ديوان سوڀراج فاني
ديوان سوڀراج ’فاني‘ (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جو شاعر اديب ۽ محقق ديوان سوڀراج نرملداس ’فاني‘ 27 فيبروري 1883ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد سنڌيءَ کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر ۽ صوفي مت جو قائل هو، ان ڪري سوڀراج نرملداس ننڍي هوندي کان صوفي ازم جو قائل ٿيو. کيس شاعريءَ جي قدرتي ڏات عطا ٿيل هئي. ان ڪري 9 سالن جي عمر کان شعر چوڻ شروع ڪيائين. هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائين. 1937ع ڌاري ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائر ٿيڻ بعد علم ۽ ادب تي توجهه ڏيڻ لڳو. آخري وقت ۾ جڏهن نظر گهٽجي ويس ته پنهنجو مواد ٻارن کان لکرائيندو هو. شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جو به ماهر هو. عربي، پارسي، سنڌي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس. سنڌ جي اٽڪل 80 شهرن بابت کوجنا ڪري ڪيترا تاريخي مضمون ’ڊيلي گزيٽ‘ ۾ شايع ڪرايائين. تنهن کانسواءِ غنچه، اميد، مهراڻ ۽ ڪاليج مئگزنن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپبا ۽ شاعري شايع ٿيندي رهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾: (1) ’خيالي جهلڪا‘، (2) ’چت ڦلواري‘، (3) ’روحاني تجلا‘ ۽ (4) ’ويچار وکر‘ قابلِ ذڪر آهن. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو ۽ اُتي ئي 15 مارچ 1956ع تي وفات ڪيائين.
ديوان سوڀراج فاني
Share this article
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025
Featured Categories
More News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.
April 18, 2025