Menu
Подробнее на сайте: http://hightechcomp.ruhttp://collect-computer.ruhttp://live-code.ruhttp://build-biz.ru https://themes-wp.org http://pro-java.ruhttp://computermonster.ru
http://gromder.nethttp://hardcomputer.ru http://run-pc.ru http://pythonlearn.ru http://codingway.ru http://collect-pc.ruhttp://python-3.ruhttps://python-scripts.com

هاري انقلاب سلسله

 

The Constitution of the SINDH HARI PARTY

هاري حقدار زنده باد!    انقلاب زنده باد!

سنڌ هاري پارٽي جو آئين

هاري دارالاشاعت:

حيدرآباد (سنڌ)

جاري: 1949ع

(8 آنا)

رئيس حيدربخش الهداد خان جتوئي ”هاري حقدار (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس“، رسالا روڊ، حيدرآباد سنڌ مان ڇپي. ”هاري دارلاشاعت“، رسالا روڊ، حيدرآباد (سنڌ) مان شايع ڪيو.

سنڌ هاري پارٽي جو آئين

سنڌ پراونشل هاري ڪاميٽيءَ جو سڌاريل ۽ منظور ڪيل، حيدرآباد سنڌ، 6 نومبر 1948ع.

قلم پهريون

 نالو

تعليم جو نالو سنڌ هاري پارٽي آهي (جنهن کي هن کانپوءِ پارٽي ڪري سڏيو ويندو)

قلم ٻيو

حد عمل

پارٽي جو عمل سڄي سنڌ سان لاڳو آهي ۽ ان ۾ ڪراچي شهر ۽ خيرپور رياست به اچي وڃن ٿا (جن کي ضلع شمار ڪيو ويندو).

نوٽ: پارٽي سنڌ جي هارين جي عوامي جماعت آهي ۽ ان ۾ اهي دهڻائي ضرور به اچي وڃن ٿا.

                                     (ب) هارين ڏانهن خطاب هاري ۽ زميندار

هاري طبقي جي فائدو انهيءَ ۾ آهي ته هاريءَ کي بٽئي ۾ ٻه حصا ملن زميندار کي هڪ حصو، هاريءَ کان بيگر ۽ ڇيڙ نه وٺجن؛ زمين تي هاريءَ جو موروثي حق رهي....

زميندار طبقي جو فائدو ۽ منشا اها آهي ته زميندار کي بٽٿي ۾ اڌ کان به زياده حصو ملي، جيئن وڻيس تيئن هڪ هاريءَ کي زمين تان لوڏي ٻئي کي بيهاري؛ هارين کي ڇيڙ بيگر ۾ وهائي.....

هاري جيڪڏهن ٽينسي (موروثي هارپ) حق لاءِ طلب ڪري ٿو ته زميندار ان جي مخالفت ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ سندس طاقت سگهجي ٿي ۽ هاريءَ کي طاقت ملي ٿي.

زميندار جي هٿ ۾ دولت آهي؛ زميندار جي هٿ ۾ حڪومت آهي؛ عملدار پوليس سڀ زميندار سان ٻڌل آهي. لازمي طرح هاري طبقو هر نموني ۾ رهڙجي رهيو آهي.

هاري حقيقي طاقت جو مالڪ آهي

دنيا جي تمام پيداوار انساني محنت جي ذريعي وجود ۾ اچي ٿي. پوک، اناج ڪپهه هاريءَ جي پورهئي جي پيدائش آهي. زميندار هر ڪاهيندو آهي؟ نه لابارو ڪندو آهي؟ نه، ڳالهه ڳاهيندو آهي؟ نه، انهيءَ پنهنجن پنهنجن علحدين جماعتن کي پارٽيءَ سان ملحق ڪرائين.

قلم ٽيون

مقاصد

پارٽيءَ جو مقصد آهي نه هارين کي زميندارن ۽ سرمائيدار طبقي جي مالي ۽ سياسي لٽ ۽ استعمال کان آزاد ڪيو وڃي ۽ ٻين طبقا تي جمهوري جماعتن سان گڏجي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مڪمل قومي آزادي ۽ جمهوريت قائم ڪئي وڃي (جيڪا انگريز ڪامن ويلٽ کان جدا ۽ آزاد هجي) ۽ جنهن ۾ تمام اقتصادي ۽ سياسي طاقت محنت ڪش عوام جي هٿ ۾ رهي.

(الف)- پارٽيءَ جو آخري مقصد آهي ته:

1.زمينداري ۽ جاگيرداري سرشتي کي ختم ڪيو وڃي؛

2. پوک ڪندڙ هاريءَ کي زمين جو مالڪ قبول ڪيو وڃي؛

3. تمام زمين کي قومي ملڪيت ٺهرايو وڃي (بغير عيوضي جي)؛ ۽ پوءِ

4. زراعت جي پراڻن نمونن کي ڇڏي مشين (ٽريڪٽر وغيره) جي بنياد تي اجتماعن طرح زراعت ڪئي وڃي.

(ب) مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽيءَ جا هيٺيان فوري مطالبا آهن:

1. سڀني هارين کي يڪدم دائمي ۽ موروثي ”ٽينسي حق“ ڏنو وڃي، جنهن موجب زميندار هارين کي زمين تان زبردستي بيدخل ڪري نه سگهن؛

2. ننڍن کاتيدارن کي ڍل کان آزاد ڪيو وڃي ۽ صرف جائزو ورتو وڃي، جنهن جو اندازو واهن جي خرچ جيترو هجي؛

3. جن زميندارن جي سالياني پيدائش پنج هزار رپين کان مٿي آهي انهن تي ”ايگريڪلچرل انڪم ٽئڪس“ بست ڪئي وڃي؛

4. سڀ سرڪاري زمينون فقط هارين کي ۽ ”هارپ گرانٽن“ جي صورت ۾ ڏنيون وڃن؛

5. سڀ جاگيرون رد ڪري انهن زمينن تي پوک ڪندڙ هارين جو موروثي حق تسليم ڪيو وڃي.

تشريح 1- ”هاري“ معنيٰ اهو شخص يا سندس گهر جو پاڻي جنهن جو گذران اڪثر پوک تي يا زراعتي ضروري آهي، يا ديهاتي ايراضيءَ ۾ مزوريءَ ئي آهي.

تشريح: ”جمهوريت“ معنيٰ عوام جي حڪومت ۽ ان جو مدار هن بنيادي اعتقاد تي آهي ته-

(الف) سڀ انسان يڪسان ڄمن ٿا؛

(ب) هر انسان کي ڪجهه حقوق آهن جي هن کان کسي نه ٿا سگهجن ۽ اهي آهن زندگي، آزادي خوشنودي جي تلاش؛

(ج) انسانن ۾ اها اهليت آهي ته هو پاڻ تي حڪومت ڪري سگهن.

جمهوريت مان مراد آهي ته:

1.سموري سياسي طاقت جا مالڪ عوام آهن ۽ عوام اها طاقت پنهنجي نمائندن جي ذريعي عمل ۾ آڻين ٿا ۽ عوام کي حق آهي ته هو پنهنجي نمائندن کي ڪنهن به وقت معزول ڪري سگهن.

2. هرهڪ مرد توڙي عورت کي جنهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ ناهي، ۽ پاڳل ناهي، ان کي ڪنهن به ذات يا قوم يا مذهب جي امتياز کانسواءِ ووٽ جو حق آهي.

3. ووٽ مخثي ۽ آزاد ۽ قانون ساز جماعتن لاءِ سڌو هوندو.

4. هيٺيون آزاديون ملڪ جي هر هڪ باشنده جي حق ۾ تسليم شده آهن. ضمير جي آزادي؛ زبان يعني اظهار خيال جي آزادي، پريس جي آزادي، جماعت بندي جي آزادي، جلسي جي آزادي، مظاهري جي آزادي.

تشريح: 3 ”ننڍو کاتيدار“ معنيٰ ساريال آزادي جي حالت ۾ 12 ايڪٽن، خشڪ پوک جي حالت ۾ 24 ايڪڙن، جو مالڪ.

قلم چوٿون

عمل جو طريقو

پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ پارٽي هارين کي سندن فوري طلبن جي بنياد تي تنظيم ۾ آڻيندي ۽ سڀ ڪنهن ممڪن آئيني طريقن سان جدوجهد قائم رکندي جيستائين پنهنجي منزل مقصود تي پهچي.

قلم پنجون

تعمير

پارٽي هيٺين شاخن ۽ فردن مان مرڪب ٿيندي:-

1.ابتدائي هاري شاخون ۽ سندن ڪاروباري ڪاميٽيون؛

2. ضلع هاري شاخون ۽ سندن ڪاروباري ڪاميٽيون؛

3. سنڌ هاري ڪاميٽي؛

4. سنڌ هاري ڪائونسل؛

5. سنڌ هاري پارٽي جي سالياني ڊيليگيشن جي ڪانفرنس.

نوٽ 1. هارين جي غرضن کي بهتر نموني سرانجام ڪرڻ لاءِ ضلع هاري شاخن کي اختيار آهي هو درميانه هاري شاخون برپا ڪن، مثلن: تعلقي هاري شاخون يا دهئاني هاري شاخون.

نوٽ 2: ضلعن ۽ تعلقن مراد معمولي طرح روينيو کاتن جا ضلعا ۽ تعلقا آهن.

قلم ڇهون

ميمبري

فقره 1: ڪو به هاري جو 18 سالن کان گهٽ عمر جو ناهي ۽ جو پارٽيءَ جا اصول قبول ڪري ٿو ۽ ان جي ضابطي هيٺ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي سو مقرر فارم (ضميمه الف) ۾ درخواست ڪرڻ تي ۽ چار آنا ساليانا چندي ڏيڻ تي سنڌ هاري پارٽي جي ڪنهن به ابتدائي هاري شاخ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو.

فقره 2: ڪا به ابتدائي هاري شاخ ڪنهن به شخص کي (جو ڪنهن به زمينداري جماعت جو ميمبر يا همدرد نه آهي ميمبر ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن اهو شخص سنڌ هاري پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ فقره 1 موجب ميمبريءَ لاءِ دخواست ڪري ٿو.

فقره 3: ڪو به ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ابتدائي هاري شاخ ۾ ميمبر ٿي نه ٿو سگهي.

فقره 4: ڪو به ميمبر، جنهن سنڌ هاري ڪائونسل جي مقرر ٿيل تاريخ اندر پارٽيءَ جو ساليانو چنده ادا نه ڪيو آهي سو پارٽيءَ جي ڪنهن به چونڊ ۾ حصو ٿي نه ٿو سگهي، نڪو پارٽيءَ يا ان جي ڪنهن به شاخ جي چونڊ واري جڳهه لاءِ اميدوار بيهي سگهي ٿو.

فقره 5: معمولي طرح پارٽيءَ جو سال 1 اپريل کان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي سال جي 31 مارچ تي ختم ٿئي ٿو. ميمبري جو ساليانو چند 1 اپريل کان ڏيڻ جوڳو ٿئي ٿو.

فقره 6: ڪو به شخص جو ڪنهن به ابتدائي هاري شاخ جو ميمبر ناهي سو ڪنهن به چونڊ واري جڳهه تي چونڊ جي نه ٿو سگهي.

قلم ستون

ابتدائي هاري شاخون

فقره 1: سنڌ هاري پارٽي جي سڀ کان هيٺين شاخ ابتدائي هاري شاخ آهي، جنهن جو دائرو ڳوٺ يا شهر يا ڳوٺن جو ميڙ هوندو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ماڻهو رهندا هجن. ابتدائي هاري شاخ تيستائين تسليم نه ڪئي ويندي جيستائين گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ميمبر داخل نه ٿيا هجن.

فقره 2: جيئن به ڪا ابتدائي هاري شاخ قائم ٿئي، ائين تيئن ان بنسبت تفصيل سنڌ هاري پارٽي آفيس ڏانهن موڪلڻ کپي.

فقره 3: سنڌ هاري پارٽي ڪنهن به ابتدائي هاري شاخ جو الحاق منظور ڪري، ان لاءِ ضروري آهي ته هر سال تعلق رکندڙ ضلع هاري ڪاميٽي سنڌ هاري آفيس کان مقرر تاريخن اندر ضلع اندر نين شاخن بابت تفصيل موڪلي ڏئي ۽ ان ڏانهن ساليانو چنده جو حصو نه موڪلي ڏئي.

فقره 4: ڪا نه هاري تنظيم جا انهيءَ هنڌ ٺاهي وئي آهي جتي ڪا به ابتدائي هاري شاخ برپا ٿيل نه آهي، سا هيٺين شرطن جي تعميل سان سنڌ هاري پارٽي سان ملحق ٿي سگهي ٿي:

(الف) الحاق لاءِ درخواست مقرر فارم ضميمه ب سنڌ هاري پارٽي آفيس ۾ مقرر تاريخ اندر ڪرڻ گهرجي ۽ ان ۾ ضروري تفصيل ڏيڻ گهرجي ۽ هي اظهار ڪرڻ گهرجي ته درخواست ڪندڙ شاخ سنڌ هاري پارٽي جي آئين ۽ انتظام مقصدن جي پابند رهندي.

(ب) سنڌ هاري ڪائونسل کي اختيار آهي ته قلم 1 هيٺ الحاق منظور ڪري.

(ج) درخواست ڪندڙ شاخ اهي شرط جي سنڌ هاري ڪائونسل نافذ ڪري، انهن کي قبول ڪندي.

(د) سنڌ هاري ڪائونسل جي منظوريءَ تي ۽ مٿانهين شاخن کي ميمبري في جي حصا ڏيڻ کانپوءِ درخواست ڪندڙ شاخ تعلق رکندڙ ضلع هاري شاخ هيٺ ابتدائي هاري شاخ شمار ڪئي ويندي.

فقره 5: ابتدائي هاري شاخ کي هڪ ڪاروباري ڪاميٽي ٿيندي جنهن ۾ هيٺيان عهديدار ٿيندا: پريزيڊنٽ، وائيس پريزيڊنٽ، سيڪريٽري، خزانچي ۽ 5 کان 8 تائين ميمبر. اها ڪاروباري ڪاميٽي سا سال چونڊي ويندي ۽ اهو لحاظ رکيو ويندو ته جيترو ٿي سگهي اوترو ڪاميٽيءَ تي هر ڳوٺ مان نمائندا هوندا.

فقره 6: ڪاروباري ڪاميٽي ابتدائي هاري شاخ ۽ ٻين مٿانهين هاري شاخن جي فيصلن جي تعمير ڪندي. اهو عام طرح هيٺين ڪمن لاءِ ذميوار رهندي:

(الف) هارين جي بهبوديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ سندن روزمره جي ظلمن ۽ ضرورتن جي پوئيواري ڪرڻ؛

(ب) هارين جي تڪرارن جا فيصلا ڪرڻ؛

(ج) هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جيئن هارين ۾ به پنهنجو طبقاتي شعور وڌي ۽ اتحاد اچي ۽ سندن نه اخلاقي وڌي.

قلم اٺون

ضلع هاري شاخون

فقره 1: ضلع هاري شاخ تڏهن قائم ٿيندي جڏهن گهٽ ۾ گهٽ پنج ابتدائي هاري شاخون ان ضلع ۾ برپا ٿيون هونديون.

فقره 2: ابتدائي هاري شاخن جا چونڊيل ابتدائي ڊيليگيٽ ۽ ٻيا عيوضي جيئن هر هڪ تعلقي مان اٽڪل 3 نمائندا هجن، انهن مان ضلعي داري شاخن ٺهندي.

فقره 3: ضلعي هاري شاخ جي هڪ ضلع هاري ڪاميٽي هوندي، جنهن جا هيٺيان عهديدار هوندا: پريزيڊنٽ، وائيس پريزيڊنٽ، سيڪريٽري، خزانچي ۽ وڌ ۾ وڌ ٻيا ٻاره ميمبر (جيئن ڪوشش ڪري هر هڪ تعلقي کي نمائندگي ملي). ڪاميٽي جي چونڊ هر سال ضلعي هاري ڪانفرنس ۾ ڪئي ويندي.

فقره 4: ضلع هاري ڪاميٽي عام طور هيٺين ڳالهين لاءِ ذميوار رهندي:

(الف) ابتدائي هاري شاخن جي باقاعده ۽ موثر ڪم ڪار هلائڻ لاءِ؛

(ب) پارٽيءَ جي حڪمت عملي ۽ پروگرام جي بجاآوريءَ لاءِ؛

(ج) ضلع اندر هارين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ.

قلم نائون

نمائندگي

فقره 1: هر هڪ ابتدائي هاري شاخ کي پارٽيءَ جي بنيادي فرد جي حيثيت ۾ نمائندگي جو حق آهي. انهيءَ مقصد لاءِ هر ابتدائي هاري شاخ تعلق رکندڙ ضلع هاري ڪانفرنس لاءِ پنهنجو ڊيليگيٽ (هڪ يا وڌيڪ) چونڊيندي جنهن کي ”ابتدائي ڊيليگيٽ“ چئبو آهي. ضلع هاري ڪانفرنس ۾ اهي ابتدائي ڊيليگيٽ سنڌ هاري پارٽي جي ساليانه ڪانفرنس لاءِ ڊيليگيٽ، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ پارٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيا ويندا.

فقره 2: ضلعن مان ساليانه اجلاس جا ڊيليگيٽ ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جا ميمبر مجمعي چونڊ نموني چونڊيا ويندا.

تشريح: ”مجمعي چونڊ“ جي معنيٰ ته جيڪڏهن هڪ سئو ميمبرن کي 5 ڊيليگيٽ چونڊڻ آهن ته هر هڪ ميمبر کي 5 ووٽ آهن. اهو ميمبر چاهي ته پنج ووٽ هڪ اميدوار کي ڏئي يا ٻن ٽن، چئن يا پنجن اميدوارن کي ڏئي.

فقره 3: ابتدائي ڊيليگيٽ هر هڪ ابتدائي هاري شاخ کي حق آهي ته اوهر سئو ميمبرن، يا ان جي حصي، پٺيان هڪ ابتدائي ڊيلگيٽ چونڊي.

فقره 4: سنڌ هاري ڪانفرنس لاءِ ڊيليگيٽ: پارٽيءَ جي سالياني اجلاس لاءِ هر هڪ ضلعي مان وڌ ۾ وڌ ڊيليگيٽ هيٺين موجب چونڊجن:-

ضلع                                          تعداد ڊيلگيٽ

1. حيدرآباد                                  25

2. ٺٽو                                        25

3. دادو                                       25

4. لاڙڪاڻُو                                 25

5. سکر                                      25

6. جيڪب آباد                              25

7. نوابشاهه                                 25

8. ٿرپارڪر                                25

9. ڪراچي اراضي                       25

10. خيرپور رياست                       25

نوٽ: ضلعي سانگهڙ جا تعلقا پراڻي نموني نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ شمار ڪرڻ گهرجن.

فقره: سنڌ هاري ڪاميٽي ميمبر: هر هڪ ضلعي مان سنڌ هاري ڪاميٽي جي ميمبرن جو تعداد هن بنياد تي ٿيندو ته ان ضلعي مان ساليانا ڪانفرنس جي هر هڪ چئن ڊيليگيشن (يا ان جي حصي پٺيان هڪ ميمبر چونڊيو ويندو).

قلم ڏهون

ابتدائي ڊيليگيشن جي چونڊ

فقره 1: ضلع ۾ هر هڪ ابتدائي شاخ (قلم ۽ هيٺ ان ضلعي جي ابتدائي ڊيليگيشن جي ساليانا ڪانفرنس لاءِ پنهنجي حصي جا ڊيليگيٽ چونڊيندي.)

فقره 2: ضلع هاري ڪانفرنس جي نشت کان گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن اڳ ابتدائي ڊيليگيٽ چونڊيا ويندا.

فقره 3: ابتدائي هاري ڪاميٽي پنهنجي ميٽنگ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي جو اطلاع ميمبرن کي ڏيندي.

قلم يارنهون

ضلع هاري ڪانفرنس ۽ چونڊون

فقره 1: ساليانه اجلاس لاءِ ڊيليگيشن جي چونڊ هيٺين طرح ٿيندي:-

(الف) سالياني اجلاس جي پريزيڊنٽ جي چونڊ لاءِ سڏايل ضلعي جي ابتدائي ڊيليگيٽن جي ضلع هاري ڪانفرنس ۾ ابتدائي ڊيليگيٽ پاڻ منجهائڻ (قلم 10 هيٺ) ساليانه اجلاس لاءِ ڊيليگيٽن جو گهرايل انداز چونڊيندا ۽ ووٽ مجمعي چونڊ رستي ورتا ويندا.

(ب) چونڊيل بيهڻ وقت هر هڪ اميدوار تعلق رکندڙ ضلعي هاري ڪاميٽي وٽ هڪ روپيو ڊپازٽ رکندو، جو ڪامياب اميدوار جي حالت ۾ سنڌ هاري آفيس ڏانهن ڊيلگييشن في جي صورت ۾ موڪليو ويندو ۽ ناڪامياب اميدوار جي حالت ۾ ضلع فنڊ ۾ جمع ڪيو ويندو.

فقره 2: سنڌ هاري ڪاميٽي ميمبرن جي چونڊ هيٺين طرح ٿيندي:-

(الف) ضلعي ابتدائي ڊيليگيٽن جي ساڳئي ڪانفرنس ۾ ابتدائي ڊيليگيٽ ساليانه سنڌ هاري اجلاس لاءِ باقاعده چونڊيل ڊيليگيٽن مان ضلع طرفان سنڌ هاري ڪاميٽي جي گهربل ميمبرن جو انداز چونڊيندا (قلم 9 هيٺ) ووٽ مجمعي چونڊ رستي ورتا ويندا.

(ب) چونڊ لاءِ بيهڻ وقت هر هڪ اميدوار تعلق رکندڙ ضلع هاري ڪاميٽي وٽ هڪ روپيه ڊپازٽ، جو ڪامياب اميدوار جي حالت ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ميمبري في شمار ٿيندو ۽ ناڪامياب اميدوار جي حاسلت ۾ ضلع هاري فنڊ ۾ جمع ٿيندو.

فقره 3: ساليانه اجلاس جي پريزيڊنٽ جي چونڊ هيٺين طرح ٿيندي:

(الف) ڪنهن به ضلعي مان ڪي به پنج يا وڌيڪ ابتدائي ڊيليگيٽ، ابتدائي ڊيليگيٽ ٿي چونڊجڻ بعد سڄي سنڌ ۾ ڪنهن به ابتدائي ڊيليگيٽ کي ساليانه ڪانفرنس جي اجلاس جي پريزيڊنٽتيءَ لاءِ اميدوار نامزد ڪري سگهن ٿا ۽ هڪ مقرر ڪيل تاريخ اندر ان جو نالو پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽريءَ کي ڏيئي سگهن ٿا.

(ب) جنرل سيڪريٽري مختلف ضلعن مان آيل اميدوارن جي نالن جي فهرست سڀني ضلع هاري آفيس ڏانهن موڪليندو ۽ وقت مقرر ڪندو جنهن اندر ابتدائي ڊيليگيٽ پنهنجي ضلع ڪانفرنس ۾ گڏ ٿي اميدوارن مان ڪنهن کي به پريزيڊنٽي لاءِ ووٽ ڏيندا.

(ج) هڪ مقرر تاريخ اندر ضلع هاري ڪاميٽي هر هڪ اميدوار جي فائدي ۾ ووٽن جي نتيجي جو اطلاع سنڌ هاري آفيس کي ڏيندي.

(د) سڀني ضلع هاري شاخن جي اطلاع موجب هر هڪ اميدوار جي فائدي ۾ ڏنل ووٽن ڳڻڻ کانپوءِ جنهن اميدوار جي فائدي ۾ سڀني کان گهڻا ووٽ ٿيا هوندا ان کي جنرل سيڪريٽري ”پريزيڊنٽ ايڪٽ“ ڪري ظاهر ڪندو.

(هه) مٿين نموني ۾ سالياني اجلاس جو چونڊيل پريزيڊنٽ انهيءَ سال جو پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪندو ۽ پنهنجو صدارتي خطبو پڙهندو ۽ اجلاس ۾ پارٽيءَ جي غور ۽ ويچار جي رهنمائي ڪندو.

(و) جيڪڏهن ڪنهن به سبب پريزيڊنٽ حالت ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجي ميبرن مان ڪنهن به هڪڙي کي چيئرمين چونڊيندي جو اجلاس جي ڪارروائي ۽ سبجيڪٽس ڪاميٽيءَ جو ڪم هلائيندو.

(ز) جيڪڏهن ڪن سببن ڪري پريزيڊنٽ جو عهدو خالي ٿئي نه سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجن ميمبرن مان هڪڙي کي پريزيڊنٽ چونڊيندي.

(ح) ساليانه ڪانفرنس جو پريزنڊنٽ ايندڙ سال لاءِ سنڌ هاري پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي: سنڌ هاري ڪائونسل جو پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪن؛ جيستائين ڪو نئون پريزيڊنٽ چونڊيو وڃي ۽ پنهنجو عهدو سنڀالي وٺي.

قلم ٻارهون

ساليانه اجلاس

فقره 1: پارٽيءَ جو ساليانو اجلاس ان اجلاس لاءِ چونڊيل ڊيليگيٽن مان مرتب ٿيندو ۽ ان ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ پريزيڊنٽ به شامل ٿيندا.

فقره 2: چونڊن کانپوءِ يڪدم ضلع هاري ڪاميٽين پنهنجن ضلعن مان چونڊيل ڊيليگيٽن جي فهرست سنڌ هاري پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري ڏانهن ۽ ايندڙ اجلاس جي مرحبا ڪاميٽي ڏانهن موڪلينديون.

فقره 3: جنرل سيڪريٽري کي ۽ ان جي رضامنديءَ سان مرحبا ڪاميٽيءَ کي اختيار آهي ته دوستانه جمهوري جماعتن جي عيوضين کي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ همدرد ڊيليگيٽن جي صورت ۾ دعوت ڏني. اهي ”همدرد ڊيليگيٽ“ غور ويچار ۾ حصو وٺي سگهن ٿا، پر کين ووٽ جو حق ڪو نه آهي.

فقره 4: پارٽيءَ جو ساليانو اجلاس معمولي طرح مارچ يا اپريل ۾ ڪوٺايو ويندو. اجلاس جي جڳهه ۽ وقت جي مقرري سنڌ هاري ڪائونسل ڪندي.

فقره 5: اجلاس کان پهريائين سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ پريزيڊنٽ اليڪٽ جي صدارت هيٺ ۽ سبجيڪٽس ڪاميٽي جي حيثيت ۾ اجلاس جي ويچار ۽ فيصلي لاءِ ٺهرائن جي شڪل تيار ڪندي.

فقره 6: سبجيڪٽس ڪاميٽيءَ سان ساڳيا قانون اڳ ٿيندا جهڙا سنڌ هاري ڪاميٽيءَ سان.

فقره 7: اجلاس جي تمام ڪارروائي، مثن پارٽيءَ جي سالياني رپورٽ تي بحث ۽ فيصلا، چڪاس ڪيل حساب ڪتاب،آئينده سال لاءِ بجيٽ ايسٽمينٽ ۽ ٺهراءَ پريزيڊنٽ جي صدارت هيٺ ڊيليگيٽ هلائيندا ۽ ڊيليگيٽن کي هر آئيني حق هوندو ته هو ڪنهن به رٿ کي قبول ڪن، يا ان لاءِ درستگي ڪن يا ان کي رد ڪن. جيڪي به فيصلا جن کي ڊيليگيٽ قبول ڪيو آهي پارٽيءَ جا ٺهراءَ فيصلا سمجهيا ويندا ۽ ان جي تعميل لاءِ سڀ ميمبر ۽ شاخون ٻڌل آهن.

فقره 8: اجلاس ۾ ٺهرائن جو اطلاع اجلاس کان گهٽ ۾ گهٽ ست ڏينهن اڳي پارٽي آفيس ۾ پهچڻ کپي، نه ته سواءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي خاص اجازت جي، جا جو اجلاس جي سبجيڪٽس ڪاميٽيءَ جي حيثيت ۾ ڏيئي سگهندي، آفيس اطلاع قبول نه ڪندي.

فقره 9: جيڪڏهن ڪا نازڪ صورت پيدا ٿي پئي ۽ ان سبب ڪنهن سال ساليانه اجلاس منعقد ٿي نه سگهي ته انهيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ممڪن ٿئي ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ گڏ ٿيندي ۽ اهو سڀ ڪندي جو معمولي حالتن ۾ پارٽي ٿي ڪري سگهي ٿي.

فقره 10: پارٽي جو خاص اجلاس، ڪنهن خاص مطلب لاءِ، سنڌ هاري ڪائونسل ڪنهن به وقت سڏائي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڊيليگيٽن مان 30 في سيڪڙو يا سنڌ هاري ڪاميٽي جا 40 في سيڪڙو ميمبر لکت ۾ چاهين ته ضرور سڏايو ويندو. ان اجلاس جي جڳهه ۽ وقت جي مقرري سنڌ هاري ڪائونسل ڪندي.

فقره 11: ساليانه اجلاس جو پريزيڊنٽ ان خاص اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو ۽ گڏيل سالياني اجلاس وارا چونڊيل ڊيليگيٽ ان خاص اجلاس لاءِ نه ڊيليگيٽ ٿيندا ۽ ڪارروائي جا ساڳيا قانون عمل ۾ ايندا جهڙا ساليانا اجلاس ۾ ۽ ٺهراءَ ۽ فيصلا جيڪي ڊيليگيٽ قبول ڪندا انهن جي بجاآوري باقي عرصي لاءِ پارٽي جي سڀني شاخن ۽ بردن لاءِ فرض ٿيندي.

فقره 12: جنهن ضلع ۾ سالياني ڪانفرنس ٿيندي تن ضلع جي هاري ڪاميٽي ڪانفرنس جو تمام بندوبست ڪندي ۽ ان خاطر ان کي اختيار آهي ته او هڪ مرحبا ڪاميٽي مرتب ڪري ۽ جنهن تي ابتدائي ميمبرن کانسواءِ ٻيا ماڻهو به کي سگهجن ٿا.

قلم تيرهون

سياسي ٺهراءُ

جيڪي به سوال سنڌ هاري پارٽي جي فيصلي لاءِ ايندا اهي ووٽن جي اڪثريت موجب فيصلا ٿيندا، سواءِ انهن  سوالن جي قومن يا بين الاقوامي سياسياست سان گهڻو واسطو رکن ٿا ۽ انهن جو فيصلو 75 سيڪڙو اڪثريت سان ٿيندو.

قلم چوڏهون

سنڌ هاري ڪاميٽي

فقره 1: سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪاروباري جماعت آهي ۽ جڏهن پارٽي اجلاس ۾ ناهي تڏهن ان جي اعليٰ ترين اختياري واري انجمن آهي.

فقره 2: ڪاميٽي ساليانه ضلع هاري ڪانفرنس ۾ ابتدائي ڊيليگيٽن جي چونڊيل ميمبرن مان مرتب ٿيندي (جيئن قلم 11 فقره ۾ ڏيکاريل آهي) جي شخص اڳ پارٽيءَ جا پريزيڊنٽ ٿي رهيا آهن اهي عهدي جي لحاظ کان ڪاميٽي جا ميمبر ٿي رهندا، بشرطيڪ هن پنهنجي ابتدائي ميمبري جو ساليانو چندو ڏنو آهي.

فقره 3: جيڪڏهن سال جي اندر ڪنهن به ميمبر جي جاءِ خالي ناهي ته ڪاميٽيءَ کي اختيار آهي ته اها جاءِ تعلق رکندڙ ضلع جي ڊيليگيٽن مان چونڊي ڀري.

فقره 4: جيئن جيئن سنڌ هاري ڪائونسل چاهيندي ۽ ڪم از ڪم ٽن مهينن ۾ هڪ دفعو ڪاميٽي پنهنجي ميٽنگ ڪوٺائيندي.

فقره 5: ڪاميٽي جي ميٽنگ لاءِ ضروري آهي ته جنرل سيڪريٽري صاف 15 ڏينهن جو اطلاع هر هڪ ميمبر کي ڏئي. تمام ضروري ميٽنگ لاءِ صاف ستن ڏينهن جو اطلاع ضروري آهي. اطلاع پوسٽ جي رستي ڏنو ويندو.

فقره 6: ڪاميٽي جي پهرئين ميٽنگ ساليانه اجلاس جي هوندي يا ان کان هڪدم پوءِ ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ پريزيڊنٽ کانسواءِ ان جا ٻيا عهديدار چونـڊيا ويندا، يعني: وائيس پريزيڊنٽ (هڪ يا ٻه)، جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي.

فقره 7: ڪاميٽي جو مدو انجي پهرين ميٽنگ کان شروع ٿيندو  ۽ جيستائين ڪاميٽي چونڊي وڃي ۽ ڪم شروع ڪري تيستائين هلندو.

فقره 8: معمولي ميٽنگن جو ”ڪورم“ 15 ميمبر ۽ غير معمولي ميٽنگن جو ڪورم 10 ميمبر ٿيندو.

قلم پندرهون

سنڌ هاري ڪائونسل

فقره 1: سنڌ هاري ڪائونسل پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جي ننڍڙي ڪاروباري جماعت آهي جنهن کي اها ختياري سونپيل آهي ته اها پارٽي ۽ ڪاميٽي جي اصولن ۽ پروگرام کي عمل ۾ آڻي، قانون ٺاهي آئين جي معنيٰ سمجهائي، هاري شاخن جو منظور ڪري، ۽ پارٽيءَ جي انهن مسئلن جي پوئاري ڪري جيڪي وضاحت طلب هجني. ڪائونسل پنهنجي ڪارروائين لاءِ پارٽي جي سالياني اجلاس انهن ذميوار آهي.

فقره 2: ڪائونسل جي ترڪيب سنڌ هاري ڪاميٽي جي عهديدارن مان (جيڪا ڪائونسل جا ۽ به عهديدار ئي هوندا) ۽ ستن ميمبرن مان ٿيندي جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجي پهرين ميٽنگن ۾ چونڊيندي.

فقره 3: پريزيڊنٽ کانسواءِ ڪنهن به عهديدار يا ڪاميٽي جي ميمبر جي استعيفيٰ جنرل سيڪريٽري جي معرفت پريزيڊنٽ ڏانهن ويندي. پريزيڊنٽ ان کي منظور ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي پڌرائي جنرل سيڪريٽري ڪندو. پريزيڊنٽ پنهنجي استعيفيٰ جنرل سيڪريٽري جي معرفت ڪائونسل ڏانهن موڪلي سگهي ٿو ۽ فقط ڪائونسل ان کي منظور ڪري سگهي ٿي.

فقره 4: ميمبرن کي معمولي ميٽنگن جي حالت ۾ ڏهن ڏينهن جو اطلاع ۽ غير معمولي ميٽنگن جي حالت ۾ پنجن ڏينهن جو اطلاع ضروري آهي.

فقره 5: ڪورم لاءِ پنج ميمبر ضروري آهن.

قلم سورهون

سنڌ هاري فنڊ

فقره 1: آفيس جي خرچ لاءِ پارٽي ۽ ان جي هيٺين شاخن جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ پارٽي ۽ ان جون شاخون هارين ۽ ٻين ماڻهن کان چندو ۽ امداد ڪٺو ڪنديون.

فقره 2: ميمبري في جا چار آنا هيٺين طرح تقسيم ٿيندا:-

1.لعيق رکندڙ ابتدائي هاري شاخ ٻه آنا

2. ساڳيو............. ضلع................ هڪ آنو

3. سنڌ هاري آفيس.....................هڪ آنو

فقره 3: ميمبري في کان علاوه چندي ۽ امداد جا پئسا سنڌ هاري آفيس ڏانهن موڪليا ويندا. سنڌ هاري ڪاميٽي ضرورتن موافق اهي پئسا مرڪز ۽ شاخن ۾ خرچ ڪندي.

فقره 4: هر رقم جي خرچ لاءِ تعلق رکندڙ ڪاميٽي جي منظوري ضروري آهي.

فقره 5: خاص ضروري حالتن هيٺ هيٺين موجب عهديدارن کي به اميد ڪاميٽيءَ جي منظوري جي خرچ ڪرڻ جو اختيار آهي:-

نالو عهديدار جو خرچ ڪرڻ جي حد

1.پريزيڊنٽ ابتدائي هاري ڪاميٽي 10 رپيا

2. ساڳيو...... ضلع......................25 رپيا

3. ساڳيو.......... سنڌ هاري پارٽي 50 رپيا.

فقره 6: هر قسم لاءِ پئسن ڏيندڙ کي پارٽيءَ جي ڄاڻايل رسيد ڏيڻ کپي ۽ پئسن وٺندڙ کي رسيد ڏيڻ کپي، رسيد کانسواءِ پئسا نه ڏيڻ کپن.

فقره 7: پارٽيءَ يا ڪنهن به شاخ جا پئسا هڪ سئو رپيا کان وڌيڪ جي حالت ۾ ڪنهن تسليم شده بينڪ يا پوسٽ آفيس ۾ رکيا ويندا. بئنڪ اڪائونٽ (حساب) پريزيڊنٽ ۽ سيڪريٽري جي گڏيل نالن ۾ کوليو ويندو ۽ چيڪ به ٻنهي جي صحيحن سان نڪرندا.

قلم سترهون

تڪرار ۽ انهن جو نبيرو

فقره 1: عمومن قلم 6 ۽ خصوصن قلم 7 جي مقصدن لاءِ سڀ اختياريون سنڌ هاري ڪائونسل کي هونديون. جنهن موجب اهي سڀني هيٺين شاخن جي انتظام ۽ معاملن بابت جاچ ڪندي رهندي ۽ فيصلا ڪندي رهندي ۽ الحاق جون درخواستون منظور يا نامنظور ڪندي رهندي.

فقره 2: سنڌ هاري ڪائونسل تعلق رکندڙ ضلع هاري ڪاميٽيءَ کان الحاق گهرندڙ جماعت ثابت هيٺين ڳالهين تي حقيقت وٺندي: درخواست ڪندڙ جماعت جي خلوص دلي، ان جي تنظيم جي طاقت، ان جي ميمبرن جو تعداد، هارين ۾ ڪم لاءِ ان جي طرز عمل، ان جو سنڌ هاري پارتي جي پروگرام ۽ ڪارروائين ڏانهن رخ.

فقره 3: تڪرارن جو فيصلو: شخصي شڪايتن ۽ اهنجن دور ڪرڻ لاءِ تڪرارن جي فيصلي لاءِ سنڌ هاري ڪائونسل پارٽيءَ جي سڀ کا مٿانهين جماعت  آهي ۽ اها ضلعي هاري ڪاميٽي جي حڪم يا فيصلي جي برخلاف ڪنهن به شخصي ميمبر يا پارٽيءَ جي شاخ جون اپيلون ٻڌندي.

قلم ارڙهون

قوانين ٺاهڻ

سنڌ هاري ڪائونسل کي اختيار آهي ته اها پارٽيءَ جي ضابطي برابر هلائڻ لاءِ ضلع هاري شاخن ۽ ٻين شاخن جي رهنمائي لاءِ، اليڪشن جي پوري طرح هلائڻ، تڪرارن جي فيصلي لاءِ ٻين معاملن لاءِ جي پارٽيءَ جي آئين يا فيصلن سان تعلق رکن ٿيون، انهن لاءِ ضرورت موافق قوانين ٺاهي، بشرطيڪ آهي پارٽيءَ جي آئين جي متضاد نه هجن.

قلم اوڻيهون

ضابطو

فقره 1: سنڌ هاري پارٽيءَ جا سڀ ميمبر عمومن، ۽ مختلف شاخن جا عهديدار خصوصن ۽ پارٽيءَ جون سڀ شاخون پارٽي جي سڀني فيصلن سان ٻڌل رهنديون.

فقره 2: پارٽيءَ جو ڪو به ميمبر يا شاخ جنهن لاءِ ثابت ٿئي ته ان معتمدا پارٽيءَ جي ڪارروائين يا هارين ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ رنڊڪن وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يا پارٽيءَ ۾ ڪوڙا ميمبر داخل ڪيا وياآهن يا ڪنهن به ٻئي نموني ۾ عوام ۾ پارٽيءَ جو وقار گهٽايو آهي يا ڪو به قصور ڪيو آهي جو پارٽيءَ جي ضابطي جي انحرافي آهي؛ ته اهو ميمبر يا شاخ انتظامي قدم جي مستوجب ٿيندي جو قدم شاخ جي حالت ۾ معطلي يا رد الحاق ٿي سگهي ٿو ۽ ميمبر جي حالت ۾ معطلي يا عهدي يا ميمبري تان معزولي ٿي سگهي ٿي.

فقره 3: انتظامي قدم ضلع هاري ڪاميٽي کڻي سگهي ٿي ۽ نه ان کان ڪا به هيٺين شاخ.

فقره 4: سنڌ هاري ڪاميٽي يا ڪائونسل ڏانهن قدم جي سفارش، شڪايت جي سمورين حقيقتن سميت فقط ڪا شاخ ڪري سگهي ٿي ۽ نه شخصي طرح ڪو به ميمبر.

فقره 5: جيئن ضلع هاري ڪاميٽي ڪو به انتظامي قدم کنيو هوندو تيئن يڪدم تمام معاملي جي ڪيفيت، جوابدار ڌر جو بچاءَ ۽ بيان ۽ اهي سبب جن جي بنياد تي فيصلو ڏنو ويو آهي سي سڀ سنڌ هاري ڪائونسل کي موڪليا ويندا.

فقره 6: ڪو به ميمبر يا شاخ جنهن جي برخلاف انتظامي قدم کنيو ويو آهي ان کي تعلق رکندڙ ضلعي هاري ڪاميٽي معرفت سنڌ هاري ڪائونسل کي ٻن مهينن اندر اپيل ڪرڻ جو حق آهي.

قلم ويهون

آفيس ۽ ميٽنگون

فقره 1: پارٽي جي شاخن ۽ فردن، ابتدائي هاري شاخن کان ويندي سنڌ هاري ڪائونسل تائين، سڀني کي باقاعده آفيس هئڻ گهرجي، جنهن کي هو هلائين ۽ رجسٽر، حساب ڪتاب ۽ ضروري ڪاغذ باقاعده رکن ۽ جيڪي مٿانهين شاخن ۽ انهن جي نمائندن جي جي تپاس لاءِ هميشه کليل رهندا. سيڪريٽري هر حالت ۾ آفيس جي سنڀال ڪندو ۽ لکپڙهه جو ڪم هلائيندو.

فقره 3: جنرل سيڪريٽري پارٽيءَ جا باقاعده حساب ڪتاب ساليانا اجلاس ۾ پيش ڪندو. اهي حساب ڪتاب هڪ سند يافته آڊيٽر تپاس ڪندو ۽ بحال ڪندو ۽ پوءِ اهي ساليانا اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا. خاص سببن ڪري ڪانفرنس سواءِ آڊٽ ڪرڻ جي به حساب ڪتاب قبول ڪري سگهي ٿي. ٻين شاخن سان به ساڳيو دستور لاڳو آهي.

فقره 3: ڪنهن به اجلاس يا ميٽنگ جي ڪارروائي جي صدارت پريزيڊنٽ ڪندو ۽ ان جي غير حاضري ۾ وائيس پريزيڊنٽ، ٻنهي جي غير حاضريءَ ۾ ڪو به جهونو ميمبر جنهن کي حاضر ميمبر پسند ڪن صدارت ڪندو.

فقره 4: ميٽنگن ۾ ووٽ هٿ مٿي کڻڻ سان ڪيا ويندا، سواءِ انهن حالتن جي جنهن ۾ ميٽنگ ٻي طرح فيصلو ڪري. پريزيڊنٽ ووٽ ڳڻيندو. هڪ جيترن ووٽن جي حالت ۾ پريزيڊنٽ کي قطعي ووٽ جو اختيار رهندو.

فقره 5: ابتدائي ۽ ضلع هاري شاخن جي حالت ۾ عهديدارن جون چونڊون جنرل ميٽنگن ۾ ٿينديون ۽ جيڪي سال ۾ ٻه دفعا ضرور ٿيڻ کپن.

قلم ايڪيهون

جهنڊو

سنڌ هاري پارٽيءَ کي پنهنجو جهنڊو هوندو. لال جهنڊو، اچي رنگ ۾ ”ڏاٽو ۽ مطرقو“ ڳاڙهي ڪپڙي تي لڪڙيءَ طرف مٿين ڪنڊ جي ڀرسان نڪتل هوندو.

قلم ٻاويهون

رضاڪار

پارٽي يا ان جي ڪا به شاخ رضاڪارن جو دستو تيار ڪري سگهي ٿي. انهن جا ڪارناما ۽ انتظام اهڙو رهندو جيئن هارين ۽ عوام پارٽيءَ جو وقار وڌي.

قلم ٽيويهون

آئين ۾ تبديلي

فقره 1: پارٽيءَ کي اختيار آهي ته سالياني اجلاس ۾ پنهنجي آئين ۾ تبديلي آڻي، پر ان تبديليءَ جو اطلاع سنڌ هاري آفيس ۾ سالياني اجلاس کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳواٽ موڪلڻ کپي.

فقره 2 : پارٽيءَ کي اختيار آهي ته جن تبديلين جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي انهن بابت تحقيقات لاءِ هڪ سب ڪاميٽي ويهاري ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي اختيارات ڏئي ته اها سڀ ڪاميٽيءَ جي سفارشن تي فيصلو ڪري. انهيءَ حالت ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي ساڳيا اختيار هوندا جيڪي سالياني اجلاس ۾ پارٽيءَ کي هوندا آهن، ۽ اها آئين ۾ ڪنهن به تبديلي کي قبول ڪري سگهي ٿي، يا رد ڪري سگهي ٿي يا ٻيون تبديليون بحال ڪري سگهي ٿي.

فقره 3: ڪن به خاص حاسلتن سبب جيڪڏهن هن آئين جو ڪو به حصو ڪٿي عمل ۾ ناممڪن يا مشڪل ٿئي ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي اختيار آهي ته حالتن جي تقاضا موجب، ۽ پارٽيءَ جي مقصدن جي واڌاري خاطر، انهن حصن بابت رعايت ۽ تخفيف جي اجازت ڏئي.

فقره 4: ”سنڌ پراونشل هاري ڪاميٽي“ يا ان کان اڳ ”سنڌ هاري پارٽي“ جا اڳيان عهديدار ۽ فيصلا، جيئن مناسب هجي، سنڌ هاري پارٽيءَ جا عهديدار ۽ فيصلا سمجهڻ گهرجن.

فقره 5: هلندڙ سال (49-1948ع) لاءِ سنڌ پراونشل هاري ڪاميٽيءَ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ هن آئين هيٺ سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ سنڌ هاري ڪائونسل ٻنهي عهدن جو ڪم ڪندي، جيستائين نيون چونڊون عمل ۾ اچن.

ضميمه الف

نمبر ابتدائي هاري شاخ..............

آءٌ هيٺ صحيح ڪندڙ............ ولد............... ذات............. سنڌ هاري پارٽي جا هيٺيان ۽ ٻيا اصول ۽ مقصد قبول ڪري ميمبر ٿيان ٿو ۽ چار آنا سالياني في سال 1949ع لاءِ ڏيان ٿو:-

1. هارين کي زميندارن ۽ سرمائيدارن جي مالي ۽ سياسي لٽ ۽ استعمال کان مڪمل طرح آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان اندر مڪمل قومي آزادي ۽ جمهوريت قائم ڪئي وڃي (جيڪا انگريزي ڪامن ويلٿ کان جدا ۽ آزاد هجي) ۽ جنهن ۾ تمام مالي ۽ سياسي طاقت محنت ڪش عوام جي هٿ ۾ رهي؛

2. آخري مقصد هي آهي ته:-

الف- زمينداري ۽ جاگيرداري سرشتي کي ختم ڪيو وڃي؛

ب- پوک ڪندڙ هاريءَ کي زمين جو مالڪ قبول ڪيو وڃي؛

ج- تمام زمين کي قومي ملڪيت ٺهرايو وڃي (بغير عيوضي جي) ۽ پوءِ

د- زراعت جي پراڻن نمونن کي ڇڏي مشين (ٽريڪٽر وغيره) جي بنياد تي ۽ اجتماعي طرح زراعت ڪئي وڃي.

3. مٿين مقصدن جي حاصل ڪرڻ خاطر پارٽيءَ جا هيٺيان مطالبا آهن:-

الف- سڀني هارين کي هڪدم دائمي ۽ موروثي ”ٽيننسي حق“ ڏنو وڃي، جنهن موجب زميندار هارين کي زبردستي زمين تان بيدخل ڪري نه سگهن؛

ب- ننڍن کاتيدارن کي ڍل کان آجو ڪيو وڃي ۽ کانئن صرف حقابر ورتو وڃي جنهن جو انداز واهن جي خرچ جيترو هجي؛

ج- سڀ جاگيرون رد ڪري انهن زمينن تي پوک ڪندڙ هارين جو موروثي حق تسليم ڪيو وڃي؛

د- سڀ سرڪاري زمينون فقط هارين کي ۽ ”هارپ گرانٽن“ جي صورت ۾ ڏنيون وڃن؛

هه- جن زميندارن جي سالياني پيدائش 5 هزار رپيا کان مٿي آهي انهن تي درجيوار وڌندڙ ”ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس“ بست ڪئي وڃي.

4. آءٌ ڪنهن به زميندارن ۽ سرمائيدارن جي جماعت جو ميمبر يا همدرد ڪو نه آهيان.

5. مون کي پنهنجي زمين .................... اٽڪل ايڪڙ آهي.

6. منهنجي عمل اٽڪل....................سال آهي، (عمر 18 سالن کان گهٽ نه هجي)

7. منهنجو ڳوٺ................ تعلقو ۾ ............. آهي.

8. ايڊريس:-               معرفت. پوسٽ آفيس

9. تاريخ........... مهينو................................19ع

10. صحيح (ميمبر جي)

11. (صحيح) سيڪريٽري......................(صحيح) پريزيڊنٽ

ابتدائي هاري شاخ.................................

ضميمه ب

(الحاق لاءِ درخواست- قلم 7 ۽ 17)

محترم جنرل سيڪريٽري،

سنڌ هاري ڪاميٽي، حيدرآباد سنڌ

اسان..................... تعلقه..................... ضلع......................... ۾ ابتدائي هاري شاخ برپا ڪئي آهي............... ميمبر داخل ڪيا ويا آهن (50 کان گهٽ نه هجن) ۽ انهن جي فهرست شامل آهي.

سنڌ هاري پارٽي جي آئين کان سڀني ميمبرن کي واقف ڪيو ويو آهي ۽ سڀ ميمبر آئين جي انتظام ۽ مقصدن جا پابند رهندا.

تاريخ..........19ع جي جنرل ميٽنگ  ۾ هيٺان عهديدار چونڊا ويا آهن:-

1.پريزنڊنٽ

2. وائيس پريزيڊنٽ

3. سيڪريٽري

4. خزانچي

هيءُ درخواست پارٽي آئين جي قلم 7 هيٺ موڪلجي ٿي. اميد ته جلد الحاق جي منظوري ڏيڻ ۾ ايندي.

سيڪريٽري،.................... پريزيڊنٽ،.......................

ابتدائي هاري شاخ

معرفت:- پريزيڊنٽ............ضلع هاري ڪاميٽي

فرهنگ

آئين- جوڙجڪ، دستور العمل، منظور.

آفيس- دفتر رکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي جاءِ (محصول).

ايگريڪلچرل انڪم ٽئڪس-زراعتي آمدني (تي)

اقتصادي- مالي، گذران سال تعلق رکندڙ.

اليڪشن- سياست ۾ نمائندن چونڊڻ جو ڪم.

الحاق-شامل ڪرڻ، ملائڻ ملحق، الحاق ڪيل.

بين الاقوامي- جنهن جو گهڻن قومن سان واسطو آهي.

پارٽي- جماعت، انجمن.

پراونشل-صوبائي، صوبي سان تعلق رکندڙ.

پريزيڊنٽ- صدر، پروگرام-طرز عمل.

وائيس پريزيڊنٽ- نائب صدر.

پريزيڊنٽ ائڪٽ- اهو چونڊيل صدر جنهن پنهنجي ٽئڪس محصول (عهدي جي سنڀال نه ورتي هجي.

ٽريڪٽر- مشين تي هلندڙ وڏن گهرٻن وارو هر.

ٽيننسي- قبضيداري، جئنٽ- گڏيل، مددگار.

جاگيردار- اها زمين جنهن تان سرڪاري معمولي بل معاف هجي.

جمهوريت (پيش)- عام خلق جي حڪومت.

جنرل- عام. (وڏو سيڪريٽري).

جنرل سيڪريٽري- مرڪزي آفيس هلائڻ لاءِ

حقابر- پاڻيءَ جو معمولي معمول

چيئرمين- مير مجلس.

چيڪ- بئنڪ ڏانهن اختياري نامو جنهن موجب پئسا ملن.

رجسٽر- دفتر، انگن اکرن جي داخلا جو ڪعاب.

سبجيڪٽس ڪاميٽي-اها ڪاميٽي جا اجلاس جي بحالي لاءِ ٺهراءُ تيار ڪري. (جي ماتحت ڪم ڪري).

سب ڪاميٽي- ننڍي ڪاميٽي جا ٻي ڪاميٽيءَ.

سيڪريٽري- اهو شخص جنهن جي حوالي لکپڙهه.

فنڊ- مال، موڙي، داشت (ملائڻ، آفيس جو ڪم هجي)

ڪائونسل- (صلاح پڇڻ، ميڙ)- ڪاروبار هلائڻ لاءِ مجلس.

ڪامن ويلٿ- عام حڪومت (جنهن ۾ رعيتي راڄ جو نمونو هجي)

ڪاميٽي (صبر نه ڪرڻ)- جماعت جنهن جي حوالي ڪاروبار هلائڻ جو ڪم سپرد ڪيو ويو هجي.

ڪانفرنس- عام ميڙيا اجلاس جنهن ۾ سالياني يا معياد تي فيصلا ڪيا وڃن.

ڪورم- ڪنهن به ميٽنگ جي درست هئڻ لاءِ گهٽ ۾.

گرانٽ-بخشش، ڏنل شئي، (گهٽ ميمبرن جو تعداد)

معزول ڪرڻ- خارج ڪرڻ، عام طرح.

معطل ڪرڻ- عارضي طرح خارج ڪرڻ.

ميٽنگ- ميڙ، ميمبر، جزو، ڀائيوار عضوو.

نوٽ- مخلص توجهه جهڙي ڳالهه.

ووٽ- خواهش يا راءِ جو اظهار، خصوصن اليڪشن ۾.

معاملي ۾ زميندار هڪ بيڪار هستي آهي ۽ هو هاري طبقي جو محتاج آهي.

هر ڪير ڪاهي ٿو؟ هاري. رونبو ڪير ڪري ٿو؟ هاري. زمين، سردارن ۾ نانگن بلائن کي لتاڙي، مٽيءَ مان ڪير اناج جون سون پيدا ڪري ٿو؟ هاري.

غلط نظام

اناج پيدا به هاري ڪري ٿو مگر ان هوندي به بک هاريءَ جي گهر ۾، ڪپهه پيدا به هاري ڪري ٿو مگر تڏهن به انگ اگهاڙو هاري!

اهو نظام جنهن ۾ پورهيت بکو آهي؛ جنهن ۾ هڪ انسان ٻئي انسان کي پنهنجي ذاتي نفع خاطر مزور ڪري وهائي ٿو ۽ گويا ان جو خون پئي ٿو؛ اهو نظام جنهن ۾ بيڪار ۽ بدڪار ماڻهو صرف دولت جي لحاظ کان شريف سمجهيو وڃي ٿو؛ اهو نظام جنهن ۾ شريف محنت ڪش دليل رهي ٿو، اهو نظام جنهن ۾ انسانيت سان بيحرمتي ٿئي ٿي. اهو نظام غلط نظام آهي ۽ ان کان مٽائڻ کپي.

انقلاب هاريءَ جو ڪم آهي

انهيءَ غلط نظام کي مٽائڻ جو انقلاب ڪير آڻيندو؟ اهو ڪم ٿئي تنهن طبقنجو آهي جو هن جو شڪار آهي، ٻنهي هارين کي انقلاب مخالفت ڪير ڪندو؟ اهو طبقو ٿيو جنهن جو زميندار.

زميندار هر ممڪن نموني، مذهب، جي نالي ۾، پاڪستان جي نالي ۾، مگر حيثيت ۾ صرف پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ، انقلاب جي آخر دم تائين مخالفت ڪندو.

سنڌ ۾ هاري هلچل جي ضرورت

اڄ زمانو هڪ نئين ۽ زبردست لهر جي وڪڙ ۾ گرفتار آهي. ملڪ جا جدا جدا ماڻهو پنهنجي طبعيت پٽاندڙ انهيءَ ڦيري ۾ مڙي رهيا آهن. پڙهيل ۽ سياستدان، هاري ۽ زميندار ۽ شهرن ۾ رهندڙ مزدور، سياستدانن جون ڪانگريسون، واپارين جون چيمبرون ۽ زميندارن جون جماعتون ۽ مزدورن جون ٻڌيون جت ڪٿ جاري آهن. هرڪو ملڪ جو ڀاڱو پنهنجن واسطن جي پروريءَ لاءِ انتظام ۽ جوڙجڪ ڪري رهيو آهي. مگر هن اسان جي ديس ۾ هڪ سپني ۾ وڏي قوم جنهن تي ساري ديس جو آزار آهي ۽ جنهن جي ترقيءَ کانسواءِ ڪا به ٻي ترقي دائميت نٿي پائي سگهي سا قوم اڃا غفلت جي حالت ۾ آهي، اڃا ڇڙوڇڙ آهي، جنهن ڪري پٺ پيل ۽ مظلوم آهي، اها قوم آهي هاري قوم هندستان اوهين ڇاکي ٿا چئو؟ هي جو چوڻ ۾ ٿو اچي ته هندستان ماتر ڀومي يا مادر زمين آهي، تنهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ زمين برابر ماءُ آهي ڇو ته اسين مڙئي زمين جا پٽ آهيون يعني جيئن ته ماءُ جي کير تي هر ڪنهن ٻچي کي حق آهي، تيئن زمين جي سڀني ٻالڪن کي زمين جي پيدائش ۽ خورش تي حق آهي. ماتا اها آهي جيڪا هر هڪ ٻار کي پنهنجي گود ۾ اجهو ٿي ڏئي، تهڙيءَ ريت زمين جي دامن ۾ هر هڪ رمواسيءَ کي اجهي جو حق آهي. هندستان معنيٰ هيءَ ساري الاهي زمين، هندستان معنيٰ 33 ڪروڙ ماڻهو، مگر انهيءَ 33 ڪروڙن ماڻهن مان ڪامورڪي، واپاري، زميندار قوم فقط ڪا پنج ست سيڪڙو آهي، باقي هي سارو هندستان جو عالم ڳوٺن ۾ رهي ٿو. شهر بلڪل ٿورا آهن، ڳوٺ مڙئي پنج لک آهن. نظر ڪريو ڳوٺن ڏي، مکيه ڳوٺ ۾ ۽ ٻهراڙيءَ ۾ برابر عملدار جو بنگلو، سيٺ جي ماڙي ۽ زميندار جي اوطاق ڏسڻ ۾ اميدي، پير ڳوٺ جي سچي پچي مخلوقات ڪٿي اهي؟ اها مخلوقات چار ڪروڙن ۾ آهي جيڪا ملڪ جو 90 سيڪڙو آهي سا مخلوقات ڪنهن جي ليکي ۾ به ڪا نه آهي! اچو ويجهو پنهنجي سنڌ جي حالتن ڏي، سنڌ اسان جو ملڪ آهي! پر ڪنهن جو ملڪ آهي؟ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻه ۽ جيڪب آباد جا وڏا شهر ٿيا ٽڪ ۾ ٽي، ڇا سنڌ تڏهن رڳو ٿورن ديوانن، سيٺيز ۽ وڏيرن ملن جي آهي. پر سي ٿيا گهڻا؟ شهرن ۾ به ڀاڳيا ماڻهو ديوان ۽ سيٺيون جي سڻڀو ستابو کائين ٿا، يعني جي انڪم ٽئڪس ڏين ٿا سي گهڻا؟ 8 هزار ماڻهو سنڌ ۾ انڪم ٽئڪس ڏين ٿا، يعني ته شهرن ۾ ڪمائي ڪندڙن ۾ 8 هزار ڪٽنب آهن، جن لاءِ چئجي کڻي ته کين سکيو ٽڪر نصيب ٿئي ٿو. ڪٽنب ڪٽنب ۾ 3 يا 4 ڀاتين جي حساب سان 50 هزاسر ماڻهو خوش ٿا گذارين وٺو مثال هاڻ زميندارن جو، سنڌ ۾ 2 لک کاتيدار ننڍا ۽ وڏا آهن، انهن 2 لکن مان ڏيڍ لک ته اهي کاتيدار آهن جن کي 25 ايڪڙن تائين زمين آهي. يعني سراسري پنج يا ست ايڪڙ. اها مخلوقات به بلڪل بيحال آهي، اها به مسڪين قوم آهي.

”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“.

پر جنهن جو نالو زمين سا رڳو اڌ لک زميندارن وٽ آهي. يعني ته چئو کڻي اٽڪل ٽي لک کيتيءَ تي گذران ڪندڙ ماڻهو آهن جي سکيو ٽڪر کائي سگهن ٿا ٻيا مڙئي دربدر آهن. حساب ڪري ڏنو ويو آهي ته سنڌ ۾ کيتيءَ جو ڌنڌو ڪندڙن 27 لک ماڻهن مان فقط 3 يا 4 لک ماڻهو اهي جيڪي ملڪ جا مالڪ بڻجي، ٻين جي پورهين جو عمل کائي مڇن کي تيل مکيو، پيٽ ڀريو گهمن ٿا ۽ 7 لکن کيتي جي ڌنڌي ڪندڙن مان ٻه فقط لک منو ماڻهو آهن جي به واپاري، ڪامورڪي، دلالي وغيره ڪم ڪري عام مخلوقات جو نفعو پنهنجي هڙ ۾ رکي سکيو گذارين ٿا. ٻيا مڙيئي دک ۽ درد ۾ گذارين ٿا. 90 سيڪڙو ملڪ جا ماڻهو مظلوم آهن، رڳو ڏهه سيڪڙو مالڪ آهن.

پڪو حساب ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ کيتي ڪندڙن ماڻهن مان اٽڪل 23 لک ماڻهو آهن، جن کي زمين جو ذرو نه آهي، جن کي هاري ٿو چيو وڃي. زمين جا لکها ٻار پورهيو ڪن ٿا، جان ڏين ٿا، تن کي هڙ حاصل چئجي کڻي ته ڪجهه به ڪين آهي. هاري اهو آهي جنهن کي نه زمين تي حق آهي نه ڪنهن جاءِ تي حق آهي. هيءَ قوم دربدر آهي، اڌورو پيٽ هن کي مس نصيب ٿئي ٿو، ڪي ٿورا داڻا لڪائي رکي نه ته پني ٿو، ائين به آهي ته هاريءَ جا اڄڪلهه بچيل ٿورا داڻا به واڻئي جي دڪان زميندار جي اوطاق ۾ قيد آهن جن مان ڪو سير اڌ روز ملين ته ملين نه ته ٿيو ڀلو.

وري وري ليکيو ڪيو ويو آهي ته سراسري هاريءَ جي ڪمائي چار روپيه مهيني ۾ تنهن مان جوءِ به پال، ٻار به پالي ۽ ٻڍي ماءُ به سنڀالي لاچاري حالت ۾ ڪو اڌ پيٽ نصيب ٿيندو هوندس پر انگ ۽ اجهو ته هن کي ٿئي ڪين. پير گرميءَ ۾ سڙي خاڪ ٿيو وڃينس. جتي ڪٿان آڻي؟

اگهاڙن، بکايلن، ننڌڻڪن جي درد کي محسوس ڪريو، اٿي ڪو سهڪار ۽ ميلاپ جو طريقو وٺي هنن هارين جو بلو ڀڻي ڪريو، نه ته ياد رکو توهان جي سياست جي به ڪا معنيٰ تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن پس پيش هنن 90 سيڪڙو مظلومن جو ڀلو اوهان جي من ۾ آهي سوراج معنيٰ آهي نه  اها ته ڪي ٿورا ديوان يا ٿورا سٺيون يا ڪي ٿورا ميان صاحب موجون ڪندا، سوراج معنيٰ آهي ته اول ان انگ ۽ اجهو هنن مظلومن کي ملندو.

هن وٽ ڪوڙي نالڀي

هو لکن ساڻ لڳن

هن وٽ پاڻي پاءُ ناهه

هو دارون رنگ لٽن

هن وٽ پٽ ٽپهير

هي ننگا نت گهمن

هي جهنگ پيا جهاڳن

ٿا سورن منجهه سمهن

ڪيئن مثل ملڪ ۾!

سچو سورا جي اهو آهي، جنهن جي دل کي هنن ڪروڙن جي دکن جهوريو آهي جنهنڪري ئي هو جي ميدان ۾ آيو آهي. اسين تنهنڪري ديس روشي کي ٿا چئون ته اوهان جي ترڪ مان خير کي حاصل ٿيندو جيڪڏهن اوهين رات ۽ ڏينهن هنن مظلومن هارين نارين جي سمرڻي من ۾ سوريندا.

آهن ڪي اپاءُ؟

اسان جو رايو آهي ته هارين نارين جو معاملو نڪي سڌو سياسي رستي حل ٿيندو، نڪي سڌو مذهبي رستي، سچي سياست جي معنيٰ آهي هن عام جو ڀلو ڪرڻ، اهڙي طرح سڄو قرم يا مذهب فقط غريب ڀائرن جي خدمت آهي. مگر زماني جون حالتون ڏسي اسين چئون ٿا ته هاري تحريڪ ۾ نڪي سڌو هٿ سياست جو هئڻ گهرجي نڪي هٿ مذهب جو هارين جي تحرڪ کي نجو رکڻ کپي. انهيءَ تحرڪ جي فقط هڪ ئي مراد هئڻ گهرجي ”هارين جو گذراني بلو“.

سکر بئراج زمين:

وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ سکر بئراج زمين سير هئڻ ڪري، اهڙو موقعو مليو آهي جو سنڌ جي هارين جو ڀلو ڀيڻي ٿي سگهي ٿو اسين ته انهي راءِ جا آهيون ته انهيءَ زمين جو ڳچ چڱو ڀاڱو ته انهن هارين نارين کي ملن جيڪي زمين سنڀالين ۽ پوکڻ لاءِ تيار آهن. سرڪار پنهنجي تازي ڪڍيل ”سکر بئراج واري ٺوٽ“ ۾ ظاهر ڪيو آهي ته 50 هزار ايڪڙ 3 هزار هارين کي هڪ هڪ کي سورنهن سورنهن ايڪڙ ڏنا ويندا ۽ انهن کان 15 ورهين قسطن سان مالڪاڻو ورتو ويندو. اسين ته سمجهون ٿا ته ايتري به سگهه هارين ۾ نه آهي پر اهو مسئلو دور رکي اسان جو چوڻ آهي ته رڳو اڌ لک ايڪڙ مان سنڌ جي هارين کي ڪيئن پورائي پوندي. جنهن صورت ۾ سرڪار اصول به قبول ڪيو آهي، تنهن صورت ۾ ڇو فقط ٽن هزار هارين کي سهولت ملڻ کپي باقي لکها هاري ڇو انهي حق کان محروم رهن؟ انهيءَ ڪم ۾ سنڌ جي هارين کي مدد ڪرڻ لاءِ ضروري  آهي ته هڪ زبردست قانوني تحريڪ هلائي وڃي.

هاري هلچل:

انهيءَ موقعي جو وجهه وٺي ڪن سڄڻن ويچار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ هارين هلچل کي زور وٺائجي جنهن جو مقصد ٿيندو:-

سکر بئراج جي زمين ۾ هارين کي حق وٺي ڏيڻ، ڪائونسلن ۾ هارين جي حقن لاءِ ڪوششون ڪرڻ مثلن ”ٽينيٽ بل“ پاس ڪرائڻ زمينداري زمينن تي هارين کي دائمي کيتي جو حق وٺي ڏيڻ وغيره وغيره. هن وقت جڏهن نوان قانوني سڌارا اچڻا آهن تڏهن هر قسم جي ڪوشش ڪري هارين کي ووٽ جو حق وٺي ڏيڻ.

هاري ڪانفرنس:-

ميرپورخاص ۾ اڳيئي هاري ايوسيئيشن پر سال کان قائم ٿيل آهي هنن کي پنهنجي آفيس آهي. هن پاسي هاري هندو توڙي مسلمان ٻئي رهن ٿا ۽ شامل ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ڪم ۾ هارين جا حمايتي ڪري همدرد زميندار پڻ آهن، هاڻي سڄڻن گڏجي ٺهراءُ ڪيو آهي ته ساري سنڌ لاءِ هڪ يڪي هلچل هلائجي جنهن جو مرڪز ڪراچي ٿئي. انهيءَ ڪم ۾ رکڻ ۽ ٺاهڻ لاءِ ميرپورخاص ۾ تاريخ 12، 13 جولائي هڪ عام ڪانفرنس رٿي ويئي آهي.

ڪانفرنس جو صدر مسٽر جمشيد اين آر مهتا ٿيڻ قبول ڪيو آهي. جنهن سان گڏ ڪيترائي وطن دوست ۽ هارين جا همدرد ڀائر اري سنڌ منجهان اچڻ وارا آهن. پرنسپال گوڪلي، حاتم علوي، شيخ عبدالمجيد، سيد غلام مرتضيٰ شاهه، لعل چند، امر ڏنو لعل، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻيا به انيڪ همدرد صاحب چڻ وارا آهن. سنڌ جي هر هڪ ضلعي مان هارين جا پنجاهه عيوضي اچي سگهن ٿا جيڪي مڙئي گڏجي صلاح مصلحت ڪندا ۽ رٿون رٿيندا. تاريخ 13 جولائي آرتوار جو پڻ هڪ عام ميڙ هارين جو ٿيندو.

1980-02-13

..................................................................................

هاري حقدار

هاري اليڪشن پڌرنامو

سنڌ هاري ڪميٽي جلد هڪ ”هاري عام پڌرنامو“ شايع ڪندي جنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون درج ڪيون وينديون:-

1. تاريخي لحاظ سان هاري تحريڪ جي حيثيت

2. هاري طبقي جا دشمن ڪير ڪير آهن ۽ درست ڪير آهن؟

3. هاري تحريڪ جا مقصد ڪهڙا آهن، ترت مقصد ۽ آخري مقصد.

4. هاري طبقي جي عام حالت ۽ مصيبتون.

5. سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو پروگرام، وغيره.

هتي اسان هاري ڪميٽيءَ جي مقصدن ۽ پروگرامن جا ڪجهه حصا شايع ڪريون ٿا جن مان ماڻهن کي معلوم ٿيندو ته اسان ڇا جي لاءِ لڙي رهيا اهيون.

پهريون پهريون مقصد جو هارين جي آڏو ۽ سڀني سياسي جماعتن جي آڏو ۽ سڀني سياسي جماعتن جي آڏو آهي، سياسي آزادي، جيستائين سنڌ ۽ هندستان انگريزن جي حڪم هيٺ آهي تيستائين به ڪارگر سڌارو محال آهي.

ٻيو مقصد جو هارين آڏو آهي سون آهي اهو ته زمين انهن جي، جي پوکين جي پوکين کائين.

ٽيون مقصد آهي هارين ۽ شهري مزدورن جي جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جي پهرئين ۽ ٻئي مقصد جي بجا آڻڻ لاءِ ضروري آهي ۽ هنيئر ئي ڪجهه حد تائين ممڪن انهيءَ مقصد مان ٻيا هيٺان مقصد حاصل ٿي سگهن ٿا:-

سياست

(الف) 1. ڳوٺ ڳوٺ ۾ ”هاري ڪميٽي“ ٺاهڻ.

2. ”ڳوٺ هاري ڪميٽي“ جي عيوضين مان ”تعلقه هاري ڪاميٽي“ ٺاهڻ.

3. ”ڳوٺ هاري ڪميٽي“ مان ضلعي هاري ڪاميٽي ٺاهڻ.
4. ”تعلقه هاري ڪميٽي“ مان ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ ٺاهڻ.

5. مٿين هاري ڪاميٽين جا قوانين ۽ ضوابط ٺاهڻ.

(ب) لوڪلبورڊ ۽ سنڌ اسيمبلي جي عيوضين چونڊڻ جو انتظام ڪرڻ.

(ج) صحت، تعليم، زراعت ۽ آمد رفت وغيره متعلق.

سڌارن بابت جدوجهد ۽ قانون بحال ڪرائڻ.

(د) هر هڪ 18 سالن جي بالغ مرد ۽ عورت کي ووٽ جو حق ڏيڻ.

(هه) سڄي سنڌ لاءِ هڪ اخبار (هاري حقدار) شايع ڪرڻ جا هارين جي خدمت لاءِ هجي.

(و) مڪمل شهري آزاديءَ جا اصول قائم ڪرڻ ۽ اخبارن جي آزادي، علم خير جي آزادي.

(ز) ڪرمنل ٽرائيز ائڪٽ ۽ سنڌ فرنٽيئر ائڪٽ کي منسوخ ڪرڻ، جن جي ذريعي غريب هارين کي ستايو وڃي ٿو. وغيره وغيره.

تعليم

جهالت جهڙي بيماري ڪافي علم ئي آهي جو ماڻهوءَ کي باخبر ۽ انسان بڻائي ٿو. علم حقيقي خزائون آهي ڪنهن به قوم جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو اندازو ان جي علمي طاقت مان لڳائي سگهجي ٿو.

اسان جي ديس ۾ هڪ ته علم ۽ تعليم گهٽ آهي ۽ ٻيو ته تعليمي سرشتو غلط آهي.

تعليم جو بنيادي حڪومت تي آهي، انگريزن جڏهن هندستان تي قبضو تڏهن هنن کي کپندا هئا ڪلارڪ ۽ تپيدار عملدار اهو امڪان نه هو ته ڪلارڪ به انگلينڊ مان اچن. انگلينڊ جو ڪلارڪ ٻه سئو رپيا کان گهٽ اچي نٿو سگهي. هندستان ۾ 30 رپين جو جيترا گهر اوترا موجود. انهيءف سبب اسان جي ديس جي تعليم اڪٿر ڪلارڪن، وڪيلن ۽ ماسترن پيدا ڪرڻ لاءِ آهي. هاري ڪاميٽيءف جو مطلب آهي تعليم جي سرشتي کي ڦيرائڻ. اڄڪلهه هاري جو ڇوڪر جيڪڏهن پڙهيو ته هر کان به ڇٽو ۽ نبوڪري ملڻ به محال، اٽلو هڪ ٻوجهه ٿيو پوي. اسڪولن ۾ هنري، زراعتي تعليم جو درج ڪرڻ تمام ضروري آهي جيئن شاگردن کي اها تعليم ڪارگر بڻائي ۽ محتاجي کان بچائي.

تعليم بنسبت هيٺان اپاءَ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سامهون آهن.

ابتدائي تعليم:

(الف) ڇهن سالن کان ٻارنهن سالن تائين مفت ۽ زوري علم ابتدائي تعليم (ڪتاب، پنا، سليٽيون غريبن لاءِ مفت).

(ب) هاري ٻارن جي سهوليت لاءِ رات جا اسڪول کولڻ اهڙي شاگردن لاءِ 2 کان 3 رپيا اسڪالرشپون)

(ج) هاري ڇوڪرين لاءِ 2 کان 4 رپين تائين اسڪالرشپون مقرر ڪرڻ.

(د) هر هڪ ڳوٺ ۾ جتي آدمشماري اڍائي سئو کان مٿي آهي اتي اسڪول کولڻ ۽ هر هڪ ڳوٺ کان هڪ ميل اندر اسڪول کولي ڏيڻ.

(هه) ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا اسڪول.

هاءِ اسڪول تعليم:

(الف) هر هڪ ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هاءِ اسڪول برپا ڪرڻ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا.

(ب) اسڪول في بلڪل معاف.

(ج) هر هڪ ضلعي ۾ هڪ بورڊنگ هائوس ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا هاري ٻارن لاءِ بورڊنگ هائوس في معاف هڪ هزار آدمشماري تي هڪ ڇوڪري هڪ مٿي تي پراڻو پٽڪو اڳڙين ٽڳڙين وارو مس ٿو سج کان بچائين باقي منو اگهاڙو سياري جي ولهه ۾ ڪيڏانهن وڃي؟ مطلب ته هي روئداد جو خيال ڪرڻ سان سڳوري ڀٽائي جو گفتو دل تي ڦريو اچي:-

ڀينر انهيءَ ڳالهه جي، آءُ ظاهرڪيان ذري

لڳي ماٺ مون کي ڏونگر پون ڏري

وڻ ٽڻ وڃين ٻري اوڀر اڀري ڪا نه ڪا.

اهڙو حال آهي، ياد رکو اي ملڪ جا ماڻهو! اوهين رنگ محلن ۽ گهوڙن ۽ گاڏين تي سوٽن ۽ ڊٽن ۾ وڳن ۽ ڌڳن ۾ گذاريو ٿا. پلاون جا چشڪا وٺو ٿا، ياد رکو اي ديس جا ڀائرو! اهو اسان جو عيش ۽ اها اسان جي خوشي مرو ان موت ۽ ملوڪان شڪار واري آهي، ياد رکو ته دنيا ۾ جو اڄ انقلاب متو آهي، تنهن انقلاب جو بنياد فقط علم جي بک آهي. بک بڇڙي بلا دانهن ديوانا ڪري. اهو بک جو ڀوت ساري عالم ۾ اونهون انقلاب اٿاري رهيو آهي، جي اسين هندستان جا ماڻهو ڀانيون ته اسان جي ملڪ ۾ دوزخ نه اٿي، جي ڀانيون ته اسان جو ڀلو ٿئي ۽ خير سان گذري ته ڇڏيو غفلت ڪشو ڪمر اٿي هنن مظلومن، مسڪينن، اڌرن، نڌرن ڇوڪريءَ لاءِ هيءَ رعايت (انتخاب  امتحان جي نتيجي ۽ بدلي لياقت موجب).

ڪاليجي تعليم

(الف) ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد: هر سال هڪ سئو هاري ڇوڪر ۽ ڇوڪريون ڪاليج ۽  موڪلڻ (ڪاليج في بورڊنگ هائوس في معاف امتحان جي نتيجي ۽ بدلي موجب انتخاب).

(ب) انجيٽري ڪاليج ڪراچي: هر سال ٻه سئو هاري شاگرد موڪلڻ، ساڳين رعايتن سان.

(ج) سڪرنڊ زرعي ڪاليج: هر سال ٻه سئو هاري شاگرد موڪلڻ، ساڳين رعايتن سان ڏوڪري فارم تي به زرعي ڪاليج کولڻ.

(د) ٻين ڪاليجن لاءِ مٿيون رعايتون هارين لاءِ، پنج هزار آدمشماري مان هڪ ڇوڪر ۽ هڪ ڇوڪري لاءِ.

(الف) سنڌ يونيورسٽي برپا ڪرڻ.

(ب) هڪ مئجڪ نئٽرن ۽ سينيما تصوير تعيلم.

(ج) براڊ ڪاسٽ اسٽيشن ڪراچيءَ ۾ کولڻ ۽ ان رستي تعليمي تقريرون ڏيڻ.

(د) هر هڪ اسڪول ۾ لائبريري رکڻ جنهن ۾ صحت، زراعتي ۽ ٻين مضمونن تي ڪتاب ضروري آهن.

(هه) هڪ هڪ اسڪول ۾ ريڊيو کولڻ.

(ز) هر هڪ اسڪول ۾ ڪثرتن ۽ لازمي ۽ وندر جو سامان جو رکڻ.

جيءُ خوش جهان خوش، بيمار ضعيف ماڻهو دنيا ۾ ڪارگر نٿو ٿئي.  تندرست ۽ مضبوط انسان ئي دنيا ۾ خوش گذاري سگهي ٿو ۽ ٻين لاءِ به آرام ۽ خوشيءَ جو باعث بڻجي سگهي ٿو.

تندرستيءَ لاءِ پهرين جوابداري والدين تي آهي خصوصن ماءُ تي.

(الف) هندستان ۾ هڪ هزار ويم پٺيان 50 زالون مرن ٿيون. انگلينڊ ۾ هڪ هزار پٺيان 5 زالون مرن ٿيون. هندستان ۾ هڪ سئو ٻارن مان 50 ٻار پهرين ٻن سالن ۾ مري ٿا وڃن ۽ انگلينڊ ۾ فقط پنج ٻار! پهريون پهريون فرض آهي ته هر هڪ ڳوٺ ۾ سند يافته دائي يا نرس موجود ڪرڻ.

علاج مفت:

(ب) هر هڪ ڳوٺ ۾ جتي آدمشماري پنج سئو کان مٿي آهي اتي سرڪاري ويم گهر برپا ڪرڻ، علاج مفت.

(ج) هر هڪ ڳوٺ ۾ جتي آدمشماري هڪ هزار کان مٿي آهي اتي سند يافته ڊاڪٽر رکڻ.

(د) هر هڪ ڳوٺ ۾ جتي آدمشماري 15 سئو کان مٿي آهي اتي سند يافته ڊاڪٽرياڻي آهي.

(هه) هر هڪ 15 هزار آدمشماريءَ لاءِ هڪ گشتي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي رکڻ، جي ڇهين ڇهين مهيني هر هڪ مرد ۽ زال جي تندرستي جي چڪاس ڪن ۽ ضروري علاج ڪن ۽ صلاح مشورا ڏين.

(و) هر هڪ ڳوٺ ۾ جتي آدمشمتي اڍائي سئو آهي اتي هڪ دوائن جي پيتي معمولي بيمارين لاءِ مهيا ڪرڻ. مثلن ڪن جو سور، ڏندن جو سور، مٿي جو سور، پيٽ جو سور، اک اٿڻ، نانگ جو چڪ يا وڇونءَ جو ڏنگ، معمولي جلاب ڪيئن وغيره پيتي اسڪول ماستر يا ڳوٺ جي هاري انجمن جي صدر وٽ رهي.

(ز) هر هڪ ڳوٺ لاءِ هر هڪ پنج سئو آدمشماري لاءِ بلڪو موجود ڪري ڏيڻ (جنهن جو پاڻي جيوڙن کان صاف رهي ٿو).

(ج) هر هڪ ڳوٺ ۾ جتي آدمشماري هڪ هزار آهي اتي تور جو ڪانٽو رکڻ جتي هر هڪ ماڻهو هر مهيني پنهنجو وزن چڪاسي سگهي.

زراعت:

کيتي هڪ هنر آهي جنهن لاءِ علم ۽ سمجهه کپي. سالن جي کوجنائي بعد نوان نوان ڪڻڪن، سارين ۽ ڪپهن جا قسم پيدا ڪيا ويا آهن جن کي عام بيماريون جهڙوڪه رتي ۽ محلو خراب نٿيون ڪن ۽ جيڪي پيدائش به زياده ڏين ٿيون.

پوک ڪرڻ سان زمين جون معدني طاقتون ان ۽ گاهه رستي نڪري وڃن ٿيون تنهنڪري زمين آخر طاقت ۾ گهٽجي وڃي ٿي، شڪي پئي ٿي، پر ساڳئي وقت اهڙا فصل به آهن جي هوا ۽ سج جي ڪرڻن جي طاقت جذب ڪري پنهنجي پاڙن ۾ قابو ڪن ٿا، جنهن ڪري اهي فصل زمين کي ٿڪائڻ بجاءِ زرخيز ڪن ٿا. اهڙا فصل آهن. مٽر، سڻي، گوار وغيره هنن کي سائو ڀاڻ ڪوٺبو آهي. واري سان اهي فصل ۽ اناج جي فصل ڪرڻ سان پيدائش ۾ وٺي سگهجي ٿي ۽ زمين جي طاقت به هلي اچي ٿي هن لاءِ زراعتي علم جو ضرور آهي.

زراعتي ماهرن هٿرادو ڀاڻ ٺاهيا آهن جيڪي ولايت ۾ وڏي پيماني تي نوٽ هن کانپوءِ

آمد رفت بابت صفحي نمبر 1 تي.

عبدالقادر

صدر سنڌ هاري جماعت

هيءُ پمفليٽ حيدرآباد سنڌ 19 سيپٽمبر 1945ع تي شايع ٿيو.

هاشمي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، اسٽيشن روڊ حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو.

...................................................................

 

ضلعي واري عيوضيءَ جي ڊيليگيٽ في 8  آنا رکي ويئي آهي، عام ميڙ جي ميمبر جي في هڪ آنو رکي ويئي آهي. عيوضين ۽ ٻين همدرد معزز صاحبن جي رهائڻ کائڻ وغيره جو پڻ بندوبست ڪيل آهي. لکپڙهه ڪرڻ گهرجي.

فقير محمد

سيڪريٽري هاري ايسوسيئيشن ميرپورخاص.

...................................................................

حقدار هاري هوشيار ٿيو

پنهنجي مادر وطن مٺڙي سنڌ جا هاري، مزدور، شاگرد، سياسي ۽ سماجي ورڪر ۽ وچولي طبقي جا انسانو! ايندڙ مهيني آڪٽوبر 1970ع جو مهينو اوهان لاءِ امتحان جو مهينو اچي رهيو آهي. پاڪستان جي 23 سالن ۾ اهم ۽ فيصلي ڪن مهينو، انسان جي آبرو، عزت ۽ غيرت جي پرک جو مهينو، سنڌ خواهه پاڪستان ۾ 23 سالن ۾ جمهوريت سان ٿيل زيادتين ۽ زوراورين جي حساب ڪتاب جو مهينو، سياسي جاهلن ۽ ڪاهلن، ڪوڙن ۽ دوکيباز سياسي سانڊن کي سندن ڪيل ڪڌن ڪرتوتن ۽ قوم ۽ وطن سان ڪيل غدارين جي مزي چکائڻ جو مهينو اچي رهيو آهي. سنڌ کي شڪار گاهه بڻائڻ، ڪامورا شاهي جي چاپلوسن ۽ خوشامد ڪندڙ سياسي وڏيرن کي سنڌ جي سياست ۽ قيادت کان هميشه هميشه لاءِ هٽائڻ جو مهينو اچي رهيو آهي. سنڌ جي مٺڙي زمين کي 15 سال غلام بڻائي اسيمبلي ميمبريون، وزارتون ۽ پرمٽون وڍي سنڌ جي سياست ۽ سٻاجهڙي سنڌي عوام کي خوار ۽ بدنام ڪندڙن کان حساب وٺڻ جو مهينو اچي رهيو آهي.

هو وري به اسلام، خدا ۽ رسول، قرآن، دوستي، پاڙي پتيءَ جي ننگ جا نالا وٺي اوهان کي لٽڻ، ڦٽڻ ۽ تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. هن کان اڳ اوهان گهڻائي دفعا هنن ظالمن کان دوکا کائي چڪا آهيو. اوهان پنهنجي ساده لوهي ۽ شرافت ۾ اچي هنن جي هٿن بيوقوف ٿي وطن ۽ وطن جي زمين سان ظلم ڪري چڪا آهيو. هاڻي دوکا بلڪل نه کائجو، هاڻي سدا هرگز نه ٿجو، هاڻي هنن ڪوڙين ۽ فريبي نيزارين، دوکي ڏيندر دم دلاسن ۾ هرگز نه اچجو. دنيا گهڻو اڳتي وڌي وئي آهي ۽ اسين گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون. هاڻي وساهه جا سڀ دروازا بند ٿي چڪا آهن، هاڻي صبر جو پيالو پُر ٿي چڪو آهي، هاڻي ذلتن ۽ خوارين کي گهڻو گلي پائي چڪا آهيون ۽ هنن پراڻين پاپين کي هڪ دفعو نه بلڪه بار بار آزمايو ويو آهي. هنن ان جو غلط مطلب ڪڍيو، هنن اهو سمجهيو ته هو هن ملڪ جي سياهه سفيد جا مالڪ آهن، ست پيڙهيا خاندان پاندان آهن. ڪرسين ۽ ميمبرين جا خانداني حقدار ۽ وارث، سهنا ۽ سمجهدار جاگيردار موروثي مهندار آهن. هڪ ٻئي ۾ وڙهي ٺهي ورهاستون ڪري حصه رسي ڪري کائڻ جا ڪوڏيا ۽ سياسي سمجهدار آهن. هي هڪ ٻه سئو ماڻهو ملڪ ۾ موچارا آهن، باقي سئو سيڪڙو سنڌ جا رهواسي بيوقوف، جاهل، ڄٽ، ان سهڻا، ۽ هنن جا ڪڙمي، ڪمي، نوڪر چاڪر، ڪاراوا ۽ ڪمدار آهن، خدا جا نه پر هنن جا وفادار ماڻهو آهن.

اچو ته انهن منجهيل منهن زور موروثي منگتن کي ماٺ ڪرايون. هو وري به نوان سرتال ۽ نوان سرندا کڻي وفاداريون جتائي نوان ناٽڪ رچائي، نئين وفادارين ۽ مختلف پارٽين سان پنهنجا پيچ پائي ملهن وارا سنڌرا ٻڌي سامهون اچي رهيا آهن.

دوستو ۽ ساٿيو! زهر جي گوليءَ مٿان سون جا ورق چاڙهڻ سان زهر جي گولي سون ڪو نه ٿي پوندي. زهر، زهر آهي ۽ رهندو، گولي اندر ۽ دم ٻاهر. سوچڻ ۽ سمجهڻ جو وقت اچي ويو آهي. پنهنجي آزمائش ۽ امڙ سنڌ سان ناتي نڀائڻ جو وقت اچي ويو آهي، نئين قيادت کي پراڻي قيادت جي جاءِ تي آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي، وطن سان ننگ نڀائڻ جو وقت اچي ويو اهي، عمل جو وقت اچي ويو آهي، پاڻ ۾ پراڻين ۽ بيڪار دشمنين کي ڀلجي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. اچو ته اڄ سڀئي گڏجي، سڀ سياسي سمجهون هڪ پاسي رکي هڪ ئي سمجهه، هڪ ئي سياست ۽ هڪ ئي خيال رکي سنڌ جي مٺي مهراڻ جي موجن جو قسم کائي وعدو ڪريون ته هڪ جاءِ تي به انهن پراڻن سياسي سانڊن، پاپين، پاٿاريدارن، دوڪاندارن، بي وفا بڙده فروشن ۽ وطن جي وڪڻندڙ واپارين کي اڄ کانپوءِ هرگز هرگز سياسي قيادت ڪرڻ نه ڏني ويندي، چاهي هو ڪهڙو به نئون چولو پائي اچن، ووٽ قوم جي امانت آهي، ووٽ سنڌ جو آهي.

ووٽ هڪ نهايت ئي قيمتي هٿيار آهي. هاڻي مٺڙي ۽ ڏتڙيل سنڌ جي سرزمين، پياريل پاڻي خواه کير يا کاڌو، ان جي نمڪ حلاليءَ جي گهر ڪري رهي آهي. دوستو مرڪي مادر مهربان سنڌ جو منهن مٿي ڪريو، اٿو! اٿي سنڌ امڙ جي سينڌ ۾ سرمو پايو ننگ سڃاڻو ۽ ننگ نڀايو. نيڻن مان نڪتل لڙڪن جي لڄ رکو.

ايندڙ مهيني آڪٽوبر 1970ع تائين هر ڪم، هر ڪاروبار ۽ هر عيش ۽ آرام ڇڏي پنهنجون سموريون صلاحيتون سهڻي سنڌ جي حوالي ڪريو. شهر بحر، جهرجهنگ ۾ عزم ۽ استقلال سان نڪري نروار ٿيو. سنڌ جا ننڍڙا ننڍڙا نماڻا نماڻا نيڻ کڻي اوهان ڏي واجهائي رهيا آهن. سنڌ جون ڀينرون ۽ مائرون اوهان ڏي ننگ نڀائڻ لاءِ ڳوڙهن ڀريا نيڻ کڻي نهاري رهيون آهن. ڇا اڃا به اوهان غفلت جي ننڊ ۾ مدهوش رهندا؟ سنڌ جا وڻ ٽڻ مايوس ۽ اداس ۽ سڪل ٽاريون سورن جا سڏڪا ڀري پنهنجي ڪاٺيرن ۽ لامون لاهيندڙن کي لڄائي رهيون آهن. ڇيڪا ۽ ليلا پلڙن ۽ پاپڙن لاءِ ٻاڪاري رهيا آهن.  توڏا ۽ توڏيون پسي ۽ پيرن لاءِ پريشان آهن. سنڌوءَ جي ڪناري ڪرڙيون ماريندڙ ڪوڏيا پنهنجا رڇ ۽ رسا ويڙهي ڪڙيون ڪڇن ۾ هڻي مهراڻ مٿان ماتم ڪندا ٻيلن ۾ ٻاڪاري رهيا آهن. مينهون ۽ ميهار سنڌوءَ جي سڪل سير تي ترڻ بدران تانگي رهيا آهن. ڪارن ڪڪرن کي گور سان گوري رهيا آهن. شل اهي ئي ڪارا ڪڪر ڪجهه ڪرم ڪن.

”واڪا ڪرڻ مون وس،

ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.“

سنڌ دائم رهي، سنڌ قائم رهي، سنڌ سجاڳ رهي. سنڌ جو هاري، مزدور، شاگرد، سياسي ۽ سماجي نوجوان ۽ وچولي درجي جو پڙهيل خواه اڻ پڙهيل انسان اٿي ۽ پنهنجي سون سالن جا وڃايل ۽ وساريل حق هٿ ڪري ۽ شل حق حقدارن کي ملن. (آمين)

”سلطاني سهاڳ ننڍو ڪندي نه ملي“ لاکيڻا لطيف ايندڙ آڪٽوبر ۾ سنڌ جي سپوتن لاءِ ڌڻيءَ در التجا ڪري لڄ رکجانءِ. پنڌ پري پيچرا پرخار آهن. واٽن تي واسينگ ڦڻ ڪڍيو ڦوڪارا پيا ڏين. مرلين کان معاملو مٿي چڙهيل آهي ۽ هٿ ۾ حبيبن جي نڪا لڪڻ نڪا لٺ فقط آسرو الله جو ۽ حق پرستي، عزم ۽ استقلال جي اوٽ اٿن. اميد ته درويشن جي منزل دور نه آهي.

اوهان جوخادم

حاڪم علي زرداري

وفائي پرنٽنگ پريس، ڪراچي-1

 

 

 

Menu
Go to top