ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني ! هيءَ جهان)

”ماڻهو مَٽجن ڪو نه، مٽجي سگهن من“

پاڻ جن حالتن مان گذري رهيا آهيون، انهن تي اسان مان ڪو به خوش ته ڪونهي، پر خاموش هر ڪو آهي. خوش هجڻ يا نه هجڻ سان انفرادي طور تي ذهني ۽ فڪري جهنجهوڙ ته ٿئي ٿي، پر خاموش رهڻ سان ان جا منفي اثر سموري سماج ۽ ان جي فردن تي پون ٿا. جيئن چرئي کي ڳڙ چٽائي ڪلهي تي ڪاٺ کڻايو ويندو آهي، تيئن اسان کي احمق بڻائڻ لاءِ اهو بانور ڪرايو ويو آهي ته ”خاموشي“ ۽ ”صبر“ ماڻهپي جون بنيادي خوبيون آهن. ڪن ڳالهين ۾ برابر ”خاموشي“ ۽ ”صبر“ وڏي حڪمت ۽ دانائيءَ جا ڳڻ بڻجي پون ٿا، پر سماجي ۽ سياسي حوالي سان اڪثر ڪري ”خاموشي“ ۽ ”صبر“ ڪبيرا گناهه بڻجي پوندا آهن. فرد واحد تي ڪو زيادتي ڪري، ظلم ڪري يا ڏاڍ ڪري، ان تي ”صبر“ڪرڻ اعليٰ ۽ افضل عمل آهي، پر اجتماعي ۽ قومي ظلم زيادتي کي ڏسي خاموش ٿيڻ ۽ صبر ڪرڻ قومي غداريءَ کانپوءِ ٻيو وڏو قومي ۽ سماجي ڏوهه ٿئي ٿي.

استحصال ۽ پرماريت کي جڏهن عام ماڻهو سمجهڻ لڳو ته ان جي خالقن، مالڪن ۽ وارثن استحصال ۽ پرماريت کي مضبوط طريقي پير کپائڻ لاءِ نوان رنگ ۽ ڍنگ ڏنا ۽ نوان ويس پهرايا. ان لاءِ غلط تشريحن جو ڏڍ ۽ سهارو وٺڻ جو آغاز ٿيو. ”خاموشيءَ“ ۽ ”صبر“ جي به غلط تشريح ۽ تبليغ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي بڻجي وئي.

چور چوري ڪري ۽ گهر ٻُهاري ۽ انهيءَ ڪارروائيءَ دوران ڀاڳيا جاڳي پون ۽ چور جيڪڏهن انهن کي رب جي رضا، خاموشيءَ ۽ صبر جي تلقين ڪري ته اها چور جي بدنيتي ۽ ڀاڳين جي بي وقوفي چئجي. اهڙيءَ ريت قومي ذريعن، وسيلن ۽ موقعن جي لُٽَ ٿيندي رهي ۽ اهڙي ڀينگ ڏسي خاموشي کي ”صبر ۽ تحمل“ جو نالو ڏئي چپ ڪري ويهبو ته اها قومي ۽ اجتماعي آپگهات ٿي پوندي. اڄ ڪلهه جو بين الاقوامي استحصالي سياسي نظام جي ڇانوءَ ۾ اسان کي تصوف جي تند تنوارڻ ۽ صوفي ٿيڻ واري نشي جي گوري کارائي وڃي ٿي، ان جو به اهو ئي ڪارڻ آهي ته اسان اکيون ٻوٽي ۽ زبان تي تالو هڻي ويهي رهون ۽ لٽيرا پنهنجي من ماني ڪندا رهن. نه فقط ايترو پر اسان تصوف جي اصلي ۽ سچي تشريح وساري ويهون، جيڪا مخدوم بلاول، شاهه عنايت، لطيف ۽ سچل پنهنجي قول ۽ فعل سان ڪئي هئي. خيرپور رياست ۾ جڏهن مذهبي رواداريءَ بدران مذهبي جنون پروان چڙهيو ۽ حڪمرانن مذهب کي سياست ۽ حڪمرانيءَ کان الڳ رکڻ وارو ڪم ڪندي، مذهبي مداخلت نه ڪئي ته سچل جهڙا انسان پيدا ٿيا، جن ملان واري مذهب ۽ اسلام واري مذهب ۾ فرق ظاهر ڪري ڏيکاريو ۽ ملان واري مذهب جي شديد مخالفت ڪري مذهبي اقليتن جي حقن ۽ خدشن جي ترجماني ڪئي. لطيف سائين ماڻهن کي گنديءَ حڪمرانيءَ جي بدبوءِ محسوس ڪرائڻ لاءِ حڪمرانن کي ماڻهو بڻائڻ ۽ ماڻهن کي انسان ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. شاهه عنايت تصوف جي علم ۽ عمل کي تلوار ۽ سر ڏيڻ جي صورت ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو. مخدوم بلاول سرگهاڻي ۾ ڏئي اهو درس ڏنو ته جابر ۽ ظالم حڪمرانن دين کي دلين جوڙڻ بدران سسيون لڻڻ لاءِ ئي ڪم آڻيندا آهن. اسان جي انهن امر ۽ عظيم صوفين اهو ۽ اهڙو ”صبر“ ۽ اهڙي ”خاموشي“ اختيار نه ڪئي، جنهن جون سُتيون اڄڪلهه اسان کي پياريون وڃن ٿيون. هنن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته علم ۽ عمل، قلم ۽ سر تصوف ۾ هڪ ئي شئي جا مختلف نالا ۽ روپ آهن. اهي الڳ ناهن، پر هڪٻئي جو اٽوٽ انگ ۽ حصو آهن.

اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي دکن دردن ۽ مصيبتن ۽ مجبورين باوجود زندهه قوم آهيون. ڪلاشنڪوفن جون گوليون ۽ اغوائون به اسان کي خاموش ڪري نه سگهيون، هيروئن ۽ هشيش به اسان جي مت منجهائي نه سگهيون. وڏيرن، ننڍيرن يا اصلي نقلي پيرن جون حڪمت عمليون به اسان جا ذهني دڳ روڪي اسان کي ”صابرين“ بڻائي نه سگهيون. اهو ئي سبب جو جيڪڏهن ڪو عملدار رعيت آزار بڻجي پوندو آهي ته اسان خاموش ٿي نه ويهندا آهيون.  جيڪڏهن استاد برادريءَ جو ڪو حصو تعليمي ادارن ۽ ٻارن پڙهائڻ کان لنوائيندو آهي ته اسان انهن گوسڙو گهوسٽ استادن خلاف قلم ۽ عمل کي ڪات ڪهاڙو بڻائي ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن ڊاڪٽر اسپتالن جي عوامي ۽ سرڪاري وقت ۾ غائب رهندا آهن ته اسان ”هاريا ويڄ مياس، ترس نه رکين تر جو“ نغمو آلاپڻ لڳندا آهيون. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪو قلم ڌڻي، صحافي ۽ اديب درٻاري ۽ سرڪاري ٿي پوندو آهي ته اسان جو قلم جنبش ۾ اچي ويندو آهي.

اسان جي اهڙي بي صبري، بي قراري ۽ عدم خاموشي ئي اسان جي اجتماعي زندهه رهڻ جي سگهه آهي، پر هڪ اڃان به اهڙي خاموشي باقي آهي، جنهن اسان جي ماڻهپي واري رنگ تي زنگ چاڙهڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڏوهيءَ وانگر وڃي پئي رشتن ناتن، روين اندازن ۽ نسبتن رغبتن کي کائيندي. اسان هڪ ٻئي کي موٽ نه ٿا ڏيون. اسان هڪٻئي جي دلين جي دانهن ڪوڪ  ڪو نه ٿا ٻڌون، اسان اکين مان وهندڙ آب ڏسي به خاموش ٿي وڃون ٿا. اسان دوستيءَ، خلوص ۽ ماڻهپي کي ڪا موٽ نه ٿا ڏيون. اسان خاموش آهيون، بنهه ڀتين ۽ ديوارن وانگر. ان ڪري ڪنهن سوال جو جواب نه ٿا ڏيون ۽ ڪنهن رابطي يا عرض کي اهميت نه ٿا ڏيون. اسان ويجهو هوندي به هڪٻئي کان پري آهيون ۽ دور آهيون ۽ مجبور آهيون. اسان نه ته پاڻ مٽائي سگهون ٿا ۽ نه ماڻهو مَٽائي سگهون ٿا ۽ نه وري انهن جون دليون يا من مٽائي سگهون ٿا.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes