18 جنوري 1938ع

سنڌ سرڪار پنهنجي حڪم نامي نمبر جي آر پوليٽيڪل ۽ مسيلنس دپارٽمينٽ نمبر (37) پي-5-52-5 ذريعي لوڪلبورڊس ۽ ٻين ادارن کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ ملازمتون فقط سنڌين کي ڏنيون وڃن، ”سنڌي“ جو مطلب اهو اهي ته اهو ماڻهو جيڪو سنڌي ڳالهائي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هجي ۽ سنڌ ۾ ڄائو هجي.

27 جون 1940ع تي سرڪار وري لوڪلبورڊس کي انهيءَ تاڪيد جو يادگيرو ڏياريو، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 5 مارچ 1942ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 23 ذريعي انهيءَ تاڪيد نامي کي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

31 جنوري 1938ع

سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، علي گوهر لاهوري، قادر بخش تنئي، سيد ميهر شاهه، ڪريم بخش، عبدالرحمان، الاهي بخش کوکر، الهداد تنئي، واڌو مل، پرڀداس، آسوديمل، آنند رام شهدادڪوٽي، آنند رام باڊاهي، الهه ورايئي، عبدالحق ڀٽي، الهه بخش جلباڻي، گل محمد ابڙي، گوڪلداس، عبدالهادي ٻگهئي ۽ محمد علي مغيري صاحبان شرڪت ڪئي.

هن اجلاس ۾ منظور ڪيل مکيه ٺهرائن ۽ فيصلن مان هي ذڪر لائق آهن. لوڪل بورڊ آفيس ۾ مسجد ٺهرائڻ لاءِ 500 روپيه منظور ڪرڻ، پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن ٺاهڻ جي منظوري ڏيڻ، ڪلريڪل ڪيڊر جا نوان اسڪيل منظور ڪرڻ، سال 36-1935ع جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻ، لوڪلبورڊ جي ميمبر صاحب خان ۽ ليگل ايڊوائيز عباسيءَ جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪرڻ، مختلف اسڪولن جي اسپيشل مرمت ڪرائڻ واري ڪم جي منظوري ڏيڻ، اهڙيءَ ريت روڊن ۽ مساسفرن خانن جي مرمت ۽ تعمير واري ڪم جي منظوري ڏيڻ ۽ ستن ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ 5 رپيا ماهه پگهار تي ست پٽيواليون رکڻ جي منظوري ڏيڻ.

1 فيبروري 1938ع

بولچند مورومل کٽواڻي سکر ۾ ڄائو، هي صاحب اڳتي هلي ”ڪمل“ جي تخلص سان شاعر مشهور ٿيو، جڏهن ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي پوربندر وسايائين.

8 فيبروري 1938ع

مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”حزب الله“ جماعت جي ايڪونجاهه رضاڪارن کي بدين ۾ گرفتار ڪيو ويو، اهي رضاڪار لواري حج کي روڪڻ لاءِ ستياگرهه ڪرڻ واسطي بدين ۾ ڪيمپ هڻي ويٺا هئا.

16 فيبروري 1938ع

 

 

 

لواري حج خلاف ستياگره ڪرڻ وارن کي آزاد ڪيو ويو، هن طرف بدين ۾ ”حزب الله“ جماعت جي سهاري هيٺ ستياگرهين جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي حاجي احمد ملاح ۽ مولوي عبدالوهاب تقريرون ڪيون، اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته مولوي خير محمد نظاماڻي، سنڌ جي وڏي وزير سر غلام حسين هدايت الله سان ملاقات ڪري ۽ مٿس اهو زور آڻي ته حج لواريءَ کي قانوناً بند ڪيو وڃي.

19 فيبروري 1938ع

”حزب الله“ جماعت جي ستياگرهي والنٽيئرن جي فيصلي موجب مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ مولوي عبدالغفور سيتائيءَ سنڌ جي وڏي وزير سان سندس بنگلي تي ملاقات ڪئي ۽ هن اڳيان لواريءَ جي حج کي قانوناً بند ڪرڻ بابت مسلمانن جو مطالبو پيش ڪيو، انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي وفد جي مدد ڪئي ۽ وڏي وزير اڳيان مسئلي جي قانوني پهلوءَ کي واضح ڪيو، چيف منسٽر وفد کي صلاح ڏني ته هو ساري بحث کي هڪ باقاعده پٽيشن جي صورت ۾ سنڌ سرڪار اڳيان پيش ڪن.

24 فيبروري 1938ع

سر غلام حسين هدايت الله جي بنگلي تي ڪراچيءَ ۾ ديموڪريٽڪ پارٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي عهديدار چونڊڻ واري مسئلي تي غور ڪيو ويو، خانبهادر محمد ايوب کهري جماعت جي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي.

25 فيبروري 1938ع

سر غلام حسين هدايت جي صدارت هيٺ ڊيموڪريٽڪ ڪولئيشن پارٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي 11 ميمبرن شرڪت ڪئي. انهن مان لاڙڪاڻي واسي ميمبر هئا. خانبهادر کهڙو ۽ حاجي امير علي لاهوري.

گڏجاڻيءَ ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي منٽس پڙهڻ ۽ بحال ڪرڻ کان سواءِ ”تماڪ بل“ ۽ ”فنانس بل“ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

2 مارچ 1938ع

جيرام سي روهڙا لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي الهاس نگر ۾ ويٺو، هن اتي ئي علم ادب جي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار ۽ شاعرن جي حيثيت ورتي.

10 مارچ 1938ع

تعلقي رتيديري جي ڳوٺ پير ڳوٺ ۾ سيد امام شاهه راشديءَ جي گهر ۾ ذوالفقار جي ولادت ٿي، جنهن اڳتي هلي ”ذوالفقار“ راشدي جي نالي سان شاعري، تنقيد ۽ صحافت ۾ نالو ڪمايو.

15 مارچ 1938ع

ٽيڪ چند ريواڻي ”مست“ چوهر جمالي ۾ ڄائو، هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي الهاس نگر ۾ ويٺو، هن اتي ادبي دنيا ۾ ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو.

15 مارچ 1938ع

جنوري 1938ع کان 15 مارچ تائين ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ماتا جي بيماريءَ جا 106 ڪيس ٿيا، جن مان 9 فوت ٿي ويا، ضلعي جي ڪليڪٽر بيماريءَ جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ميلن ۽ ملاکڙن تي پابندي وجهي ڇڏي، ماڻهن کي تڪا هڻڻ ۾ ٻن مختيارڪارن هر هڪ سيد الطاف حسين ترمذيءَ ۽ محمد يعقوب آغا اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪليڪٽر ۽ ٻن مختيارڪارن جي انهن خدمتن جي مڃتا طور ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 3 اپريل 1938ع واري اجلاس ۾ ٺهرا5 پاس ڪيو.

23 مارچ 1938ع

سنڌ ۾ خانبهادر الله بخش سومري جي وزارت قائم ٿي.

23 مارچ 1938ع

خانبهادر الهه بخش سومري ”اتحاد پارٽي“ جي ليڊر جي حيثيت ۾ ڪانگريس ۽ هندو گروهه جي مدد سان وزارت بنائي، انهيءَ وزارت ۾ کاتن جي ورهاست هن ريت ڪئي وئي:

الله بخش سومرو (وڏو وزير) خزانو ۽ داخلا، نهچلداس وزيراڻي پي ڊبليو ڊي، ميڊيڪل ۽ پبلڪ هيلٿ، پير الاهي بخش روينيو.

26 مارچ 1938ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورد جي هيلٿ ڪاميٽيءَ ٺهراءُ پاس ڪيو ته ضلعي اندر ميلن ۽ ملاکڙن تي پابندي وڌي وڃي ڇو ته اهي اقتصادي، سماجي ۽ اخلاقي لحاظ کان ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آهن. ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 3 اپريل 1938ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 45 موجب ميلن ملاکڙن تي پابندي وڌي.

31 مارچ 1938ع

لاڙڪاڻي صلعي ۾ جملي سرڪاري تعليمي ادارن جو تعداد 359 رهيو، جن ۾ 21971 شاگرد پڙهندا هئا، اهڙي ريت غير منظور تعليمي ادارا 94 هئا، جن ۾ 1169 شاگرد تعليم وٺندا هئا، ڳوٺن ۽ شهرن جو تعداد 453 هو، جن مان 378 ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اسڪول قائم ٿيل هئا.

1 اپريل 1938ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي وهنوار هلائڻ لاءِ هڪ سال (31.3.1939 تائين) لاءِ جيڪي ڪاميٽيون ٺاهيون، اهي هي آهن.

1. اسٽيڊنگ ڪاميٽي: محمد ايوب کهڙو(صدر)، احمد خان ڀٽو، الهداد تنيو، پرڀداس تولاڻي، عبدالهادي ٻگهيو، عبدالحق ڀٽو ۽ گوڪلداس.

2. لاڙڪاڻه مدرسه ڪاميٽي: علي گوهر لاهوري (چيئرمين)، آنند رام، مٺل خان شيخ، گل محمد ابڙو، عبدالحق ڀتو، گوڪلداس ۽ محمد هاشم جوڻيجو.

3. هيلٿ ڪاميٽي: ڪريم بخش خان کهاوڙ (چيئرمين). غلام مصطفيٰ اسراڻ، سيٺ ساڌو رام، الهه ورايو جروار، آنند رام باڊاهي، فقير محمد انڙ، عبدالحق ڀٽو، عبدالهادي ٻگهيو ۽ گل محمد ابڙو.

4. وٽرنري ڊسپينسري ڪاميٽي لاڙڪاڻو: الهداد تنيو (صدر) آنندرام، غلام مصطفيٰ اسراڻ ۽ محمد هاشم جوڻيجو.

5. روڊن جي ڪاميٽي: محمد ايوب کهڙو (صدر)، احمد خان ڀٽو، ڪريم بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، پير بخش کهاوڙ، پرڀداس تولاڻي، گوڪلداس، فريد الدين جتوئي، جان محمد چانڊيو، گل محمد ابڙو ۽ الهه ورايو جروار.

 3 اپريل 1938ع

سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، فريد الدين جتوئي، ديوان واڌو مل، محمد علي مغيري، احمد خان ڀٽي، آسوديمل، آنند رام شهدادڪوٽي، آنند رام باڊاهي، فقير محمد انڙ، الهه ورايو جروار، پير بخس کهاور، عبدالهادي ٻگهيو، عبدالرحمان ڪلهوڙو، علي گوهر لاهوري، الاهي بخش کوکر، عبدالحق ڀتي، جان محمد چانڊيو، گل محمد ابڙو، مٺل خان شيخ، سيٺ آئل داس، الهداد، قادر بخش تنيو ۽ پرڀداس تولاڻي شرڪت ڪئي.

هن اجلاس ۾ جيڪي اهم فيصلا ڪيا ويا تن مان هي ذڪر لائق آهن، بنگل ديري ۾ 6234 رپين جي لاڳت سان اسڪول جي عمارت جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ، اسڪول بورڊ جي ملازمن لاءِ جوڙيل موڪلن جا  رولز منطور ڪرڻ، پٺتي پيل ڪٽبن جي ٻارن لا3 3 رپيا ماهه جي حساب سان 10 عدد اسڪالرشپون منطور ڪرڻ، ماتا جي بيماري کي منهن ڏيڻ لا3 عورت ويڪسينيشنس مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، دسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جون مختلف (اسٽيڊنگ، مدرسه، هيلٿ ۽ روڊس) ڪاميٽيون ٺاهڻ، مختلف ناڪن جي 45800 رپين ۾ ٺيڪيداري منطور ڪرڻ، ضلعي اندر مختلف روڊن جي مرمت ۽ تعميرواري ڪم جي منظوري ڏيڻ، ميلن ۽ ملاکڙن تي پابندي وجهڻ، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي سال 38-1937ع لا3 نظر ثاني ڪيل بجيٽ منظور ڪرڻ، نصيرآباد ۽ شهدادڪوٽ جي اي وي اسڪولن ۾ انگريزي پنجين درجي پڙهائڻ جي منظوري ڏيڻ

16 ۽ 17 اپريل 1938ع

ميهڙ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ارڙهون ساليانو اجلاس عيد گاهه ۾ ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش ۽ مولانا چشتي کان سواءِ لاڙڪاڻي ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ جي صدر مولوي عبدالڪريم بٺوي ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي، آخر ۾ ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جهڙوڪ سرڪار کان مطالبو ته سنڌي مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪري زراعت لاءِ گهربل پاڻي مهيا ڪيو وڃي، اسيمبلي ميمبرن کان مطالبو ته شريعت بل، قرض بل ۽ انتقال ايراضيءَ جو بل پاس ڪرائن ته سرڪار يهود نوازپاليسي ترڪ ڪري فلسطيني مسلمانن سان انصاف ڪري، سرڪار لاپي رشوت ۽ رسائي جي لعنت ختم ڪري ۽ لواريءَ واري مصنوعي حج تي پابندي وجهي،

ڪانفرنس جو تفصيل ۽ پاس ڪيل ٺهراءُ گل حيات ۾ موجود آهي.

18 اپريل 1938ع

مغربت جي نماز بعد لاڙڪاڻي جي تجرباغ جي کليل ميدان ۾ ضلعي ۽ شهر جي مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا ميرمحمد نورنگي ڪئي، هن جلسي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ کي مقبول بڻايو ويندو ۽ مسلمانن کي ڪانگريس کان پري رکيو ويندو، هن جلسي لاءِ اڳ ۾ جيڪو اشتهار ڇپرايو ويو هو تنهن ۾ 32 عالمن ۽ سياستدان جي اپيل ڏني وئي هئي، انهيءَ جلسي ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي 25 ميمبرن جا تفصيل گل حيات انشتيٽيو ۾ محفوظ آهن.

22 اپريل 1938ع

لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي 25 ميمبرن کان سواءِ ضلعي عهديدار به چونڊيا ويا، انهيءَ چونڊ پٽاندر خان بهادر کهڙي کي صدر، سرائي علي گوهر خان لاهوري کي نائب صدر، قاضي فضل الله کي نائب صدر، عبيدالله کي جنرل سيڪريٽري ۽ ميان غلام عباس قادري کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.

22 اپريل 1938ع

شڪارپور ۾ ”چوٿين سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌي عوام ۽ خاص طور تي سنڌ مسلمانن کي سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي خودمختياري وٺي ڏيڻ واري تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جو تاڪيد ڪيوويو.

22 کان 24 اپريل 1938ع

سيد عطاءُ الله بخاري امرتسريءَ جي صدارت هيٺ شڪارپور جي جمالي هال ۾ ”چوٿين سنڌ مسلم ڪانفرنس“ ٿي،جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سياسي اڳواڻن ۽ مذهبي عالمن شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي جي مولوي نذير حسين هن ڪانفرنس ۾ تقرير ڪئي ۽ ٺهرائن کي ٽيڪو ڏنو، هن ڪانفرنس جي تفصيلي رپورٽ ”گل حيات“ ۾ موجود آهي، هن ڪانفرنس ۾ 18 ٺهراءُ بحال ڪيا ويا، جن مان فلسطيني عربن سان همدردي، ديسي مال واپرائڻ، ڪرمنل ٽرائبس ائڪٽ ختم ڪرڻ، فرنٽيئر ريگيوليشن ائڪٽ رد ڪرڻ، اسڪول ۾ مذهبي تعليم لازمي ڪرڻ، رشوت لاپو ۽ شراب بند ڪرڻ وغيره ذڪر لائق آهن.

23 اپريل 1938ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي اجلاس ۾ خانبهادر محمد ايوب کهري ۽ چيف آفيسر کي اهو اختيار ڏنو ته هو اهو فيصلو ڪن ته اسڪول بورڊ لاءِ الڳ هڪ اوورسيئر مقرر ڪجي يا نه؟ جيڪڏهن مقرر ڪجي ته پوءِ ان جو پگهار ڪيترو هجي؟

هن ڪاميٽي اسڪولبورڊ لاءِ الڳ اوورسيئر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ اها سفارش اڳتي هلي ڊشٽرڪٽ لوڪلبورڊ 21 نومبر 1938ع واري اجلاس ۾ منظور ڪئي.

24 اپريل 1938ع

حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٺهرائن ذريعي سنڌي مسلمانن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ، لنواري حج تي پابندي وجهڻ ۽ مسجد منزل گاهه مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي.

24 اپريل 1938ع

سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ پنهنجي هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته لنواري حج تي هڪدم پابندي وڌي وڃي.

2 مئي 1938ع

سيڪريٽري سنڌ ڪاليجيئٽ بورڊ ضلعي لاڙڪاڻي جي لوڪلبورڊ کي لکيو ته اوهان طرفان نامزد ڪيل ميمبر (محمد ايوب کهڙي) جو مدو 30 اپريل 1938ع تي پورو ٿي رهيو آهي، ان ڪري اسان جي بورڊ تي پنهنجو ميمبر نامزد ڪري موڪليو، لاڙڪاڻي کي ڊسٽرڪٽ بورڊ محمد ايوب کهري کي ئي ڪاليجيئٽ بورڊ تي پنهنجي طرفان نمائندو/ميمبر طور نامزد ڪيو، بورڊ اهو فيصلو پنهنجي 3 اپريل واري اجلاس ۾ ڪيو.

4 مئي 1938ع

الوحيد جي پرچي ۾ سيد ٻڍل شاهه جو جي ايم سيد جي نالي کليل خط شايع ٿيو، جنهن ۾ خط نگار جي ايم سيد تي الزام لڳايا ته هن سنڌ اسيمبلي4 ۾ غلام حسين وزارت خلاف دشواريون پيدا ڪري عملي طور تي هندو دوستيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.

16 مئي 1938ع

لاڙڪاڻي صلعي ۾ ڪالرا منهن ڪڍيو، جنهن 1 سيپٽمبر 1938ع تائين راڱا لاهي ڇڏيا، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي هيلٿ ڊپارٽمينٽ مڙسي ڪري، هن وبا کي وڌيڪ پکڙجڻ ۽ نقصان ڪرڻ کان روڪيو، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورد صحت کاتي جي ملازمن ۽ آفيسرن کي آفرين ڏني ۽ کين انهيءَ عرصي جو سفري خرچ پڻ ڏنو.

3 جون 1938ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب صدر ڪريم بخش کهاوڙ، احمد خان ڀٽي، پرڀداس، ساڌو رام، گوڪلداس، سيٺ آنند رام، گل محمد ابڙي، احمد خان ڀٽي، پرڀداس، ساڌو رام، گوڪلداس، سيٺ آنند رام، گل محمد ابڙي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، علي گوهر لاهوري، فريد الدين جتوئي، محمد ايوب کهڙي، حسن علي اسراڻ، عبدالرحمان ڪلهوڙي، جان محمد چانڊيو، عبدالهادي ٻگهيو، الهداد تنيو، محمد هاشم جوڻيجو، عبدالحق ڀٽي، قادر بخش تنيو، مٺل خان شيخ ۽ الهورايو جروار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪيل مکيه فيصلن مان ڪي هي آهن.

بمبئي لوڪل سيلف گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ جي ميبري وٺڻ ۽ ان لاءِ لوڪلبورڊ طرفان هڪ سو رپيا ميمبرشپ في ڏيڻ، عاقل ۾ اسڪول عمارت جوڙڻ لاءِنارائڻداس کي ٺيڪو ڏيڻ، ٻير ۾ ميٽرنٽي هوم لاءِ پنجن مهينن لاءِ مفت ۾ پنهنجي جاءِ ڏيڻ تي لوڪلبورڊ طرفان پنهنجي ميمبر رئيس الهداد تنيو جي شڪريه ادائي، محمد ايوب کهڙي جي ٽي اي بل جي منظوري ڏيڻ ۽ ڦلپوٽن لڳ گهاڙ واهه واري پل جي مرمت ڪرائڻ.

7 جون 1938ع

ٽيڪم ميٺارام آسوداڻي ”آفتاب“، صحبت ديري جتوئي، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بئراڳڙهه، ڀوپال ۾ ويٺو ۽ اتي علم ادب جي دنيا ۾ شاعر خواهه ايڊيٽر جي حيثت سان پاڻ موکيائين.

12 جون 1938ع

نارائڻ موٽومل ٻڌراڻي ”ناري پدم“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، اڄ ڪلهه ناگپور ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، هن جي لکيل ڪتابن مان ”اموشي جا دائرا“ (1972ع)  ذڪر لائق آهي.

18 جون 1938ع

انجمن شعراء هالا جي سهاري هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، هن مشاعري جي مصرع طرح هئي.

هاءِ حسرت موت وارو داغ دل منظور ڪيو.

7 جولاءِ 1938ع

ميروخان ۾ عالمن ۽ مسلم ليگي ورڪرن جي جنرل ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ٺهراءُ ذريعي ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ ۽ ان جي آرگن اخبار ”اصلاح“ جي حڪومت ۽ وزارت دوستيءَ واري حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪندي اهو چتاءُ ڏنو ويو ته ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي اهڙي روش ان کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنهنجي موت ماري ڇڏيندي.

8 جولاءِ 1938ع

تعلقي ميروخان جي ڳوٺ محبوب تنيو جي جامع مسجد ۾ رئيس ميان ڪريم بخش صدر مسلم ليگ شاخ جي صدارت ۾ جلسو ٿيو، جلسي ۾ پاس ڪيل ٺهرائن جا تفصيل ”گل حيات“ ۾ موجود آهن، ٺهرائن مطابق حڪومت جي فلسطين پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي، ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي اندروني اختلافن جو نوٽيس ورتو ويو ۽ سرڪار جي مسلم ليگ دشمن پاليسيءَ جي ندا ڪئي وئي.

12 آگسٽ 1938ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 9665 ذريعي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي توجهه ڇڪرايو ته هو مختلف ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪرڻ گهري ٿو، ان لاءِ هو ”وليج اپ لفٽ اسڪيم“ جي ڏوڪڙن مان لائبرريون قائم ڪرڻ جو مجاز آهي يا نه؟

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڳوٺن ۾ لائبرريون ٺاهڻ ۽ ان لاءِ فنڊ ڪتب آڻڻ واري راءِ کي منظور نه ڪيو.

18 آگسٽ 1938ع

سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي هيثيت سان شيخ عبدالمجيد سنڌي عام مسلمانن کي اپيل ڪئي جنهن جو متن هن ريت آهي:

برادران اسلام آل انديا مسلم ليگ اوهان جي قومي جماعت آهي، اها ئي جماعت جنهن سڀ کان اول هندستان جي مسلمانن ۾ قومي ۽ سياسي سيداري آندي ۽ انهن ۾ آزاديءَ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو جذبو پيداڪيو، هن وقت مسلم ليگ جي اها ڪوشش آهي ته هندستان جي نو ڪروڙ مسلمانن کي، مسلم ليگ جي اسلامي جهنڊي هيٺ متحد ڪيو وڃي،انهن کي وياج خورن ۽ رشوت خورن جي زيادتين کان بچايو وڃي، انهن جي مال و ملڪيت ۽ زمين جي حفاظت ڪئي وڃي، انهن جي مذهبي، معاشرتي، تمدني ۽ تعليمي اصلاح ڪئي وڃي، هندستان جو ڪو به پرڳڻو اهرو نه اهي، جنهن ۾ مسلم ليگ جون شاخون سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ قائم نه ٿيون هجن، ڏهن لکن کان به وڌيڪ مسلمان مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي چڪا آهن، فقط اسان جي سنڌ پٺتي رهجي وئي آهي، پر شڪر آهي ته جو بااثر مسلمان هاڻي سنڌ ۾ به قوم کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، اسان سڀني مسلمانن کي اپيل ٿا ڪريون ته هر ڳوٺ، شهر ۾ مسلم ليگ جون شاخون قائم ڪريو ۽ هزارن جي تعداد ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو.

پنهنجي عيوصين کي به استدعا ڪريو ته مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي وڃن، ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ۾ عام طور سان ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ خاص طور سان، مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي حڪومت جو ڪاروبار هلائن، جڏهن توهان جا نمائندا مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيندا، تڏهن ئي وياج خوريءَ تي ضابطي رکڻ جو قاعدو ۽ ٻيا قانون پاس ڪرائي سگهجن ٿا، اوهان انهن کي مجبور ڪريو ته هو مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿين، نه ته ميمبريءَ تان استعيفا ڏئي وڃن، جنهن قوم جو قومي نظام ۽ قومي جماعت نه آهي، سا قوم نه آهي، مسلم قوم جي نجات ۽ بهتري پنهنجي قومي تنظيم ۾ آهي.

30 سيپٽمبر 1938ع

ڳوٺ محبوب تنيو تعلقي ميروخان ۾ ميان جي محمد يوسف قريشيءَ جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ابو عبيدالله مولوي محمد دائود تقرير ڪندي سنڌ جي نام نهاد ڪانگريسي ملن طرفان خالق ڏني هال ۾ ڪوٺايل اجلاس جي مذمت ڪئي.

5 آڪٽوبر 1938ع

سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، فقير محمد انڙ، علي گوهر لاهوري، الهداد تنيو، محمد هاشم جوڻيجو، پير بخش، جان محمد چانڊيو، ڪريم بخش کهاوڙ، قادر بخش تنيو، عبدالحق ڀٽو، گل محمد ابڙو، عبدالرحمان ڪلهوڙو، آنند رام باڊاهي، سيٺ ساڌو سنگهه، پرڀداس، فريد الدين جتوئي، عبدالهادي ٻگهيو، الهه ورايو جروار ۽ مٺل خان شيخ شرڪٽ ڪئي. اجلاس ۾ منظور ڪيل فيصلن ۽ ٺهرائن مان ڪي هي آهن.

مدرسه ڪاميٽي جا ميمبر چونڊڻ، علي گوهر خان لاهوري جي رٿ ۽ فقير محمد انڙ جي تائيد تي فيصلو ڪرڻ ته لوڪلبورڊ آفيس تي مسلم ليگ جو جهنڊو ڦڙڪايو وڃي ۽ ان لا3 قائداعظم محمد علي جناح کي دعوت ڏجي، بادشاهه نالي ٽي بيءَ خلاف قائم ڪيل فنڊ ۾ هڪ سو رپيا چندو ڏنو وڃي.

8 آڪٽوبر 1938ع

رات جو نائين وڳي ڪانفرنس جي پنڊال ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي ڪاروائي جو آغاز ٿيو، شروعات ۾ حافظ علي محمد (ڊگهڙيءَ واري) ڪلام مجيد جي تلاوت ڪئي، ان کان پو3 مولوي عبدالحئي حقاني، ميرايوب خان ۽ مسٽر ظفر حسين ۽ ٻين قومي نظم پڙهيا، بعد ۾ حاجي عبدالله هارون مهمانن جي آجيان ڪئي.

ڪانفرنس جي باقاعدي ڪاروائي هلائڻ لاءِ سنڌ صوبي مسلم ليگ جي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ محمد علي جناح جو نالو صدارت لاءِ پيش ڪيو، جيڪو متفق راءِ سان قبول ڪيو ويو.

سڪندر حيات خان ۽ محمد علي جناح جي تقريرن کان پوءِ ڪانفرنس جي پهرين نشست ختم ٿي.

12 آڪٽوبر 1938ع

ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن جي گڏجاڻي ته جيئن اسيمبليءَ اندر مسلم پارٽي قائم ڪري سگهجي، خانبهادر الله بخش انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته کيس ئي مسلم ليگ پارٽيءَ جو اسيمبلي اندر اڳواڻ چونڊيو وڃي، ليڪن اڪثريت سندس اهو شرط قبول نه ڪيو ۽ هو گڏجاڻي ڇڏي هليو ويو، جيڪڏهن هو پنهنجو شرط نه پيو مڃرائي ۽ شرڪت جاري رکي پيو ته پوءِ ٻئي اڳواڻ جي چونڊڻ تي سندس وڏي وزير هئڻ جا امڪان به گهٽجي وڃن پيا، جنهن عهدي تي پاڻ ان وقت فائز هو، هن جي گڏجاڻي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ باقي ميمبرن سر غلام حسين کي ليڊر ۽ مير بنده علي خان کي ڊپٽي ليڊر ڪري چونڊيو.

17 آڪٽوبر 1938ع

لاڙڪاڻي ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جي شاخ ”لاڙڪاڻي لاج“ قائم ٿي، جنهن جي ڪوششن سان 1940ع ۾ ”سنڌ ملتان بلوچستان فيڊريشن آف ٿياسافيڪل سوسائٽي“ جو ساليانو ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو، هن ميڙ لاءِ سنتداس منگهارام کي صدر چونڊيو ويو ۽ خوشحالداس موقعي جو سيڪريٽري ٿيو هو، انهيءَ سترهن سالياني ميڙ واري واقعي کان سواءِ ٿياسافي مت ۽ تحريڪ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪنهن به قسم جي نمايان ڪارڪردگي ڪانه ڏيکاري.

18 آڪٽوبر 1938ع

قائداعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو، کيس لوڪلبورڊ ۽ ميونسپالٽيءَ سپاس ناما پيش ڪيا، ٻنهي سپاسنامن جو متن ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

21 آڪٽوبر 1938ع

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي جوائنٽ سيڪريٽري پير علي محمد شاهه راشدي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي سيڪريٽري ڏانهن خط لکيو ته ڏانهس سمورين صوبائي مسلم ليگن جي عهديدارن جي لسٽ ۽ ايڊريس، هر صوبي جي پارليامينٽري سرگرمين جي انچارج مسلم ليگي سيڪريٽري جو نالو ۽ ايڊريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو لٽريچر ڏياري موڪلي.

22 آڪٽوبر 1938ع

مولانا نورنگي جي صدارت هيٺ قمبر ۾ ”انجمن فدائي اسلام“ جي اهتمام هيٺ جلسو ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جي فلسطين پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي، انهيءَ موقعي تي تعلقي قمبر ۽ شهر لاءِ فلسطين ڪاميٽيون جوڙيون ويون، تعلقي قمبر ۾ مولانا محمد نورنگي کي صدر، مولوي غلام فريد کي نائب صدر ۽ مولوي غلام مصطفيٰ کي ناظم مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته قمبر شهر لاءِ غلام محمد خان کي صدر، گلاب خان کي نائب صدر ۽ حمزه خان کي ناظم مقرر ڪيو ويو. 

26 آڪٽوبر 1938ع

سيد ولي محمد شاهه ولد سيد محمد مراد شاهه سيوهاڻي جيڪو ڪيترو وقت تعلقي لوڪلبورڊ جو صدر به ٿي رهيو ۽ سنڌ جي جدائي کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ جي ايم سيد جي خلاف اميدوار به بيٺو هو، تنهن وفات ڪئي.

29 آڪٽوبر 1938ع

ڊسٽرڪٽ اسڪولبورڊ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 7 ذريعي تجويز پيش ڪئي ته سنڌ جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن کي گذارش ڪجي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ سنڌي فائنل جا امتحان نه ورتا وڃن ڇو ته اهڙي ڊگري وٺندڙ ماڻهو اسڪول بورڊ تي بار وجهن ٿا ته کين اسسٽنٽ ماسٽر مقرر ڪيو وڃي، هن تجويز تي لوڪل بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ فيصلو ڪيو ته هن کان پوءِ انهن ماڻهن /ڇوڪرن کي فائنل جي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪي انگريزيءَ 3 درجا پاس هجن.

30 آڪٽوبر 1938ع

ڪرشن ايسرداس گربخشاڻي ”ساٿي“ نئين ديري ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت جي راڻيپور ۾ ويٺو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن ۽ مضمون نگارن ۾ ٿئي ٿو.

19 نومبر 1938ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙي، ميمبر آرگنائيزنگ ڪاميٽي سنڌ مسلم ليگ جي ڪوششن سان مسٽر حاجي خان وڪيل جي جاءِ تي ميهڙ ۾ ضلعي دادو مسلم ليگ جي ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي.

21 نومبر 1938ع

علي گوهر لاهوريءَ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ تجويز پيش ڪئي ته مسٽر محمد علي جناح جي لاڙڪاڻي واري دوري وقت کيس لوڪل بورد پاران ايڊريس پيش ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ 5 سئو رپيا رکيا وڃن، ان تي پرڀداس ترميم پيش ڪئي ۽ خانبهادر کهري کيس ٺيڪو ڏنو ته مسٽر جناح سان گڏ مولانا شوڪت علي کي به سپاس نامو پيش ڪيو وڃي.

لوڪلبورڊ خان بهادر محمد ايوب کهري، پرڀداس ۽ علي گوهر لاهوريءَ تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوري ته جيئن اهي سپاس نامي جو متن تيار ڪن.

نوٽ: مولانا شوڪت علي لاڙڪاڻي ڪو نه آيو، البته محمد علي جناح جي آمد تي لوڪل بورڊ 136 رپيا 7 آنا خرچ ڪيو.

27 نومبر 1938ع

”سنڌ پروانشل مسلم ليگ“ 26 پارٽي اڳواڻن کي ”آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل“ تي ميمبر طور نامزد ڪيو، انهن مان لاڙڪاڻي واسي مسلم ليگي اڳواڻ هي هئا: قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، علي محمد شاهه راشدي ۽ غلام محمد خان اسراڻ.

حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ قائم ٿيل ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ“ جي عهديدارن ۾ ٻه لاڙڪاڻي واسي هئا، انهن مان محمد ايوب کهڙو نائب صدر نمبر 2 هو ۽ پير محمد علي شاهه راشدي جوائنٽ سيڪريٽري هو.

27 نومبر 1938ع

سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي نئين سر چونڊ ٿي، صدر جي چونڊ لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون اميدوار بيٺا، ٻنهي کي هڪ جيترا ووٽ مليا، بعد ۾ وقتي چيئرمين خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنهنجو ڪاسٽنگ ووٽ عبدالله هارون جي حق ۾ ڏنو، نتيجي طور هڪ ووٽ جي اڪثريت سان حاجي عبدالله هارون صدر چونڊيو ويو، انهيءَ ڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي کي مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيوويو.

28 نومبر 1938ع

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ”پراونشل مسلم ليگ سنڌ“ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان نوابزادي لياقت علي خان، آنرري سيڪريٽري ”آل انڊيا مسلم ليگ“ کي لکيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ کي قانوني طور تي منظم ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن شاخ کي الحاق ڏيو، شيخ مرحوم سنڌ ۾ قائم ٿيل مسلم ليگ جي ضلعي وار شاخن جي لسٽ به موڪلي، ان ۾ لاڙڪاڻي جون 24 شاخون ٻڌايون ويو، جن مان مکيه هي هيون.: ميروخان، محبوب خان تنيو، لاڙڪاڻو، علي شير تنيو، گهٽهڙ، عمر گوپانگ، نورنگ، علي جويو، وارهه، ڀٽي، علي محمد مستوئي، قمبر، شهدادڪوٽ، گاجي کهاوڙ، باقراڻي ۽ بنگل ديرو. وغِره.

30 نومبر 1938ع

”سنڌ پروانشنل مسلم ليگ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب هن تنظيم جي جنرل باڊي 88 ميمبرن تي مشتمل هئي. جن ۾ لاڙڪاڻي واسي ميمبر هئا: حاجي امير علي لاهوري، غلام محمد خان اسراڻ، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، پير علي انور شاهه، سيد علي محمد شاهه راشدي، ميان وريل شاهه، مولانا عبدالله، وڏيرو فقير محمد خان، مولوي محمد اسماعيل، قاضي جان محمد ۽ محمد صديق تنيو ۽ سردار نبي بخش خان ڀٽو.

1 ڊسمبر 1938ع

هاري ڪاميٽي پنهنجو آئين پاس ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته هارين کي هر قسم جي ڦرلٽ کان آزاد ڪرائي سموري گذراني ۽ سياسي طاقت تي پورهتين جو قبضو حاصل ڪريسندن حالت بهتر بنائي ويندي.

2 ڊسمبر 1938ع

مولانا شوڪت علي جي وفات تي لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتي گڏجاڻيون ۽ جلسا ٿيا، ڳوٺ محبوب تنيو واري جلسي جي گڏجاڻيءَ جو احوال ”الوحيد“ اخبار جي 8 ڊسمبر 1938ع واري پرچي جي ڇهين صفحي تي تفيصل سان شايع ٿيو.

9 ڊسمبر 1938ع

لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ سپريٽينڊنٽ آف پوليس پنهنجي ميمورنڊم نمبر 5574 ذريعي وقت جي سرڪارکي تجويز ڏني ته ڌاڙيلن جي ڪارواين کي منهن ڏيڻ لاءِ غيبي ديري ۽ حمل ۾ فون لڳائي وڃي، حمل، بگودڙو، امام بخش جمالي ۽ قبوسعيد خان ۾ پوليس وڌائي وڃي.

سندس ڳالهه جي پٺڀرائي تڏهوڪي ضلعي مئجسٽريٽ 22 ڊسمبر تي سرڪار سان لکپڙهه ڪندي هئي، سنڌ سرڪار 8 فيبروري 1940ع تي انهيءَ تجويز کي منظور ڪري عملي قدم کنيو.

13 ڊسمبر 1938ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ٿي. جنهن ۾ محمد ايوب کهڙو، پرڀداس تولاڻي، عبدالهادي ٻگهيو ۽ رئيس الهداد تنيو شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ 22 اسمن تي ويچار ۽ فيصلا ڪياويا، جن مان هي اسم ذڪر لائق آهن.

ٽول ٽيڪس بدران ويل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، مختلف ٺيڪيدارن کي ڏنل ٺيڪا منظورڪرڻ ۽ مختلف ترقياتي ڪمن جا تخمينا منظور ڪرڻ وغيره.

22 ڊسمبر 1938ع

نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس شام جو 3 وڳي سر شاهنواز ڀٽو هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ خان بهادر ڪريم بخش کهاوڙ (نائب صدر)، پير بخش، الهداد، عبدالرحمان، قادر بخش تنيو، فريد الدين، محمدايوب کهڙو، مٺل خان شيخ، پرڀداس، احمد خان ڀٽو، الله ورايو، گل محمد ابڙو، آنند رام، ساڌو رام آف حيدر چانڊيو ۽ حاجي گل محمد چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورتل اهم فيصلن مان ڪي هي آهن.

غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا ۽ مولانا شوڪت علي جي وفات تي 5 منٽن جي خاموشي ۽ دعا، سنڌ زمينداري ڪاليج لاءِ گڏ ڪيل 771 رپيا 9 آنا ڪاليج نه ٺهڻ جي صورت سبب شهدادڪوٽ تعلقي ۾ قائم ٿيندڙ ڊسپينسري لاءِ ميڊيڪل جا آوزار خريد ڪرڻ ۾ ڪم آڻڻ جو فيصلو، 15 غير تربيت يافته استادن جي تقرريءَ جي اجازت، سپروائيزرن کي بگي ايڊوانس ڏيڻ، مختلف ترقياتي ڪمن ۽ انهن جي تخمينن جي منظوري ۽ مختلف ٺيڪيدارن جا ٺيڪا منظور ڪرڻ.

Good Wishes