ڪلياڻ آڏواڻي

شاهه لطيف جو شارح
ارشاد ڪاغذي
اڄوڪي ڏينهن 17 مارچ 1994ع تي مشهور اديب، عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي پرلوڪ پڌاري ويو. ڪلياڻ آڏواڻي علم و ادب تحقيق ۽ تپسيا جي سمنڊ جي عميق ۾ ٽٻي هڻي، اهڙا شاهڪار شهپارا تخليق ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو خزانو ۽ ورثو بڻجي ويا. ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ تنقيدي شرح جو شاندار ڪارنامو آهي، جيڪو ادب جي اُفقَ جي آفتاب مثل آهي. سنڌي اديبن، محققن، مفڪرن، شاعرن ۽ فنڪارن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڏينهن رات نور نچوئي تحقيقي، تنقيدي ۽ فڪرانگيز مواد کي سهيڙي سولو بڻائي عام فهم ٻوليءَ ۾ هر عام ۽ خاص آڏو پيش ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي علم، عقل، فهم، ادراڪ ۽ دانش جي ٻل تي شاهه لطيف جي لڪيل پهلوئن کي جهڙي نموني ظاهر ۽ نروار ڪيو ۽ شاهه جي خيال، ويچار ڌارا، موضوع، اسلوب، ٻولي، فن ۽ فڪر کي جديد تنقيدي انداز سان اُجارڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي. ان ڪارڻ شاهه لطيف جي شاعري کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پئي آهي.
جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛
نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.
”آڏواڻي، ڪلياڻ بولچند (جنم: 1911ع) انگريزي ۽ فارسي ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، 1942ع ۾ ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراه مقرر ٿيو، ان سال ڄيٺمل پرسرام ريٽائرڊ ٿيو هو. هن تعليمدان ۽ اديب جي حيثيت ۾ گھڻي مشهوري ماڻي ورتي. ساڳئي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هن ڪاليج مئگزين ڦليلي ۾ ڪيئي مضمون لکيا ۽ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيڻ سان عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف جي نسبت ۽ نالي سان لطيف ٻاري مئگزين جاري ڪئي، جيڪا گھڻي مشهور ٿي هئي.
ورهاڱي بعد آڏواڻي هندوستان هليو ويو، اتي جئه هند ڪاليج بمبئي ۾ ملازمت شروع ڪئي. 1948ع ۾ هن کي ڪاليداس جي جڳ مشهور تصنيف شڪنتلا جي سنڌي ترجمي تي ادبي انعام سان نوازيو ويو. ان کان اول هن، مشهور رسالن سنڌو ۽ لطيف ٻاري ۾، شاهه عبداللطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن تي تنقيدي مضمون لکيا هئا. 1951ع ۾ هن جو تنقيدي ڪتاب شاهه شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي مختلف پھلوئن تي ڀرپور ادبي ڪم ڪيو هو. ان کانپوءِ 1953ع ۽ 1954ع ۾ سچل ۽ سامي تي ڪتاب لکيا. 1958ع ۾ آڏواڻي شاهه جو رسالو مڪمل ڪيو. جيڪو هن جي علمي ۽ ادبي جُهدُ جي جهان جو ڪارنامو هو. هن کي 1968ع ۾ شاهه جو رسالو تي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ  ڏنو ويو. 1960ع ۾ مصنف جو شاعري جو ڪتاب راز و نياز ڇپي پڌرو ڪيو ويو. ساهتيه اڪيڊمي پاران 1963ع ۾ سچل جي چونڊ شاعري شايع ٿيو، ۽ هن جا انگريزيءَ ۾ ٻه مونوگراف، ميڪرس آف انڊين لٽريچر جي سيريز سلسلي ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ترتيبوار 1970ع ۽ 1971ع ۾ شايع ڪيا ويا.“ (انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر - مرتب: امريش دتا)
ڪلياڻ آڏواڻي سنڌي ادب جي اوائلي اديبن، محققن ۽ تنقيدنگارن ۽ مضمون نويسن ۾ سرفهرست ليکيو وڃي ٿو، جن سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۽ زندگي جي مختلف پھلوئن ۽ رخن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ جديد بنيادن تي کوجنا ڪئي. سنڌ جي اساسي ٽمورتي شاعرن شاهه، سچل ۽ سامي جي فن ۽ فڪر تي تفصيل سان لکيو آهي، جنهن جي ڪري تحقيق ۽ تنقيد جي شعبي ۾ نواڻ پيدا ٿي، پر ان وقت جي علمي اوکَ ڊوکَ ۽ پنهنجي ذهني ترجيح ۽ رغبت جي لاڙي جي ڪري سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن کي صوفيت، ويدانيت ۽ مذهبي دائري ۾ بند ڪري سندن گھڻ-پاسائن پهلوئن کي محدود رکيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي ٻين مورخن ۽ محققن ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪري نئون نياپو ۽ پيغام ڏنو، ۽ هڪ نئين لاٽ ۽ روشنيءَ سان جڳ روشن ٿي ويو.
نئون نياپو آئيو، راڻي ملان رات،
لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
ڪهڙي پڇين ذات، جي آيا سي اگھيا.
(شاهه لطيف)
پروفيسر آڏواڻي صاحب انگريزي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو پر هن گھڻي ڀاڱي سنڌي زبان ۾ ادبي ڪم ڪيو آهي. شاهه جو رسالو جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي جي محنت جو نچوڙ آهي، ان رسالي تي هن کي ساهتيه اڪيڊمي انعام سان نوازيو ويو.
موهن لال لکي ٿو: ”ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي مڪمل ڪلام جي تشريح کان علاوه ٽيهن صفحن جو تعارف يا مهاڳ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ وقت جي عظيم صوفي سنت جي زندگي، شخصيت، ڪردار ۽ سندس شاعري کي چٽي طرح کولي پڌرو ڪيو ويو آهي. ٽيهن سرن تي مشتمل 467 صفحن جي متن ۾ سڀني سرن جو مختصر تعارف ۽ ڏيٺ ويٺ ڪرائي وئي آهي، جيڪا هندوستاني موسيقي تي آڌاريل ۽ مبني آهي. هر هڪ داستان ۾ شامل ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏني وئي آهي. سرن ۾ جيڪي لوڪ ڪهاڻيون آهن تن جي مصنف چٽائي سان چڱي نموني تمثيل ۽ تشبيهه پڻ ڏني آهي. ڪيترا ئي ڪتاب صوفي شاعر شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۽ زندگي تي لکيا ويا آهن، پر شاهه جو رسالو جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي مرتب ڪيو آهي اهو قابل ذڪر اضافو ليکيو ويندو. ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن تي ٿيل هي ادبي ڪم ۽ پورهيو آئنده جي مورخن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ ان مان هو گھڻو ڪجهه حاصل ڪري سگھن ٿا. ڪلياڻ آڏواڻي جا لکيل ڪتاب؛ شاهه  (1951ع)، شاهه جو رسالو (1958ع)، سچل جو چونڊ ڪلام (1963ع)، شاهه لطيف (مونوگراف، 1970ع) ۽ هن جي پنهنجي شاعري راز و نياز.“ (انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر)
ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ جامع ۽ سولو آهي، هن وڏي تياري ۽ ترتيب سان ڏکين لفظن جي معنيٰ، هر هڪ سر ۽ داستان جي تشريح، تت ۽ مفهوم عام فهم زبان ۾ ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه اهم ڪم هي ڪيو آهي جو رسالي ۾ هاڻوڪو تلفظ ڪم آندو اٿس. ڪيترن عالمن، اديبن ۽ محققن ڪشالا ڪڍي ۽ سخت محنت ڪري شاهه جو رسالو مرتب ڪيو آهي، انهن مان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه جو رسالو سڀني کان وڌيڪ پسند ڪيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. هن سنڌي اساسي ادب جي تدوين، تحقيق ۽ ترويج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو وسارڻ جوڳو ناهي! ڪلياڻ آڏواڻي جو هي ادبي پورهيو سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ هي هڪ يادگار تحفو پڻ آهي، جيڪو سنڌي پنهنجي سيني سان سانڍي رکن ٿا ۽ ڪلياڻ آڏواڻي هميشه زندگي ڀر کين ياد رهندو. بقول هيرو ٺڪر؛ ”مطلب ته آڏواڻي صاحب پنهنجي هن شاهه جي رسالي کي منفرد ۽ ڪارائتو بڻائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان کي جيڪڏهن ورهاڱي بعد سنڌي ادبي ميدان جو هڪ حد نشان (Land Mark)  ڪري سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه سمجهڻ گھرجي.“
سچ پچ سنڌ ماضيءَ ۾ خوش نصيب رهي آهي، جنهن اهڙا سڀاڳا پٽ ڄڻيا آهن، جن جي لڇڻن تي اڄ سنڌي قوم فخر ڪري ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ سنڌ پنهنجي ئي پيٽ-ڄڻين جي عملن کان شرمساري محسوس ڪري رهي آهي، پر يقين آهي، مستقبل ۾ ائين نه هوندو. اهڙي نيڪ خواهش انسان ذات کي ڪرڻ گهرجي ۽ ائين اسان سنڌين کي به.
پر سنڌ گهڻي ڀاڳن ڀري ڌرتي به آهي، جنهن اهڙن پٽن کي جنم ڏنو جن سندس شان کي اوچو ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه کڻڻ تائين هو اهڙي ڪوشش ڪندا رهيا.
سنڌ جي اهڙن سڀاڳن پٽن مان سنڌي ٻوليءَ جو اهو صدورو پٽ به آهي، جنهن سنڌ کان ڏور وڃي به سنڌ کي گهڙي نه وساريو. هو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهيو. هن هند ۾ رهي اتي رهندڙ سنڌين کي پنهنجي پاڙُن جي سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ، ۽ ان کي وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي امين شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو سولي سنڌيءَ ۾ مرتب ڪيو. ائين ڪري هن هند جي سنڌين کي هڪ ڀيرو وري نئين سري سان سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جوڙيو. هن نه رڳو شاهه سائين کي سنڌين جي روح جي ويجهو آندو پر ساڳئي وقت هن سچل سائين تي ۽ ويدانتي شاعر ساميءَ تي تفصيل سان ڪتاب لکي، سنڌي ماڻهن کي اهو سمجهايو ته جيستائين اسان پنهنجي هن سنڌي شاعريءَ‎ جي ٽمورتيءَ کي ڌيان سان نه پڙهنداسين تيستائين سنڌ جي روح کي، پنهنجي اندر کي، ۽ ائين ڪائنات جي سچ کي نه سمجهي سگهنداسين. سنڌي ٻوليءَ جي هن برک عالم، اديب ۽ تعليمدان جو جنم سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر حيدرآباد ۾ ڏهين فيبروري اوڻيهه سؤ يارنهن ۾، بولچند اجومل آڏواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هي اهڙو گهر هو، جيڪو نج صوفي گهر هو. جنهن ۾ ڪلياڻ آڏواڻي کي نه رڳو هندو مذهب جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا پر انهن سان گڏ بائيبل، قرآن شريف ۽ صوفي شاعرن جا رسالا به پڙهڻ لاءِ مليا، جن منجهس هڪ صوفيءَ وارو روح ڦوڪيو ۽ هو سڄي ڄمار صوفي ئي رهيو. سنڌي موسيقي ۽ ڪرڪيٽ راند جو عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي صاحب، اڳتي هلي ڪتابن جو اهڙو عاشق بڻيو جو باقي سڄي ڄمار هو ڪتابن جي وچ ۾ ئي رهيو.
ڪلياڻ آڏواڻي، سنڌ ۾ ئي هڪ قابل اديب طور سڃاپجڻ لڳو هو. سندس ڪي مضمون ”سنڌو“ رسالي، ”ڦليلي“ ۽ ڪاليج جي مئگزين ”لطيف ٻاريءَ“ ۾ ڇپجي چڪا هئا. سندس پهريون ڪتاب اوڻيهه سؤ ڇائيتاليهن ۾ شايع ٿيو جيڪو اڄ جي دنيا ۾ مشهور ناٽڪ طور سڃاتو ٿو وڃي. اهو آهي مهاڪوي ڪاليداس جو ناٽڪ ”شڪنتلا“، جنهن تي سنڌ حڪومت کيس انعام به ڏنو. ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه سائينءَ تي پهريون ڪتاب اوڻيهه سؤ ايڪونجاهه ۾ ڇپيو جنهن کان اڳ سنڌي تنقيد ۾ فقط گر بخشاڻي صاحب جو لکيل ڪتاب ”مقدمي لطيفي“ ڇپيل هو.
شاهه سائينءَ تي لکيل ڪتاب کان پوءِ اوڻيهه سؤ چوونجاهه، ۾ سندس سچل تي ڪتاب ڇپيو، جنهن کان اڳ سندس ”سامي“ صاحب تي لکيل ڪتاب به گهڻي مڃتا ماڻي چڪو هو.
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جهڙو برک عالم به اوڻيهه سؤ اٺيتاليهن ۾ سنڌ ڇڏي هند لڏي ويو، جتي پهرئين ڪلياڻ ڪئمپ ۾، پوءِ هڪ هوٽل ۾ رهيو، پوءِ سيان ڪالوني ممبئي ۽ آخر سنڌ واڙي ممبئيءَ ۾ اچي رهيو. هند ۾ هو شروع کان ئي جئه هند ڪاليج سان جڙيل رهيو ۽ اتان اوڻيهه سؤ ڇاهتر ۾ رٽائر ٿيو. هند ۾ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن جو ترتيب ڏنل ”سچل جو چونڊ ڪلام“ نالي ڪتاب مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ شايع ڪيو. پر سچ اهو آهي ته هن عالم جي کاتي ۾ اهم ترين ڪم اهو آهي، جيڪو ”شاهه جو رسالو“ جي صورت ۾ معنيٰ ۽ تفسير سان هندستان ڪتاب گهر ڇپايو جنهن جو پهريون ڇاپو اوڻيهه سؤ اٺونجاهه ۾ ڇپيو، جنهن سندس نالي کي پر لڳائي ڇڏيا ۽ ان ئي ڪم تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي اوڻيهه سؤ اٺهٺ ۾ پنهنجي اعليٰ ادبي انعام سان نوازيو. سنڌي پڙهندڙن مان شايد گهٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته هن شاعري به ڪئي آهي، جنهن جو مجموعو اوڻيهه سؤ سٺ ۾ ”راز و نياز“ جي نالي سان ڇپيو آهي. پر آڏواڻي صاحب جا ٻيا سڀ پهلو شاهه سائين واري ڪم جي ڪري لڪيل ئي رهجي ويا آهن. ٻي طرح هن سنڌي عالم کي نه رڳو سنڌي شعر جي باريڪين جي ڄاڻ هئي پر هو فارسي ڄاڻندڙ هڪ اهڙو عالم هو جنهن کي علم عروض جي به ڄاڻ هئي ته اسلامي فلسفي تي به هو اٿارٽي ڄاتو ويندو هو.
شاهه، سچل ۽ ساميءَ تي لکيل سندس ڪتاب انهيءَ علم بابت مثال آهن، جن ۾ عربي، فارسي سان گڏ هتان جي ٻين ٻولين جي شعر جا حوالا پڻ گهڻا اچي وڃن ٿا، جن مان هن عالم جي علم ۽ ساڳئي وقت ٻين ٻولين، ادب ۽ شاعريءَ بابت پڻ ڄاڻ پوي ٿي.
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جن سان گڏ هو ممبئيءَ ۾ آخر تائين رهيو ۽ آخري ساهه کڻڻ تائين هو لکڻ پڙهڻ سان جڙيل رهيو. سترهين مارچ اهو اڀاڳو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن هن سنڌي، اردو، فارسي ۽ سنسڪرت جي عالم اسان کان موڪلايو.
اڄ هو پاڻ موجود نه آهي پر سنڌي اساسي/ ڪلاسڪي شاعرن تي جڏهن به ڪجهه حوالي طور ڏسڻ جي گهرج پوي ٿي ته ٻن شخصن جا نالا ئي پهرين پهرين اکين اڳيان ايندا، جن کي لکڻ لاءِ به هڪ احترام گهرجي ۽ اهي احترام لائق نالا آهن؛ ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي. هيءُ سنڌي عالم سنڌ کان ڪڏهن به نه وسرندا، ٻنهي مان هڪ گربخشاڻي صاحب ته سنڌ ۾ هوندي ئي وفات ڪئي پر هڪ عالم ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي هڪ ڊگهي جلاوطني ڏسڻي پئي پر هو جلاوطن هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ کان روحاني طور ڌار نه ٿيو. اڄ کيس ياد ڪندي سندس پورهئي ۽ شخصيت کي ڏسندي ڀٽائي سائينءَ جو اهو ئي بيت ياد ٿو اچي، جيڪو آڏواڻي صاحب جي پسند جو بيت آهي، جيڪو هن بار بار استعمال ڪيو آهي ته:
دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.
چونڊ عمران

Good Wishes