textgram 1579777572
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”سنڌ جرنلسٽ سوسائٽي-صحافين جي پهرين تنظيم

        سنڌ جي صحافي برادرئ آذادئ جي تحريڪ کان وٺي ويندي اڄوڪي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن تائين قلم کي جيئن تلوار ڪري ڪم آندو آھي، اهو اسان جي تاريخ جو شاندار باب آھي. 
     صحافي برادرئ انهئ وقت تنظيم سازئ طرف توجه ڏنو، جڏھن ڪيترا نظرياتي ڇڙواڳ هن ميدان ۾ پنهنجا مطلب ماڻڻ لاء ڪاهي پيا. اها صورتحال تڏھن پيدا ٿي جڏھن سنڌ جي محبت ۽ امن وارئ ڌرتئ تي مذھبي متڀيد ۽ فرقيواريت جي باه ڀڙڪائي وئي. هڪ طرف مذهب مٽائڻ جو طوفان سنڌ کي وڪوڙي ويو تہ ٻئي طرف جنوني هندو توڙي مسلمان ليکڪن هڪ ٻئي جي مذھبن خلاف ڪات ڪهاڙا هٿ ۾ کنيا. ان جو اثر صحافت تي بہ پيو. ڪن اخبارن تيلئ مان ٿنڀ بڻائي فرقيواريت کي هوا ڏني.
     انهئ صورتحال ۾ سنڌ جي صحافين 11 جولاء 1926 تي “ سنڌ حرنلسٽ سوسائٽي“ ٺاهي. سيٺ حاجي عبدالله هارون پنهنجي سڏ ۽ گهر تي ان لاء صحافين جي ڪانفرنس سڏائي. جنهن ۾ هنن صحافين شرڪت ڪئي:
   خانچند راهومل (سنڌ سڌار جو ايڊيٽر)، جي ايم ڪيلي (ڊيلي گزيٽ جو ايڊيٽر)، ڪي پنها، ڪرمچند گرمکداس ۽ ٽي ايڇ ميرچنداڻي (سنڌ آبزرور)، ٽي ڪي جيسواڻي ( نيو ٽائمس)، ساڳي اخبار جا ايڇ ايس پرديساڻي ۽ ڀورومل، احمد  علي (سنڌ زميندار)، حافظ فضل احمد ( شمشير الاسلام ميهڙ)، مولوي عبدالرزاق ( مدرسہ ڪرانيڪل)، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد هاشم مخلص ( مسلمان )، حڪيم عبدالخالق (ماهوار ترقي)، رئيس نجم الدين ( اتحاد،  نواب شاه)، ايم صادق (الحقيقت، لاڙڪاڻو)، گلاب راء خانچند ( سنڌ سڌار)، نارائڻ جي چئنراء (هندو جاتي)، کيمچند ڊيٽارام (سنڌ واسي)، کيمچند امبتراء، پي ايڇ دستور ( پارسي سنسار)، پرمانند خانچند، ڊاڪٽر وي ليوس ( انگلو انڊين رويو)، مولوي عبداللہ (الجامع)، حاجي محمد يعقوب ( تنظيم)،  شيخ عبدالمجيد، دولت رام (روزانہ بيوپار)، لعلچند آڏواڻي، نهچلداس (هندو، حيدرآباد)، ريجهومل لاهوري (نئو روز، لاڙڪاڻو)، قاضي عبدالرحمان (الوحيد)، جهانگير ايف پنٿاڪي (لوڪ شيوڪ). هيرا لعل ٺاڪر، جوراج پوپٽ لال، ٽي ڪي ڪوٺاري، اين آر آڏواڻي، ڪرشولال، محمد سهراب( آفتاب، لاڙڪاڻو) ۽ قاضي خدابخش ( مسلم ايڊووڪيٽ).
     هن ڪانفرننس جي صدارت ٽي ڪي جيسواڻئ ڪئي هئي. ان وقت ڪيترا ٺهراء پڻ پاس ڪيا ويا، جن جا متن گل حيات ۾ موجود آھن. پر انهن جا هتي موضوع ڏيڻ مناسب ٿو ڄاڻان. اهي آھن: 1. فرقيواريت گهٽائڻ 2. متضاد ڌرين ۾ اعتماد ۽ امن پيدا ڪرائڻ وغيرہ . هن سوسائٽي جي ميمبر ٿيڻ لاء اقرارنامو  ڀري ڏيڻ لازمي هو. انهئ اقرارنامي جو متن بہ گل حيات ۾ موجود آھي. هن کان پوء “ سنڌ جرنلسٽ سوسائٽئ“ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي چونڊي وئي، جيڪا هئي: جي ايم ڪيلي ( چئرمن)، قاضي عبدالرحمان (جوانٽ سيڪريٽري)، ٽي ڪي جيسواڻي ( جوائنٽ سيڪريٽري)، باقي ميمبر هر هڪ ڪي پنها، ايل اي آڏواڻي. شيخ عبدالمجيد، قاضي خدا بخش ۽ پي ايڇ دستور ۽ جي سي دياس. قاضي عبدالرحمان سوسائٽئ جو خزانچي ٿيو. سوسائٽئ جي آفيس “ نيو ٽائمس“ اخبار جي دفتر ۾ کولي وئي ۽ ميمبرن تي ساليانو چندو پنج روپيا رکيو ويو.پهرين ڏينهن تي 30 صحافي “ سنڌ جرنلسٽ سوسائٽئ“ جا ميمبر ٿيا. هن سوسائٽي جي ٺاهڻ جي هندستان جي ڪيترين اخبارن واکاڻ ڪئي ۽ انهن اخبارن جا اهڙا ايڊيٽوريل بہ گل حيات ۾ موجود آھن

Good Wishes