1937ع

سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي بعد ٿيل نئين صوبي جي چونڊن ۾ سنڌ آزاد پارٽي 3 ۽ ڪانگريس 7 سيٽون حاصل ڪيون، مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ 3 سيٽون کنيون.

1937ع

لاڙڪاڻي ۾ ماتا جي بيماريءَ وبا جي صورت اختيار ڪئي، هن سال ضلعي ۾ 1082 ماتا جا ڪيس ٿيا،جن مان 180 مري ويا.

1937ع

درياهي ٻوڏ ڪارڻ عاقل ڳوٺ جي رهواسين “نئون عاقل” ڳوٺ ٻڌو، خانبهادر محمد ايوب کهري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ لوڪلبورڊ جي 29 جون 1937ع واري اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي ته مسوحٻ ۽ لهڻو سامٽيو وچ ۾ قائم ڪيل هن نئين ڳوٺ کي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪي سهولتون فراهم ڪري، جهڙوڪ: مسوحٻ کان نئين عاقل تائين رستو ٺهرائجي، چئن استادن تي مشتمل اسڪول قائم ڪيو وڃي ۽ نئين ڳوٺ ۾ مسافر خانو ٺهرايو وڃي، ضلعي لوڪل بورڊ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 76 موجب روڊن ٺهرائڻ واري رٿ قبول ڪئي، البت مسافرخاني ٺهرائڻ لاءِ فنڊن جي کوٽ جو ڪارڻ ڏئي انهيءَ رٿ کي منظور نه ڪيو.

1 جنوري 1937ع

سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيو، جن ۾ هن ريت سياسي جماعتن کي سيٽون مليون.

سنڌ اتحاد پارٽي 18، سنڌ هندو سڀا 11، ڪانگرس 8، مسلم پوليٽيڪل پارٽي 3، مزدور 1، باقي آزاد ميمبر 19.

1 جنوري 1937ع

جيوترام ڪي سيتپال سکر ۾ ڄائو، پاڻ يارهين سال کي پهتو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ان ڪري لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، هن اتي ئي علم ادب جي دنيا ۾ شاعر، صحافي، ناٽڪ نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو.

2 جنوري 1937ع

”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽي اتر سنڌ جو چونڊ مهم دورو شروع ڪيو، 5 جنوري تي لاڙڪاڻي ۾جلسو ڪيو ويو، جنهن جو اهتمام سردار نبي بخش خان ڀٽي ڪيو.

2 جنوري 1937ع

حاجي عبدالله هارون جي رهائش گاهه تي شام جو ٽين وڳي “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي” جي ”ايگزيڪيٽو ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پارٽي اميدوارن جي نامزدگي کي آخري شڪل ڏني وئي.

9 جنوري 1937ع

سردار نبي بخش ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قمبر جي اسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر کان سواءِ امير علي لاهوري، سيٺ پرڀداس، فريد الدين، عبدالحق ڀٽي، الهه بخش جلباڻي، احمد خان ڀٽي، پير بخش کهاور، عبدالهادي ٻگهئي، الهداد تنئي، محمد صديق وڳڻ، محمد ايوب کهڙي، فقير محمد انڙ، علي گوهر لاهوري، ڀوڄراج، قادر بخش تنئي، گوڪلداس ۽ آئلداس شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مان مکيه هي هئا: نظر ثاني ڪيل بجيٽ جي منظوري خيرپور رياست ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ وچ ۾ تيڻن ۽ ٻيڙين تي لڳندڙ محصول وغيره تي غور ويچار ۽ فيصلو ڪرڻ.

15 جنوري 1937ع

ميول نيوندرام آهوجا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، اڄ ڪلي بڙودي ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور اداڪارن، هدايتڪارن ۽ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو.

26 جنوري 1937ع

“الوحيد” جي پرچي ۾ “سر ڀٽي جا بڇڙا ارادا” جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، هي ايڊيٽوريل ايندڙ چونڊن جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، جنهن ۾ سر شاهنواز ڀٽي تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ ان جي مخالف اميدوار شيخ عبدالمجيد سنڌي جي قومي خدمتن جي تعريف ڪئي وئي هئي.

13 فيبروري 1937ع

سردار نبي بخش ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورد جو ايڊجورنڊ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر کان سواءِ امير علي لاهوري، محمد ايوب کهڙي، الهه بخش جلباڻي، پير بخش کهاور، احمد خان ڀٽي، جان محمد چانڊيئي، علي گوهر لاهوري، ڀوڄراج، فريد الدين، گوڪلداس، آسوديمل، آئلداس، پرڀداس ۽ فقير محمد انڙ شرڪت ڪئي.

هن اجلاس ۾ اسپيشل ڪاميٽيءَ جي تجويزن تي غور ڪرڻ کان سواءِ ٻين ڳالهين تي غور ڪيو ويو.

7 مارچ 1937ع

“سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي” حيدرآباد طرفان حيدرآباد ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

“ساگر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾”

هن مشاعري لاءِ لاڙڪاڻي جي ڪيترن شاعرن پنهنجا شعر جوڙيا، جن مان مولوي محمد عاقل “عاقلي”، هدايت الله “نجفي” ۽ حاجي محمود “خادم” جا نالا ذڪر لائق آهن.

7 مارچ 1937ع

“سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي” حيدرآباد طرفان هڪ مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي:

“ساگر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾”

هن مشاعري ۾ جن ذاتي طور يا قلمي طور حصو ورتو، تن مان شيخ ابراهيم “خليل”، حافظ “بسمل”، مرزا نادر بيگ “نادر”، ليکراج “عزيز”، محمد خان “غني”، حبيب الله “آزاد”، مولوي محمد عاقل “عاقلي”، پرسرام “ضيا”، هدايت علي “تارڪ”، حاجي محمود “خادم”، محمد بخش “واصف”، عبدالقادر “وارثي”، مرزا اجمل بيگ “فاضل”، داد شاهه، غلام حسين “فنائي”، غوث بخش “گوشي” ۽ پروفيسر “ڪانگ” جا نالا ذڪر لائق آهن.

16 مارچ 1937ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ان جي نائب صدر حسن علي اسراڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر کان سواءِ ڀوڄراج، پير بخش کهاوڙ، عبدالهادي ٻگهيو، الهداد تنيو، علي گوهر لاهوري، فقير محمد انڙ، پرڀداس، فريدالدين، آسوديمل، عبدالحق ڀٽي، محمد ايوب کهڙي، امير علي لاهوري، الهه بخش جلباڻي، احمد خان ڀٽي، آئلداس ۽ قادر بخش تنئي شرڪت ڪئي.

5 اپريل 1937ع

نند لعل پهلاجراءِ هندوجا لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيس، هي اڄ ڪلهه الهاس نگر ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ليکڪن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو.

19 اپريل 1937ع

گرمک سانولداس بجاج لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، اڄ ڪلهه بمبئي ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ڳائيندڙن ۽ موسيقارن ۾ ٿئي ٿو.

26 اپريل 1937ع

36 سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي گڏجاڻي سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ ٿي، جن مان 24 مسلمان ۽ 12 غير مسلم هئا، انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ “ڊيموڪريٽڪ پارٽي” جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ هن ريت عهديدار چونڊيا ويا.

ليڊر: غلام حسين هدايت الله، ڊپٽي ليڊر: مکي گوبند رام، ڊپٽي ليڊر: مير بنده علي خان، جنرل سيڪريٽري: محمد ايوب کهرو، جنرل سيڪريٽري: نهچلداس، جوائنٽ سيڪريٽري: مير غلام علي ٽالپر، وهپ: سيد ميران محمد شاهه ۽ نهچلداس.

26 اپريل 1937ع

ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي 36 ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سر غلام حسين هدايت الله ڪئي، هن گڏجاڻي ۾ 36 مان 24 مسلمان ۽ 12 غير مسلم ميمبر هئا، هن گڏجاڻيءَ ۾ “ڊيموڪريٽڪ پارٽي” جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو ليڊر سر غلام حسين کي، ڊپٽي ليڊر مکي گوبند رام کي ۽ جنرل سيڪريٽري مسلم محمد ايوب کهڙي کي مقرر ڪيو ويو.

28 اپريل 1937ع

سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين گڏجاڻي هيرانند جي چيئرمينيءَ هيٺ ٿي، جنهن ۾ اسپيڪر جي چونڊ ڪئي وئي، اسپيڪر جي چونڊ لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش ۽ ڀوڄ سنگ اميدوار بيٺا، پير الاهي بخش، شيخ سنڌيءَ جي حمايت ۾ هٿ کڻي ويو، پر پوءِ به ڀوڄ سنگ کي 40 ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 18 ووٽ مليا، جنهن جي نتيجي ۾ ڀوڄسنگ سنڌ اسيمبليءَ جو اسيپڪر چونڊيو ويو.

29 اپريل 1937ع

بمبئي ڪائونسل جو سابق ميمبر تعلقي ٽنڊي محمد خان لوڪلبورڊ جو سابق صدر ۽ پنهنجي تر جو ناميارو پير ۽ اثر رسوخ وارو انسان خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه ولد سيد ميان قبول محمد شاهه وفات ڪري ويو.

29 جون 1937ع

سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ قمبر جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر کان سواءِ محمد ايوب کهڙي، سيد ميهر شاهه، سرائي حسن علي اسراڻ، سرائي پير بخش کهاوڙ، علي گوهر لاهوري، غلام مصطفيٰ، عبدالهادي ٻگهئي، فقير محمد انڙ، گل محمد ابڙي، صاحب خان جوڻيجي، فريد الدين جتوئي، سيٺ آسوديمل، گوڪلداس، پرڀداس، خانبهادر ڪريم بخش، الهه بخش جلباڻي، آنند رام، قادر بخش تنئي، رئيس مٺل خان، الاهي بخش کوکر، جان محمد چانڊيئي، سيٺ دلو مل، احمد خان ڀٽي، الهداد تنيئي، عبدالرحمان ڪلهوڙي ۽ عبدالحق ڀٽي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ 93 فيصلاڪيا ويا، جن مان هي ذڪر لائق آهن:

شهدادڪوٽ ۾ انگلش ڪلاسز لاءِ راند جي ميدان لاءِ زمين وٺڻ، چاڪياڻيءَ ۾ اسڪول عمارت جي تعمير جو ٺيڪو ڏيڻ، قبي سعيد خان ۾ ڊسپينسري ٺهرائڻ، چئن تعلقه ڊسپينسريز (ڏوڪري، وارهه، ميروخان ۽ شهدادڪوٽ) لاءِ ڪاميٽيون ٺاهڻ، لوڪلبورڊن جون (اسٽيڊنگ، مدرسه ۽ هيلٿ) ڪاميٽيون ٺاهڻ، تعلقه لوڪلبورڊن جي خاتمي کان پوءِ تعلقن ۾ مختلف ترقياتي ڪم ڪرڻ، ٽيوب ويلن (باڊهه، وارهه ۽ پير بخش ڀٽي) لاءِ مشينون وٺڻ، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جا پتڻ ٺيڪي تي ڏيڻ، بيلدارن کي جمعي ڏينهن تي اڌ ڏهاڙي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، ڪريم بخش کهاوڙ کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نائب صدر چونڊڻ، عاقل ڳوٺ کي روڊن جي سهولت ڏيڻ ۽ لوڪلبورڊ جي ملازمن جون مختلف درخواستون اڪلائڻ.

30 جون 1937ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي اسڪول بورڊجي چونڊ ٿي، جنهن ۾ ٽن تعليمي ماهرن (حاجي محمد ڪلهوڙو، مسمات غلام زهريٰ ۽ پير گل محمد شاهه) کان سواءِ 9 ميمبرن کي منتخب ڪيو ويو، اهي هئا: خانبهادر احمد خان ڀتو، سرائي الاهي بخش کوکر، قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، علي گوهر لاهوري، ڪريم بخش خان کهاوڙ، محمد اسماعيل تنيو، پرڀداس تولاڻي ۽ آسنداس گيانچند.

2 جولاءِ 1937ع

لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 8 موجب فيصلو ڪيو ته ضلعي ۾ نياڻين جي تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ غريب ۽ حقدار شاگردياڻين ۾ ڪپڙا وٺي ورهائجن، ان لاءِ 200 رپيا رکيا ويا، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 29 سيپٽمبر 1937ع جي اجلاس ۾ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 2 موجب اهڙي منظوري ڏني.

30 جولاءِ 1937ع

ايشور چندر نالي اديب ۽ ڪيترن ڪتابن جو مترجم خواهه مصنف حيدرآباد ۾ ڄائو، هي صاحب ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي اجمير ۾ رهيو.

25 سيپٽمبر 1937ع

نند دوارڪاداس ايسراڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هي اڄڪلهه احمدآباد ڀارت ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هن جي لکيل ڪتابن مان ”ڊاڪٽر مدن“ ۽ ”درد جو دل ۾ رهجي ويو“ ذڪرلائق آهن.

29 سيپٽمبر 1937ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، علي گوهر لاهوري، حسن علي اسراڻ، سيد ميهر شاهه، پير بخش کهاوڙ، جان محمد چانڊيئي، الاهي بخش کوکر، الهداد تنئي، عبدالهادي ٻگهئي، فقير محمد انڙ، قادر بخش تنيئي، عبدالرحمان، پرڀداس، صاحب خان جوڻيجي، الهه ورايئي جروار، فريد الدين جتوئي، مٺل خان شيخ، گل محمد ابڙي، سيٺ دلو مل، آنند رام شهدادڪوٽي، آنند رام، احمد خان ڀٽي، عبدالحق ڀٽي، سيٺ آئلداس ۽ سيٺ گوڪلداس شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مان ڪجهه هي آهن: مڇي مارڻ جو ٺيڪو ڏيڻ، نياڻين کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ 200 رپين جو ڪپڙو وٺي انهن ۾ ورهائڻ، نائڪ ۽ پٽيوالن جي پگهار جا نوان اسڪيل منظور ڪرڻ، هيٺين ملازمن جا پينشن رولز منظورڪرڻ، زميندارن تان لوڪل سيس 7 پائين مان گهٽائي 6 پائيون ڪرڻ، چيف آفيسر ۽ انجنيئر جي پگهارن جا نوان اسڪيل منظور ڪرڻ، ڪراچيءَ جي مسلم هاسٽل جي بورڊ آف ٽرسٽيز تي محمد ايوب کهڙيجي نامزدگيءَ لاءِ جيڪب آباد ۽ دادو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊس جي تائيد وٺڻ، روڊن ڀرسان پوکي راهي ڪندڙن خلاف لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ جي سيڪشن 16 اي هيٺ قدم کڻڻ، روڊن جي مرمت جون اسڪيمون منظور ڪرڻ، ضلعي ۾ ماتا جي بيماري پکڙجڻ ڪري طيب عملي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ.

1 آڪٽوبر 1937ع

پرتاب هرگنداس ڌنواڻي ”جادوگر نماڻو“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس لڏي وڃي بڙودا ۾ آباد ٿيڻو پيو، سندس شمار مشهور جادوگرن ۾ ٿئي ٿو، ان کان سواءِ ڪيترو وقت صحافت سان به لاڳاپيل رهيو آهي.

18 آڪٽوبر 1937ع

مکي گوبندرام وزارت تان استعيفا ڏني، جنهن جي جاءِ تي ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻيءَ کي وزير بڻايو ويو، کيس پبلڪ هيلٿ ۽ ميڊيڪل جا کاتا ڏنا ويا.

2 نومبر 1937ع

الوحيد جي پرچي ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ جي نالي درخواست شايع ٿي ته صاحب موصوف مولانا نور محمد نظاماڻي خلاف داخل ڪيل هتڪ عزت جو ڪيس واپس وٺي، ڇو ته مولوي نظاماڻي سخت بيمار آهي.

12 نومبر 1937ع

”انجمن شعراء هالا“ جي سهاري هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هن ريت هئي.

”ڇڏي مستي ڪيو ڪا خلق جي خدمت مسلمانو“

9 ڊسمبر 1937ع

ڪراچيءَ ۾ سرغلام حسين هدايت الله جي جاءِ تي ”ڊيموڪريٽڪ ڪوئليش پارٽي“ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ انگريزيءَ ۾ روزانه اخبار جاري ڪرڻ واري مسئلي تي غور ڪيوويو، مرحوم کهڙي هن گڏجاڻيءَ ۾ جماعت جي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.

Good Wishes