهيءَ طريقه ڪار کي منطور ڪيو.

28 جون 1940ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر ڊيمي آفيشل ليٽر لکي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي صلاح ڏني ته جنگ ۾ مالي طور تي شريڪ ٿيڻ لاءِ سرڪار کي 5000 رپيا چندو ڏنو وڃي.

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ پنهنجي 8 آگسٽ 1940ع واري ٺهراءُ ۾ انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪيو، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو صدر اڳواٽ 5000 رپيا ڏئي چڪو هو، ڪاميٽيءَ اهڙي منظوري ڏني پر علي گوهر لاهوري انهيءَ تجويز خلاف ووٽ ڏنو.

28 جون 1940ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر ڊيمي آفيسر ليٽر لکي لوڪلبورڊ جي صدارت کي چيو ته ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ”وار پلين فنڊ“ ۾ 5000 رپيا ڏئي چيئرمين اهو چندو فراهمڪيو ۽ لوڪلبورڊ پنهنجي 26 سيپٽمبر 1940ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 44 موجب پنهنجي صدر جي انهيءَ عمل جي منظوري ڏني،

هي ٻي مهاڀاري لڙائي جا ڏينهن هئا ۽ لڙائي ۾ لوڪلبورڊ 5000 رپين جو چندو ڏئي جهڙوڪ حصو ورتو.

10 جولاء 1940عِ

”الوحيد، اخبار ۾ سنڌ جي وڏي وزير الله بخس سومري بابت اها خبر شايع ٿي ته هن ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته مسجد منزل گاهه واري مسئلي تي هن جي گهري نظر رهي آهي ۽ هن اپريل 1940ع ۾ خود وڃي مسجد منزل گاهه جو دورو ڪيو هو.

14 جولاءِ 1940ع

حاجي عبدالله هارون جي بنگلي سي فيلڊ تي سنڌ صوبي مسلم ليگ ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسجد منزل گاهه مسئلي ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي فعال بنائڻ وارن ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ويو.

14 جولاءِ 1940ع

سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ نمبر 3 موجب سکر فسادن جي جاچ ڪورٽ ۾ علي محمد شاهه راشديءَ جي ورتل ڪوششن ۽ خدمتن جي واکاڻ ڪئي وئي.

14 جولاءِ 1940ع

”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ انڪوائري ڪورٽ جي ڪاروائي ۽ ان ۾ علي محمد شاهه راشدي ۽ مسٽر لولا جا ڏنل دليل شايع ٿيا.

علي محمد شاهه راشديءَ ظاهر ڪيو ته خانبهادر الله بخش سومري پاڻ اهڙي سياست کيڏي، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد منزل گاهه وارا فساد ٿيا.

مسٽر لولا انهيءَ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ جي سياست ۽ ذهنيت ئي فسادن جو ڪارڻ هئي، ڇو ته کين فقط خانبهادر الله بخش جي وزارت کي ڊاهڻو هو، انهيءَ معمولي ڪم ڪري هنن هيڏا سارا فساد ڪرايا.

14 ۽ 15 جولاءِ 1940ع

سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جيڪا پهرين ڏينهن پورا اٺ ڪلاڪ هلي، گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 15 کان 17 نومبر تائين لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس، سڏائجي، جنهن جي صدارت لاءِ پنجاب جي وزير اعظم سر سڪندر حيات کي دعوت ڏجي، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مسجد منزل گاهه تريبيونل ۾ پير علي محمد شاهه راشدي حصو وٺي ثبوت پيش ڪري.

17 جولاءِ 1940ع

پروفيسر هاسارام سندرداس پمناڻي ميرپور ماٿيلي کان موٽندي روهڙي اسٽيشن تي لهي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڏينهن ڏٺي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو.

18 جولاءِ 1940ع

پروفيسر هاسارام سندرداس پمناڻي جنهن کي ڪلهه گولي هڻي ماريو ويو هو، تنهنجي ارٿي کنئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا، شام جي وقت سندس سوڳ ۾ عام جلسو به ڪيو ويو.

28 جولاءِ 1940ع

سنڌ جي هارٽيڪلچرسٽ پنهنجي مراسلي نمبر 860 ذريعي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي گذارش ڪئي ته باغبانيءَ ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي ٻن شاگردن کي 20 رپيا در ماهه جي حساب سان اسڪالرشپ ڏني وڃي، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي پنهنجي 8 آگسٽ 1940ع واري گڏجاڻيءَ ۾ انهيءَ گذارش تي ويچارڪيو ۽ ٺهراءُ نمبر 42 ذريعي انهيءَ گذارش کي فنڊن جي کوٽ جي ڪارڻ تي رد ڪري ڇڏيو.

8 آگسٽ 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي طرفان وزير ٿيڻ ڪري ايل ڊبليو مسلم هاسٽل جي ٽرسٽي هئڻ تان استعيفا ڏيڻ ڪري سندس جاءِ تي خانبهادر احمد خان ڀٽي کي ٽرسٽي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

14 آگسٽ 1940ع

1939ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي درسي ڪتابن ۾ اعرابن جون تبديليون آنديون ته سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان هندن ۽ مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ هڪ وڏي تحريڪ جنم ورتو، سنڌي دان وزير تعليم سان مليا ۽ نتيجي ۾ سرڪار پنهنجي هڪ حڪم نامي نمبر 40/8، 666 مطابق سينٽرل ايڊوائيزري ڪنٽرول بورڊ فار سنڌي لٽريچر قائم ڪيو، جنهن ۾ 9 مسلمان ۽ 6 هندو ميمبر نامزد ڪيا ويا، هن بورڊ اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ جو روپ ورتو.

14 آگسٽ 1940ع

درسي ڪتابن ۾ اعرابون ڏيڻ واري مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ فرقيواريت کي ماٺي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تعليم واري وزير ”سيٽرل ايڊوائيزري اينڊ ڪنٽرول بورڊ“ جوڙيو، جنهن ۾ 9 مسلمان ۽ 6 هندو ميمبر رکيا ويا.

31 آگسٽ 1940ع

وڏيري، پير ۽ سياستدان حسين بخش شاهه جو والد سيد حاجي ميان پير شاهه وفات ڪري ويو.

26 سيپٽمبر 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس سردار نبي بخش خان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نائب صدر پرڀداس، ساڌو رام، عبدالحق ڀُٽي، پير بخش، مٺل خان شيخ، عبدالرحمان ڪلهوڙي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، حسن علي اسراڻ، علي گوهر لاهوري، فقير محمد انڙ، الهداد تنئي، محمد هاشم جوڻيجي، قادر بخش، محمد نواز کهڙي، سيٺ آنندرام، گل محمد ابڙي، الهورايو، جروار شرڪت ڪئي. هن اجلاس جا مکيه فيصلا هيٺ ڏجن ٿا:

پرڀداس تولاڻي کي بنا مقابلي چونڊجي اچڻ تي مبارڪ باد درياهه جي مڇي مارڻ جو سال 41-1940ع لاءِ 4000 رپين ۾ (ٽن ٺيڪيدارن هر هڪ ڇٽي، جسارام ۽ نولداس) ڏيڻ جي منظوري، رتيديري ۾ وٽرنري ڊسپينسري قائم ڪرڻ جي منظوري، شهدادڪوٽ وٽرنري ڊسپينسري لاءِ 41-1940 بجيٽ اسٽِيميٽ منظور ڪرڻ، بدليءَ واري هنڌ تي سيشن دوران لوڪلبورڊ جي ملازمن جي ٻارن کان انگلش ڪلاسز ۽ اي وي اسڪولن ۾ داخلا في نه وٺڻ جو فيصلو، ڳيريلي ۾ مال جي پاڻي لاءِ کڏ کي ٻيهر کولڻ، ملازمن جي درخواستن تي فيصلا ڏيڻ.

12 آڪٽوبر 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي سردار نبي بخش خان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ احمد خان ڀُٽي، پير بخش کهاوڙ، عبدالحق ڀُٽي، علي گوهر لاهوري، الهداد تنئي، محمد نوازکهڙي ۽ پرڀداس تولاڻي شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ لوڪلبورڊ طرفان سونپيل ڪم اڪلايو ويو ۽ ملازمن جي مسئلن، ترقياتي ڪمن جي تخمينن ۽ ٺيڪن جي منظوريءَ بابت فيصلا ڪيا ويا.

17 آڪٽوبر 1940ع

ڪانگريس ستياگرهه تحريڪ جو آغاز ڪيو، سنڌ هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.

26 آڪٽوبر 1940ع

نبي بخش خان ڀُٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب صدر احمد خان ڀُٽي، فريد ادلين جتوئي، سيٺ آنند رام، مکي پارو مل، سيٺ ساڌو رام، پير بخش، عبدالرحمان ڪلهوڙي، گل محمد ابڙي، الهداد تنئي، محمد نواز ڪلهوڙي، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، عبدالحق ڀُٽي، محمد هاشم جوڻيجي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، جان محمد چانڊئي، قادر بخش تنئي ۽ پرڀداس تولاڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪيل مکيه فيصلن مان ڪي هي آهن:

سيٺ کيئلداس کي تعلقي لاڙڪاڻي جي حدن اندر لاڙڪاڻي قمبر روڊ جي مرمت جو ٺيڪو 8040 رپين ۾ ڏيڻ جي منظوري، مختلف ڳوٺن ۾ ٽيوب ويل هڻائڻ يا مرمت ڪرڻ جي منظوري، هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي سال 41-1940ع لاءِ سپليمينٽري بجيٽ منظور ڪرڻ، هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر حاجي کي موڪل تي وڃڻ ۽ ان کان پوءِ لوڪلبورڊ جي ملازمت تان رٽائر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وغيره.

5 نومبر 1940ع

سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ طرفان نواب شاهه ۾ ”هندو مسلم اتحاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن جي صدارت نامياري ديني عالم ۽ سياستدان مولانا عبدالڪريم چشتيءَ ڪئي. هيءَ ڪانفرنس پورا ٻه ڏينهن هلي هئي.

10 نومبر 1940ع

لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر، سياستدان ۽ روحاني شخصيت ميان علي محمد قادري وفات ڪئي، هن پنهنجي علمي ۽ ادبي روايتن سان لاڙڪاڻي جي قادري خاندان کي تشخص ڏنو، سندس ڪوششن سان ڪيترين علمي ۽ ادبي تنظيمن جنم ورتو، سندس ولادت 1856ع ۾ ٿي هئي.

13 نومبر 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اخبارن ۾ نئين ديري ڊسپينسري لاءِ ميڊيڪل آفيسر جي آساميءَ جو اشتهار ڏياريو.

ياد رهي ته اها نوڪري مسلمانن لاءِ مخصوص هئي، پر ڪنهن به مسلمان درخواست نه ڏني هئي، نتيجي ۾ ڊاڪٽر تلميداس ڪيولراماڻيءَ کي 150 رپين جي درماهه پگهار تي نئين ديري ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو هو.

16 ڊسمبر 1940ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سردار نبي بخش خان ڀُٽي ڪئي، جڏهن ته ان ۾ احمد خان ڀُٽي، پرڀداس تولاڻي، الهداد تنئي، عبدالحق ڀُٽي، علي گوهر لاهوري ۽ وڏيري محمد نواز کهاوڙ شرڪت ڪئي.

گڏجاڻيءَ ۾ ملازمن جي مسئلن، ترقياتي ڪمن جي تخمينن ۽ ٺيڪن جي منظوري بابت فيصلا ڪيا ويا ۽ لوڪل بورڊ طرفان سونپيل ڪم اڪلايو ويو.

16 ڊسمبر 1940ع

قائد اعظم محمد علي جناح وڪالت سبب ڪراچيءَ آيو، ليڪن ڪجهه ڏينهن ترسي مسلم ليگ کي فعال بنائڻ جي ڪوشش ڪيائين، هن ان سلسلي ۾ هڪ ”منتظم ڪاميٽي“ جوڙي جنهن ۾ لاڙڪاڻي واسي قاضي فضل الله کان سواءِ محمد هاشم گذدر، غلام النبي پٺاڻ، يوسف حاجي عبدالله هارون، عبدالستار جان سرهندي، سيد حسين بخش شاهه ۽ فيض محمد مڱريئي کي ميمبر بڻايو ويو ۽ جي ايم سيد کي ان ڪاميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو ويو.

20 ڊسمبر 1940ع

سنڌيءَ لاءِ قائم ڪيل سينٽرل ايڊوائيزري اينڊ ڪنٽرول بورڊ جي سب ڪاميٽيءَ جي علام آءِ آءِ قاضي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي واري اي ۽ اؤ لکڻ واري سرشتي جي پٺڀرائپ ڪئي وئي ۽ اهو تجويز ڪيوويو ته باقي اعرابن وارا ٻيا سوال جهڙوڪ لفظن جي سرن، پڇاڙيءَ وارو سر، جزم، تشديد واريون تبديليون ۽ اچارن وارو اهم سوال مهمل ڪيو وڃي، ڏيارام مير چنداڻي ۽ ڌرم ديو جيٽلي مخالفتي نوٽ لکيو.

22 ڊسمبر 1940ع

اسڪولبورڊ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 19 ذريعي فيصلو ڪيو ته بکوديرو بوائز ۽ گرلس اسڪول جيڪي حيدربخش جتوئي (ڪامريڊ) جي جاءِ ۾ هلي رهيا آهن، انهن لاءِ اها جاءِ خريد ڪئي وڃي.

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 29 مارچ 1941ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر ذريعي حيدر بخش جتوئي جي اها جاءِ 6500 رپين ۾ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

22 ڊسمبر 1940ع

بنگل ديري جي جامع مسجد ۾ حاجي محمد عباس ڀٽي جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو، جمعي جو ڏينهن هجڻ ڪري نمازين جو وڏو تعداد جلسي ۾ شريڪ ٿي سگهيو، جلسي کي ڊاڪٽر عبيدالله ۽ مولوي يحيٰ خطاب ڪيو، آخر ۾ ٺهرائن پاس ڪرڻ ذريعي مسٽر محمد علي جناح تي اعتماد جو اظهار ڪيوويو ۽ خانبهادر الله بخش سومري جي وزارت ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.

Good Wishes