غلام شبير سمون (گلوڪار ۽ موسيقار)
انٽرويو: ساقي ابڙو

WhatsApp Image 2020 09 11 at 1.19.25 PM(((اسين رتي جا ماڻهو)))
سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
ڪردار: خانصاحب غلام شبير سمون (گلوڪار ۽ موسيقار)
انٽرويو: ساقي ابڙو (سيڪريٽري: س۔ا۔س رتوديرو)
ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

خانصاحب غلام شبير سمون ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي۔ هو خوبصورت ۽ سريلو فنڪار ۽ زبردست موسيقار آهي فن موسيقي جي حوالي سان سنڌ ۽ پاڪستان سميت ڏيساور ملڪن ۾ به معروف ۽ مقبول آهي۔ غلام شبير سمون خانصاحب استاد خان محمد سمون جي گهر ۾ پهرين جنوري 1967ع ۾ ڳوٺ ڇَتو منگي ۾ جنم ورتو جيڪو تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ واقع آهي۔ غلام شبير سمون جو والد صاحب خان محمد سمون پڻ ”شھنائي“ جو ”خانصاب“ استاد هو جيڪو پڻ سڄي سنڌ ۾ خانصاب شھنائي نواز طور مشھور هو۔ غلام شبير سمون ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ موسيقي جي باقائده سکيا ”خانصاحب“ گلزار علي خان کان ورتي ۽ ايتري محنت۔ جاکوڙ ۽ جفاڪشي ڪئي جو سندس استاد ئي کيس ”خانصاحب“ جو خطاب ۽ لقب عطا ڪيو يقينن غلام شبير سمون واحد گلوڪار آهي جنهنکي مڃتا طور پنهنجي ئي استاد ”خانصاحب“ جو لقب عطا ڪيو جيڪو سندس لاء وڏو اعزاز پڻ آهي۔ خانصاحب غلام شبير سمون پنهنجي استاد خانصاحب گلزار علي خان جي نالي سان رتوديرو ۾ هڪ آرٽ ۽ ميوزڪ ڪلب جو بنياد وڌو ۽ 30 سالن کان وٺي فن جي خدمت ڪندو پيو اچي ان عرصي دوران هن ڪيترائي اهڙا ڀلوڙ شاگرد پيدا ڪيا جن وڏو نالو ڪمايو ۽ پنهنجي استاد جو به نانءُ به روشن ڪيو جن ۾ مرحوم مريد عباس۔ طاهر عباس۔ سعيد حيدر۔ محسن عباس۔ عرفان حيدر ۽ ٻيا شامل آهن۔ خانصاحب غلام شبير سمون سون جي تعداد ۾ البم رڪارڊ ڪريا ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪلام ڳايا جن جون ”فوڪ ڌنون“ پاڻ ئي ٺاهيندو هو۔ هن رومانوي شاعري توڙي ڌرتي جا قومي گيت ته غضب جا ڳايا پر پنهنجي درديلي آواز ۾ هو ڪربلا جي قضئي تي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ رعقت آميز نوحه خواني ڪري هڪ يگاني نوحه خوان طور به اڀريو ۽ محرم الحرام جو سڄو عشرو رتيديري جي مرڪزي امام بارگاه وڏو علم ميدان تي نوحه خواني ڪندو رهيو آهي جيڪو سلسلو اڃان به جاري آهي اڄ به عزادارانِ حسين کي سندس البم جو شدت سان انتظار رهندو آهي۔ خانصاحب غلام شبير سمون جن ڇتو منگي مان هجرت ڪري ڪافي عرصو منهنجي اباڻي ڳوٺ علي بيگ خان ڪوڏراڻي ۾ اچي آباد ٿيا جتان پوء رتوديرو شھر لڏي ويا۔ توڙي جو هن وقت هو لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ مقيم آهي پر ان جي باوجود به هن رتوديرو واسين سان ناتو ناهي ٽوڙيو ۽ نه ئي نوحه خواني جو سلسلو بند ڪيو آهي۔ يقينن الاهي ساريون ڳالهيون هن مختصر تعارفي سٽن ۾ رهجي ويون آهن جيڪي ايندڙ مقالي ۽ مضمون ۾ ضرور شامل ڪندس۔ ”اسين رتي جا ماڻهو“ جي تاريخي سلسلي ”فيسبوڪ انٽرويوز“ ۾ سندس انٽرويو سندس پرستارن ۽ پڙهن لاء حاضر آهي اميد ته پسند ايندو ۽ پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا۔
(سٽون: ساقي ابڙو)
اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ)
*بابا سائين منهنجو نالو غلام شبير سمون ولد خان محمد سمون آهي ذات سمون ۽ ڄمڻ جي تاريخ 1 جنوري 1967ع آهي

2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
*منهنجي جنم ڀومي ڳوٺ ڇَتو منگي تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور آهي جيڪا تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي

3-تعليم
*سائين منهنجي تعليم بي۔اي آهي

4-پروفيشنل ڊگري
*پروفيشنل ڊگري نه آهي

5-مھارت اگر آهي ته
*گلوڪار آهيان ته ظاهر آهي ڳائڻ وڄائڻ ۾ ئي مهارت آهي ٻيو موسيقار جي حيثيت ۾ فوڪ ڌنون ٺاهڻ ۾ مهارت رکان ٿو

6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
*پيارا ڪرت پيشو ۽ ذريعه معاش صرف گلوڪاري ئي آهي ٻيو ته اسان کي نه ٻني ٻارو آ نه ئي ڌنڌو ڪاروبار

7-سڃاڻپ جو حوالو
گلوڪار ۽ موسيقار

8-شعبو
موسيقي

9-وابستگي
*آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان وابسته آهيان

10-ڪيريئر جي شروعات
*تمام ننڍي عمر کان وٺي ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ خانصاحب استاد گلزار علي خان کان راڳ جي مڪمل سکيا ورتي

11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
*بس تمام گهڻو شوق هو ڳائڻ جو اڄ به عشق آهي موسيقي سان

12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
*سوين البم رڪارڊ ڪرايا ۽ ھزارين ڪلام ڳايا اٿم جن ۾ عشقيه شاعري۔ نوحه ۽ قصيده شامل آهن۔ منهنجا نوحه ته سنڌ ۽ پاڪستان کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ به ٻُڌا ويندا آهن

13-تعليم اوهانجي نظر ۾
*سائين تعليم سڃاڻپ آهي ماڻهو جي پوء اها دنياوي هجي ديني هجي يا اسان جي موسيقي

14-سياست اوهانجي نظر ۾
*يار سياست جي باري ۾ ته نه پُڇ۔ اڄ جي سياستدانن ايڏو ته سياست کي بدنام ڪيو آهي جو سياست هاڻي دوکو بڻجي وئي آھي اها خدمت واري سياست ته رهي ناهي

15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
*انسانن جي ڀلائي۔ سماج جي بهتري

16-صحافت اوهانجي نظر
*صحافت بي آوازن جو آواز آهي پر اڄڪلھ جي صحافت ته اوهان پاڻ ڏسو ٿا

17-ادب اوهانجي نظر ۾
*ادب ئي ته ماڻهو کي انسان ٿو ڪري ادب زندگي آهي سائين

18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
*سياست به ضروري آهي پر شاگردن کي تعليم طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي

19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾
*اڄ جي دور ۾ جتي ماڻهو ماڻهو جو دشمن لڳو پيو آهي اتي ڪتاب ئي سٺا دوست آهن انهن جو مطالعو ظرف عطا ڪري ٿو

20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو
*گهڻو وقت موسيقي کي ڏيندو رهيو آهيان پر سٺا ڪتاب به ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو آهيان جن ۾ شاعري موسيقي اسلامي تاريخ جا ڪتاب شامل آهن

21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو
*ٿورن نوجوانن کانسواء گهڻي قدر نوجوان سست ۽ ڪاهل آهن اڄ جو نوجوان محنت گهٽ ٿو ڪري

22-پسنديده شخصيت
*امڙ۔ امڙ جي شخصيت پسند آهي جيڪا خدا جو ٻيو روپ آهي

23-پسنديده سياستدان
*شھيد ڀٽو۔ شھيد راڻي ۽ شھيد بشير خان قريشي

24-پسنديده اديب ۽ شاعر
*شاعرن ۾ لطيف سرڪار۔ استاد بخاري۔ تبسم صاحب۔ مدهوش ڀٽو ۽ ساقي ابڙو اديبن ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ سائين ابراهيم جويو

25-رتوديرو شھر جو ماضي, *حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾
رتوديرو ماضي ۾ ته ڏاڍو سهڻو ۽ صاف سٿرو هوندو هو ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ۽ ٻڌي هوندي هئي پر هاڻي اهي رونقون ناهن ۽ نه ني امن آهي رڳو جهيڙا ئي جهيڙا آهن مولا ڪري هن شھر مستقبل ڀلو ٿئي

26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو
*منهنجي دل چوندي آ ته شھر صاف سٿرو هجي شھرين جي پاڻ ۾ ٻڌي هجي جهيڙا جهٽا نه هجن ۽ امن هجي باقي ٻين مسئلن کي منهن ڏئي وڃبو

27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو
*ساقي صاحب مسئلا ته گهڻا آهن پر وڏو مسئلو بدامني جو آ۔ امن هوندو ته سڪون هوندو نه

28-رتيديري شھر جي اجتمائي *مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
هر مسئلي جو حل شھرين جي ٻڌي ۾ آهي

29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو
*چيئرمين ٿيس ته ٻيو ڪجھ ڪيان نه ڪيان شھر کي صاف سٿرو ضرور رکندس ۽ ٻيو ته فنڪارن ۽ سازندن لاء هڪ ادارو به جوڙيندس

30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
*پيغام ساقي سائين اسان فنڪار ماڻهو سدائين پيار محبت جو پيغام ڏينداسين ته نفرتون ختم ڪيو پاڻ ۾ محبت سان رهو ۽ هڪٻئي جي مدد ڪيو ان ۾ الله به راضي ته پنجتن پاڪ به راضي۔

Good Wishes