ديوان سوڀراج فاني
 

ديوان سوڀراج فاني
ديوان سوڀراج ’فاني‘ (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جو شاعر اديب ۽ محقق ديوان سوڀراج نرملداس ’فاني‘ 27 فيبروري 1883ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد سنڌيءَ کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر ۽ صوفي مت جو قائل هو، ان ڪري سوڀراج نرملداس ننڍي هوندي کان صوفي ازم جو قائل ٿيو. کيس شاعريءَ جي قدرتي ڏات عطا ٿيل هئي. ان ڪري 9 سالن جي عمر کان شعر چوڻ شروع ڪيائين. هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائين. 1937ع ڌاري ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائر ٿيڻ بعد علم ۽ ادب تي توجهه ڏيڻ لڳو. آخري وقت ۾ جڏهن نظر گهٽجي ويس ته پنهنجو مواد ٻارن کان لکرائيندو هو. شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جو به ماهر هو. عربي، پارسي، سنڌي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس. سنڌ جي اٽڪل 80 شهرن بابت کوجنا ڪري ڪيترا تاريخي مضمون ’ڊيلي گزيٽ‘ ۾ شايع ڪرايائين. تنهن کانسواءِ غنچه، اميد، مهراڻ ۽ ڪاليج مئگزنن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپبا ۽ شاعري شايع ٿيندي رهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾: (1) ’خيالي جهلڪا‘، (2) ’چت ڦلواري‘، (3) ’روحاني تجلا‘ ۽ (4) ’ويچار وکر‘ قابلِ ذڪر آهن. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو ۽ اُتي ئي 15 مارچ 1956ع تي وفات ڪيائين.

Good Wishes