علئ.کان علئ جي غلام تائين “
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
مذھبي حوالي سان من لبرل آھيان. مذهب تي بہ گهٽ لکيو اٿم. البتہ مذھبي نہ پر روحاني حوالي سان زندگئ ۾ کوڙ سارا عجيب ۽ انوکا واقعا ۽ مشاهدا ٿيا آھن.
مان ڄائس تہ ڪن مهيني کن ۾ سخت بيمار ٿي پيس. بچڻ جي اميد ڪانہ هئي. بابا ڏاڍو پريشان هئو. محرم جي پهرين تاريخ تي ڪنهن اڻ-واقف اچي هن کان ماجرا پڇي. احوال ٻڌڻ کان پوء چيائينس تہ“ ٻار جي دوا درمل بہ ڪرائي اٿئي پر ڦڪين فرق نہ ڪيو. هڪ ڏس مان بہ ڏيان ٿو. دل چوئي تہ ايئن ڪر“. بابي هن کان ڏس پڇيو. هن چيس تہ “ محرم جي جنهن تاريخ تي اوهان جي ڳوٺ مان پڙ نڪرندو آھي. ان موقعي تي ماتمين اڳيان پٽ کڻي اچ ۽ الله سان واعدو ڪر تہ هي ڇوڪرو مون علئ کي ڏنو.“ اسان جو خاندان سني پر پنجتن سان والهانہ پيار ڪندڙ رهيو آھي. بابا ڏنل ڏس مطابق عمل ڪيو. جڏھن پڙ اسان جي گهر کان گذريو تہ بابو مون کي کڻي آيو ۽ وڏي آواز سان روئيندي ماڻھن جي منهن تي چوڻ لڳو تہ “علي مون پنهنجو پٽ درمحمد توکي ڏنو.“ . امان ٻڌائيندي هئي تہ گهر موٽائڻ تي مان بلڪل خوش هئس.
اٺين جماعت تائين پڙھڻ ۾ ھوشيار هئس ۽ اکر موتئ جا داڻا هوندا هئا. نائين ۾ پهتس تہ وڏو ڦيرو آيو. مجاهدا ۽ رياضتون شروع ٿي ويون. انهن مان نہ وسرڻ وارا ٻہ واقعا لکڻ ٻڌائڻ جهڙا آھن. جهنگ ۾ وڃي عبادت ڪندو هئس. ٻار هئس. ان ڪري بي سمجهئ ۾ ڪهاڙي بہ کڻي ويندو هئس. هڪ دفعي ڌنار ڳچئ کان وٺي ٻوڙي مان ٻاهر ڪڍيو جنهن ۾ مان عبادت ڪري رهيو هئس. چماٽون وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين تہ ڍور چوري ڪرڻ جي تاڙ ۾ ويٺو آھين. وڏن جا نالا پڇيائين تہ بچاء ٿي ويو. چيائين تہ “شريفن جو اولاد شل نہ خراب ٿئي“. ان کان پوء مون ڪهاڙي کڻي وڃڻ کان توبه ڪئي. ٻيو واقعو سالن کان پوء جو آھي. ان وقت مون گل حيات جوڙيو ۽ ان جو نالو ٿي چڪو هو. سياري جي رات هئي. تهجد نماز لاء معمول مطابق اٿيس. مون لائبررئ ۾ سئي گيس جو هيٽر هلايو. در بند ڪري. ٻاهر اچي چانھ ٺاهيم. وضو ڪيم. اڌ ڪلاڪ لڳي ويو. جان ڏسان تہ لائبرري هال باه جي شعلن سان روشن ٿي چڪو هو. دانهون ڪوڪون ڪيم. ڪوئي ڪونہ پهتو. باٽليون ڀري باه وسايم. پکا سڙي ويا. ايئرڪنڊشن سڙي وئي. ڪٻٽن جا شيشا ڀور ڀور ٿي ويا. هزارين ڪتاب هئا. ڪو بہ ڪتاب تہ ڇا پر پنو بہ نہ سڙيو. انهئ واقعي جا کوڙ شاهد آھن.
ڏھين جو امتحان ڏنم. نتيجو ڪونہ نڪتو هو. هڪ رات خواب ۾ ڪنهن بزرگ کي ڏٺم. پڇيائين تہ “اڄ ڪلھ ڇا ٿو ڪرين؟ “. عرض ڪيم تہ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو آھي. هاڻي لوڙھو ٺاهي پرين کي ياد ڪندس. فرمايائون : “پاس ٿيڻ جي اميد تہ ڪانهي. تو اسان جي عشق ۾ پڙھڻ وساري ڇڏيو. پر توکي پاس ڪريون ٿا.“ ان سال بورڊ وارن “پاس ڪلاس“ بہ رکيو ۽ مون ان ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي.
امتحان جو نتيجو نڪتو. هڪ دفعي ڪو اڻ-ڏٺو فقير آيو ۽ ڪچهرئ لاء ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. ڪچهرئ جو موضوع هيو تہ هن جو چوڻ هئو تہ مان پڙھان ۽ منهنجو ضد هئو تہ مان لوڙھو ٺاهي ويهان. ڪن شرطن تي هن جي ڳالھ مڃڻي پئي. 1. توکي نوڪرئ لاء ڪڏھن بہ درخواست ڏيڻي نہ پوندي 2. امتحان ۾ ڪڏھن ناپاس نہ ٿيندين 3. اسان جو رابطو رهندو.4. توکي لوڙھو ٺاهي ڏينداسين ۽ 5. توکي موجوده روحاني حيثيت موٽائي ڏينداسين“. نالو پڇيم تہ چيائين “ڪلب علي پر ياد رکجان تہ قلب علي نہ“. پڇيم: “ملبو ڪيئن؟“. چيائين :“ضرورت جي حساب مطابق. ڪڏهن خواب ۾ ڪڏهن روبرو ۽ ڪڏهن مولا علئ جي ڪنهن غلام ذريعي. پر گهرائڻ لاء پنج تسبيحون ناد علي پڙھندين“. سندس سڀ ڳالهيون سچيون نڪتيون. پر بچپن واري روحاني حيثيت اڃان موٽي ڪا نہ ملي آھي. تعجب جي ڳالھ اها آھي تہ جنهن جاء تي ڪچهري ٿي. اها زمين ڀاء شير محمد خريد ڪئي ۽ گل حيات ٺھرائڻ لاء سالن بعد تحفي ۾ مون کي ڏنائين. اتي جهنگ هئو جڏھن جتي فقير سان ڪچهري ٿي هئي. ڪراچئ مان واپس موٽائڻ ۾ سندس عمل دخل هئو. مون ساڻس انگل ڪيو تہ ڪو علئ جو غلام مون تي مهربان ڪيو. ان جو منهنجي زندگئ ۾ ڪنهن صورت ۾ عمل دخل ٿئي ۽ مان هن جي محبت شفقت وغيره مان دل گهريو سڪون وٺان. ان ڪري اڄ ڪلھ “ناد علي“ گهڻي پڙھندو آھيان ۽ مثبت آثار محسوس ڪري رهيو آھيان.
هئ آھن تہ عجيب ۽ انوکيون ڳالهيون پر مان انهن جو عيني گواه ۽ مرڪزي ڪردار آھيان.

 

Good Wishes