سنڌ جي مشهور ليکڪـا، سياسي سماجي شخصيت اختر بلوچ 16 ڊسمبر 1951ع تي سنڌ جي مشهور فنڪارا، ڪھاڻيڪاره جيجي زرينه بلوچ جي ڪک مان حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو، اختر بلوچ شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، شاگردي واري زماني ۾ ھن سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، خاص ڪري “ون يونٽ مخالف تحريڪ” ۽ “ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ” ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگھجي، ان دوران گرفتار ٿي ۽ جيل جون سختيون به سٺائين، جنهن جي سڄي روئداد ھن پنھنجي ڪتاب “قيدياڻي جي ڊائري” ۾ بيان ڪئي آهي، اختر بلوچ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استاد به رهي، قيدياڻي جي ڊائري کان سواءِ سندس ٻيا به ٻه ڪتاب “اميد سحر” ۽ “سنڌياڻي ماسڪو ۾” ڇپيل آهن، اختر بلوچ ننڍي کنڊ جي مشهور سياسي، ادبي شخصيت رسول بخش پليجي جي اڳ ڄائي ڌيءَ، پارليمنٽيرين ۽ ٺٽي ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو جي گهر واري، سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير برائي سياحت و ثقافت ۽ سينيٽر سسئي پليجو جي ماءُ آهي..
Subscribe
By pressing the Subscribe button, you confirm that you have read our Privacy Policy.
Latest News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025
Featured Categories
More News

سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
April 18, 2025

سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
April 18, 2025

سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
April 18, 2025

خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
April 18, 2025

سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.
April 18, 2025