20191007 142929
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” طب ۽ حڪمت تي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب
 
   مهين جي دڙي کان بہ اڳ واري دور کان وٺي ويندي موجوده دور تائين سنڌي قوم ڏات ۽ ڏاهپ، علم ۽ حڪمت ۾ انيڪ تجربا ڪيا. ڏک جي ڳاله اها آھي تہ اسان تاريخ جون اهي شاهديون گڏ ڪري نہ سگهيا آھيون، جن مان دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريون تہ سنڌي صدين کان علم ۾ اڳواڻ ۽ آدرش رهيا آھن. 
سنڌين حڪمت ۽ طب ۾ بہ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ هن ڌرتيءَ وڏا طبي ودوان پيدا ڪيا. پر پوءِ جڏھن طب ۽ حڪمت عوام جي خدمت ڪرڻ بدران حڪمرانن کي راضي رکڻ ۽ سندن قربت حاصل جو ذريعو بڻي تہ انهيءَ  علم کي گوڏن ھيٺان لڪائڻ جو رواج پيو. پوءِ وڏا وڏا حڪيم مرندا مري ويا، پر اهو علم نئين نسل تائين منتقل ڪري نہ سگهيا. تان جو حڪمت ۽ طب جو علم اسان کان رسي ويو. مشهور ۽ ناميارا حڪيم مري ويا تہ اهو علم بہ مرڻ لڳو.
  اڳي تعليم ۽ خاص طور تي ديني تعليم کي روزگار جي واحد ذريعو نہ سمجهيو ۽ بڻايو ويو . ان ڪري حڪمت ۽ طب کي مٿئين درجن واري تعليم ۾ اختياري مضمون طور پڙهايو ويندو هو. ان ڪري ڪيترا ديني عالم سٺا ۽ وڏا حڪيم بہ هوندا هئا. انهن کي ڪٿا ڪو طبي يا حڪمتي نسخو ملندو هئو تہ اهي پنهنجي ديني ڪتابن تي لکي ڇڏيندا هئا. 
   سنڌ ۾ حڪمت ۽ طب ڪندڙن خاندانن وٽ انهيءَ موضوع تي کوڙ سارا ڪتاب هوندا هئا. جيڪي اڪثر ڪري پارسيءَ ۾ ھوندا هئا. ڪن خاندانن انهن ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪرايو، جيڪو اڃان ڪن خاندانن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آھن.جڏھن پريسون قائم ٿيون تہ پوءِ انهن مان ڪجه ڪتاب شايع بہ ٿيا، جيئن “ فرھنگ جعفري“ وغيره. 
     انگريزن جي دور ۾ جڏھن ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيا تہ طب ۽ حڪمت جي تعليم گهٽجي وئي. پر پوء بہ انهيءَ جو رواج ۽ دوا درمل جو سلسلو ختم نہ ٿيو.  اهو ئي سبب آھي جو حڪيمن دوا درمل جو سلسلو بہ جاري رکيو ۽ حڪمت خواه طب تي ڪتاب بہ لکيا. مشهور حڪيم پنهنجا طبي رسالا بہ ڪڍندا هئا. اهي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تہ ڇا پر جيڪب آباد مان بہ شايع ٿيندا هئا. سنڌ جي سابق وڏي وزير قاضي فضل الله جو وڏو جيڪو تحريڪ آزاديءَ جو هڪ مشھور سپاهي هئو جنهن جو نالو قاضي حڪيم شمس الدين احمد هو، سو حيدر آباد ۾ حڪمت بہ ڪندو هئو ۽ طبي رسالو بہ ڪڍندو هو.
    انگريزن جي زماني ۾ طب ۽ حڪمت تي کوڙ سارا ڪتاب ڇپيا. انهن مان ڪيترا گل حيات ۾ بہ موجود آهن. اهڙن ڪتابن جو وچور وڏو آھي. پر انهن مان چند ڪتابن جا نالا ڏيڻ بي وقتائتو نہ ٿيندو. انهن مان ڪي آھن:  ڊاڪٽر هرنامداس جو ڪتاب “ موسمي تپ“ . هي ڪتاب 1927 ۾ ڇپيو. سندس ڪتاب “ اونهارو ۽ صحت“ . سندس ٽيون ڪتاب “ ڪن.“. سندس چوٿون ڪتاب “ سلھ“. اهو ڪتاب1920 ۾ ڇپيو هو. ڊاڪٽر هرنامداس هڪ ڊزن ڪتاب لکيا. 1940 ۾ سردار تاراسنگه “ سورجي چڪتسا“ نالي ڪتاب لکي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ سج جي ڪرڻن سان ڪيئن علاج ڪجي. 
         طب ۽ حڪمت تي کوڙ سارا سنڌيءَ ۾ موجود آھن. انهيءَ خزاني کي ڪا ميڊيڪل يونيورسٽي هڪ پراجيڪٽ ٺاهي گڏ ڪري. هن خزاني مان اهم ڪم هي ڪري سگهجي ٿو تہ  سنڌيءَ ۾ طب ۽ حڪمت جا اصطلاح، طبي لفظ ۽ بيمارين جا نالا ڪڍي هڪ لغت ٺاهي سگهجي ٿي

Good Wishes