7 جنوري 1930ع

ارجن داس ڪراچيءَ ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي شاعر جي حيثيت ۾ مشهور ٿيو، هي صاحب ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ ويٺو، اتي 1974ع تائين سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيا آهن.

8 ۽ 9 جنوري 1930ع

ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ سنڌ جي لوڪل سيلف گورنمينٽ باڊيز جو سيمينار ٿيو.

10 جنوري 1930ع

سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ضلعي اندر ڪوآپريٽو تحريڪ کي زور وٺاڻ لاءِ درگاس آڏواڻيءَ جي صدارت ۾ ڪوآپريٽو ڪانفرنس ٿي.

11 جنوري 1930ع

سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچي ضلعي جي چوپائي مال جي بهتريءَ لاءِ ضلعي جي مالدارن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ انهيءَ مقصد لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وئي ۽ مير محمد بلوچ کي ان جو صدر چونڊيو ويو.

25 جنوري 1930ع

جيمس فاريس بروٽن (James Forrest Burton) انگلينڊ ۾ وفات ڪري ويو، هو ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ سنڌ پنجاب ريلويءَ جو چيف انجنيئر هو ۽ سندس نگرانيءَ ۾ ئي ريلوي جو ڪم ٿيو هو،

هي پاڻ 1897ع کان 1912ع تائين ڪي ايم سي جو چيف انجينئر ٿي رهيو، ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپني لميٽيڊ جو مئنيجنگ ايجنٽ هو، هن کي 1911ع ۾ قيصر هند گولڊ ميڊل مليو، ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ کان ڪچهري روڊ ويندڙ رستو سندن نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي.

26 جنوري 1930ع

ڪانگريس جي سڏ تي سموري سنڌ جي انهن هنڌن تي ڪامياب هڙتال ٿي، جتي جتي هن پارٽيءَ جو اثر رسوخ هئو.

26 جنوري 1930ع

ڪانگريس طرفان سنڌ ۽ هند ۾ آزادي ڏهاڙو ملهايو ويو.

12 فيبروري 1930ع

جمعيت العلماءِ سنڌ جي ڪراچيءَ جي ضلعي شاخ جون چونڊون ٿيون، جن ۾ قاضي فتح علي شاهبنديءَ کي صدر ۽ مولوي فتح علي سجاوليءَ کي نائب صدر چونڊيو ويو، ان کان سواءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ تي سجاول تعلقي مان مولوي قاضي محمد، ميرپور بٺورو تعلقي مان مولوي محمد عثمان، ٺٽي تعلقي مان مولوي محمد صاحب، گهوڙا ٻاري تعلقي مان مولوي محمد اشرف ۽ ٺٽيشهر مان مولوي محمد حسين کي ميمبر طور کنيو ويو.

مارچ 1930ع

حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربنديءَ جي موقعي تي وڳڻ ۾ ديني عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جن مان مولانا خوش محمد ميروخاني، مولانا محمد عظيم ”شيدا“ ۽ مولانا محمد سليمان ”واعظ“ جا نالا ذڪر لائق آهن، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”جميعت علماءِ اسلام“ کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بئراج جي کوٽائي دوران مسجدن کي شهيد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ٻئي ٺهراءُ ذريعي ”شارڌا ايڪٽ“ کي مسلمانن جي مذهبي روايتن ۽ مفادن جي خلاف قرار ڏيندي ان جي مخالفت ڪئي وئي.

2 مارچ 1930ع

لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ستياگره تحريڪ لاءِ والنٽيئرن جا نالا درج ڪيا ويا، ٿڏي تي مورسنگ، گومل ۽ منشيءَ پنهنجا نالا لکرايا.

4 مارچ 1930ع

ڪانگريس پارٽيءَ حڪومت خلاف عدم تعاون جي تحريڪ جو آغاز ڪيو، اها تحريڪ پورو هڪ سال ۽ هڪ ڏينهن هلي.

15 مارچ 1930ع

حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربنديءَ جي موقعي تي وڳڻ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سنڌ جمعيت علماءِ جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ اتر سنڌ جي ناميارن عالمن شرڪت ڪئي، هن ميڙاڪي ۾ ملڪي حالتن تي ڪيترن عالمن تقريرون ڪيون، جنهن بعد پنج ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، انهن ٺهرائن جا متن گل حيات جي ويب سائيٽ موجود آهن، انهن ٺهرائن ذريعي پارٽي کي وري ۽ وڌيڪ فعال بنائڻ، بئراج جي کوٽائي دوران مسجدن جي حرمت رکڻ ۽ شارڌا ائڪٽ جي مخالفت ڪرڻ اهم ٺهراءُ هئا.

23 مارچ 1930ع

ميهڙ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي فرنگي سرڪار جي چالن ۽ سازشن کي منهن ڏيڻ جي تلقين ڪئي وئي

6 اپريل 1930ع

ڪانگريس جي سڏ تي سول نافرماني جي تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪانگريس پڻ پنهنجي جماعت جي سڏ تي ڀرپور حصو ورتو.

6 اپريل 1930ع

ڪانگريس طرفان عدم تعاون واري تحريڪ سنڌ ۾ شروع ٿي، جيڪا 4 مارچ 1931ع تائين هلي، هن دوران ڪيترائي سنڌي ڪانگريسي جيلن ۾ ويا.

16 اپريل 1930ع

لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ جي مکيه ڪانگريسي اڳواڻن جهڙوڪ ڊاڪٽر چوئٿرام نارائڻ داس بيچر، سوامي ڪرشنانند، مني لال وياس، تاراچند لعلواڻي ۽ وشنو شرما کي گرفتار ڪيو ويو.

16 اپريل 1930ع

ملڪي آزاديءَ واري هلچل دوران ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڪانگريس جلوس ڪڍيو، حڪومت جلوس کي منتشر ڪرڻ لاءِ گولي هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڪانگريسي ڪارڪن شهيد ٿي ويا.

28 اپريل 1930ع

پير صاحب پاڳاري جي گرفتاريءَ تي هفتيوار ”نوراسلام“ جي پرچي ۾ ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

4 مئي 1930ع

سيٺ حاجي عبدالله هارون سکر ۾ مسٽر جناح ۽ سر شفيع کي لنچ ڏني، جنهن ۾ خانبهادر کهڙي پڻ شرڪت ڪئي.

26 مئي 1930ع

 خانبهادر محمد ايوب کهڙي ”مصائب سنڌ“ نالي انگريزي ۾ ڪتابڙو لکي تاريخي، ثقافتي، اقتصادي ۽ سماجي طور تي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ بمبئي پرڳڻي ۾ هجڻ ڪري ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، جڏهن هي خطو هر لحاظ کان پنهنجو منفرد تشخص رکي ٿو ۽ بمبئي کان عليحدگي ان جو فطري، تاريخي ۽ سياسي حق آهي.

29 مئي 1930ع

ڪراچيءَ ۾ سر شاهنواز ڀٽي، خان بهادر محمد ايوب کهڙي، سائين جي ايم سيد ۽ ٻين مسلمان سياستدانن جي غير رسمي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائي ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏائڻ وارن موضوعن ۽ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

29 مئي 1930ع

ڪراچيءَ ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئيکان عليحدگي ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏائڻ جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويا.

7 جون 1930ع

قلندر بخش ولد حاجي محمد ڍورونارائي سابق پريزينڊن ضلعه لوڪل بورڊ ۽ سابق ميمبر بمبئي ڪائونسل کي زمين جي پاڻي جي سوال تان ماريو ويو.

4، 5، 6 جولاءِ 1930ع

شملي ۾ مسلم ڪانفرنس جي انتظامي بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، بورڊ ڪيترائي ٺهراءُ بحال ڪيا، جن مان هڪ واسطو سنڌ جي عليحدگي سان به هو، بورڊ ٺهراءُ ذريعي راءِ ظاهر ڪئي ته سنڌ کي مڪمل طور تي بمبئي کان بنا دير جي الڳ ڪيو وڃي.

11 جولاءِ 1930ع

 خان صاحب حاجي علي حسن هڪڙي جي صدارت ۾ قمبر ۾ 3000 هندن ۽ مسلمانن جو عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ڪانگريس جي هلايل ”ستياگره تحريڪ“ جي مخالفت ڪئي وئي، هن جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ مکيه ماڻهن مان علي محمد شاهه راشدي، مکي گوبندرام، قائم خان شيخ خان صاحب ۽ سرائي رب رکيو لاکو ذڪر لائق آهن،

گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ مختلف ٺهراءُ پاس ڪري پير پاڳاري تان ڪيس واپس وٺڻ ۽ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

15 سيپٽمبر 1930ع

پير پٺي عليه رحمت جو ڇاونجاهون سجاده نشين پنهنجي دور جي انگريز سرڪار کان انعام ۽ آفرين نامو حاصل ڪندڙ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي ميمبر ڪجهه وقت لاءِ تعلقي لوڪل بورڊ گهوڙا ٻاريءَ جي صدر، ڪمشنر جي درٻاري ۽ ضلعي جي جرگا ڪائونسل جي ميمبر شيخ ميان حاجي جلال الدين وفات ڪئي.

1 آڪٽوبر 1930ع

 سردار واحد بخش ڀٽي، گول ميرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لنڊن وڃڻ کان اڳ ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽي کي تمام شاندار نموني ائٽ هوم ڏنو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سئو مسلمان شريڪ ٿيا.

21 نومبر 1930ع

ڪراچيءَ ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي بنگلي تي ناميارن مسلمانن جي گڏجاڻي ڪئي وئي، ته جيئن انگريزي اخبار ڪڍڻ لاءِ صلاح ڪئي وڃي، هن گڏجاڻي ۾ اخبار لاءِ گهڻي خرچ جو انداز لڳايو ويو ۽ ايترن ڏوڪڙن نه ملڻ جي خيال کان اخبار ڪڍڻ وارو خيال لاٿو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن مان جي ايم سيد، سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن.،

31 ڊسمبر 1930ع

ميهڙ ۾ خلافت جو يارهون ساليانو جلسو ٿيو، جيڪو ٻه ڏينهن هليو، جلسي جي آخر ۾ ڪيترائي ملڪي ۽ سياسي اهميت جا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، ان کان علاوه قاضي عارف تعلقي ميهڙ ۾ سمجد جي صحن ۾ شهيد ڪرڻ جي مذمت ۾ ۽ الجزائر جي مسلمانن جي همدرديءَ ۾ به ٺهراءُ پاس ٿيا، تر ۽ ڀرپاسي ۾ آيل ٻوڏ ۽ مڪڙ جي حملن ڪري جيڪو مالي، اقتصادي ۽ زرعي نقصان ٿيو، ان کي ڌيان ۾ رکي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته متاثرين جون ڍليون گهٽايون وڃن.

Good Wishes