چارلس نيپئر جنگ جي اعلان ڪرڻ کانسواءِ امام ڳڙهه جي قلعي تي قبضو ڪيو .

10 جنوري 1843ع

ميرن ، چارلس نيپئر طرفان مڙهيل ٿهد نامي تي صحيح ڪئي . هن عهد نامي مطابق سنڌ ۾

انگريزي سڪي رائج ڪرڻ ، انگريزن تان هر قسم جي ڍل ۽ محصول ختم ڪرڻ ، سنڌوءَ جي ڪناري واري زمين هڪ سو والن اندر انگريزن جي عملداريءَ هيٺ ڏيڻ کانسواءِ سنڌ جي مکيه شهرن جھڙوڪ ڪراچي ، ٺٽي ۽ سبزل ڪوٽ تان به ميرن جي صاحبي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي .

12 فيبروري 1843ع

سر چارلس اٺاويهه سو سپاهي و‏ٺي هالا کان مٽياري پهتو .

16 فيبروري 1843ع

مياڻيءَ جي ميدان تي ڦليلي واهه جي ڪپ تي ميرن ۽ نيپئر جي وچ ۾ جنگ لڳي ، جنهن ۾ ميرن کي شڪست آئي . فاتح نيپئر حيدرآباد پهچي قلعي تي برطانيه جو جھنڊو لهرايو ۽ ان کان پوءِ حيدرآبادي ميرن جو شاهي خزانو لٽيو .

17 فيبروري 1843ع

سنڌ جي قابض نيپئر پنهنجي هڪ پڌر نامي ذريعي سنڌ جي جاگيردارن کي آڇ ڏني ته جيڪڏهن هو امن امان سان پنهنجي گھرن ڏانهن واپس ويندا ۽ ڪمپني فوج سان ٽڪر کائڻ جو خيال لاهي ڇڏيندا ته ساڻن دوستن وانگر برتاءُ ڪيو ويندو ۽ سندن جاگيرون بحال ڪيون وينديون .

17 فيبروري 1843ع

مياڻيءَ ۾ ميرن ۽ انگريزن وچ ۾ جنگ جو آغاز ٿيو . مير اٽڪل سترهن هزار فوج ۽ ٻارنهن توبون ساڻ ڪري ميدان ۾ آيا ۽ هن طرف انهن جو مقابلو اٺايهه سو فوج ۽ اٺن توبن ڪيو .

17 فيبروري 1843ع

چارلس نيپئر فاتح جي حيثيت ۾ حيدرآباد قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ دروازي تي برطانوي جھنڊو لهرايو .

21 فيبروري 1843ع

لارڊ ميلنبرو ، هڪ شاهي فرمان جاري ڪري سنڌ کي انگريز حڪومت سان ملائي ڇڏيو .   

12 مارچ 1843ع

سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو نيپئر حيدرآباد ۾ راڻي وڪٽوريا جي جنم جو ڏينهن ملهايو . هن سالگره ۾ وفادار ۽ وفاداريءَ جو يقين ڏياريندڙ سنڌي جاگيردارن ۽ زميندارن کي جاگيرن جون سندون ڏنيون ويون .

24 مئي 1843ع

 

Good Wishes