FB IMG 1570707958732

 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” منهنجي جنم- ڀوميءَ خير محمد آريجا جو اڻ- ٻڌايل احوال
 
منهنجو جنم ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ ٿيو. ھاڻي اسان جي ڳوٺ جي ٻاھران محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آھي. اتي ڄڻ ھڪ نئون شھر ٻڌجي رھيو آھي. انھي يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ شاگرد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان واسطو رکن ٿا ۽ اھي جڏھن منهنجي ڳوٺ کان گذرندا ھوندا تہ انهي بابت ڪيترائي سوال ذھن ۾ اڀرندا ھوندن.
انهن اڻ ٻڌل سوالن ذھن ۾ اھا سوچ پيدا ڪئي تہ مان ڳوٺ خير محمد آريجا جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسان. مون ھن ڳوٺ لاءِ جو ڏٺو ۽ ٻڌو, اھو ھي آھي تہ ھي ڳوٺ تمام آڳاٽو آھي جنهن ۾ علامه محمد آريجويءَ ھڪ ديني مدرسو قائم ڪيو جيڪو سڄي سنڌ ۾ مشھور ھيو. ڳوٺ ٻڌندڙ جو نالو خير محمد ھيو, جيڪو ذات جو آريجو ھيو. ھن شھر ۾ مخدوم شھاب الدين جي مزار آھي,جنهن کي پير ۽ بزرگ ڪري مڃيندا آھيون. وڏي عرصي کان پوءِ مولانا تاج محمد کوکر مدرسو قائم ڪيو ، جنهن ۾ ڪيترن ماڻھن ديني تعليم حاصل ڪئي. هن مدرسي وڏي شھرت ماڻي. مولانا تاج محمد بزرگ ڪانيءَ ڪرامت جو مالڪ ھيو ۽ سندس وفات کان پوءِ کيس مخدوم شھاب الدين جي ڀر ۾ دفنايو ويو. انهي کان پوءِ آريجن جي محلي يا ڀر واري وسنديءَ واھڻ ۾ علامه ھدايت الله آريجو مشھور ٿيو، جنهن پڻ مدرسو قائم ڪيو, جيڪو سندس وفات کان پوءِ ھن جو فرزند حافظ نالي مٺو ھلائي رھيو آھي. صدين کان وٺي ھن ڳوٺ ۾ ديني تعليم جي لاٽ ٻرندي رھي آھي. 1990۾  بابا سائينءَ ھن ڳوٺ ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو, ۽ ھن اداري پڻ دنيا جھان ۾ نالو ڪمايو آھي. ھن ڳوٺ وڏا وڏا  عملدار پيدا ڪيا جن منجهان خان صاحب محمد صديق آريجو ۽ خانصاحب سيد امداد علي شاھ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيا, شبير احمد شيخ ۽ سيد فدا حسين شاھ پوليس کاتي ۾ وڏا عھدا ماڻيا. اھڙي ريت جڏھن ” بنيادي جمھوريت“ جو نظام لاڳو ٿيو تہ سيد غلام النبي شاھ وڏو نالو ڪمايو.
   مون بابا سائينءَ سان ڳالھ چوري تہ پنهنجي ڳوٺ جي تاريخ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گھران ٿو تہ بابا سائينءَ ڪتابن جي ڀري آڏو رکندي چيو تہ اھا پڙھي ڳوٺ جي اوائلي تاريخ لکي وٺ. مان منجهي پيس تہ مون کي تہ ماضيءَ جي بزرگن مان علامه محمد آريجويءَ ۽ مخدوم شھاب الدين جي نالن جي  خبر آھي ۽ ھاڻي مان ڇا ڪيان? پوءِ مون بابا سائين جا ورتل نوٽس ۽ ڪتابن جا ورق ورائڻ شروع ڪيم ۽ انهي آڌار تي پنهنجي ڳوٺ خير محمد آريجا   جي ابتدائي تاريخ ٻڌائي رھيو آھيان.
موجوده ڳوٺ پھريون ڳوٺ جي اتر ۾ ھڪ ميل جي مفاصلي تي قائم ھوندو ھيو ۽ اڄ جتي ڳوٺ آھي ۽ بخاري سيدن جون جتي حويليون آھن ، اتان درياءَ جو ھڪ واھڙ وھندو ھيو جيڪو واھڻ کان ٿيندو وڃي ناري ۾ پوندو ھيو ۽ انهي ناري جا نشان اڄ بہ ڳوٺ وڪڙي ۽ ڏوڪري جي ٻاھران موجود آھن. انهي واھڙ منجهان ڪنب بہ جڙيو ۽ ڳوٺ جي اتر ۾  وڏي کڏ بہ ٺھي، جيڪا ھاڻي لٽجي رھي آھي. ڳوٺ  پوءِ انهي واھڙ جي ٻي ڪنڌيءَ تي ڏکڻ اوڀر پاسي آباد ٿيڻ لڳو ۽ واھڙ سڪي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ  اتر طرف وڌڻ شروع ڪيو. ڳوٺ جي اولھ ۾ واھڻ آھي ۽ ڏکڻ ۾ قلندرآباد  جي بستي آھي. ھاڻي ھي ڳوٺ ايترو تہ وڌي ويو آھي جو ھتي ٽائون ڪميٽي قائم ٿي آھي.
ڳوٺ ڪڏھن قائم ٿيو  ان بابت پڻ ھاڻي پڪين شاھدين سان ڳالھ ڪري سگهجي ٿي. علامه محمد آريجويءَ آگرن جي  نامياري عالم مخدوم محمد دائود وٽ دستاربندي ڪئي ھئي جيڪو ۱۷۵٦ ۾ گذاري ويو. علامه محمد آريجويءَ لڳ ڀڳ ۲۰ سالن جي عمر ۾ يعني ۱۷۳٦ ڌاري تعليم ورتي ھوندي. ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ ڳوٺ خير محمد آريجا پنجاھ  سال اڳ  لڳ ڀڳ ۱۷۰۰ ع ڌاري قائم ٿيو ھوندو. اسان کي خبر آھي تہ ڪلھوڙن جي حڪمراني جو  دور ۱۷۰۱ کان شروع ٿيو ۽ ان جو مطلب ھيءُ ٿيو تہ ڪلھوڙن جي دور جي ابتدا ۽ آريجن جي ڳوٺ جو ٻڌجڻ لڳ  ڀڳ ھڪ ئي وقت تي ٿيو.
پاڳارا گاديءَ جو باني پير محمد راشد روضي ڌڻي جڏھن ۲۱ سالن جو ھو تہ ھن ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ اچي ۱۷۷۷ع ڌاري علامه محمد آريجوي جي مدرسي مان تعليم ورتي.  علامه محمد آريجويءَ۱۷۸۳ ع ۾ وفات ڪئي. ۱۷۷۸ ۾ مخدوم عبدالرحيم گروھڙيءَ مھاديو جي مڙھي ناس ڪندي شھادت ماڻي. مخدوم شھاب الدين انهي جنگ جو غازي ھيو ۽ مخدوم عبدالرحيم سان گڏ ھيو. انهي  جنگ جي خاتمي ۽ مخدوم عبدالرحيم جي شھادت کان پوءِ ھو ۱۷۷۸ ڌاري آريجن ۾ اچي آباد ٿيو ۽ ھن کي علامه محمد آريجوي جي زندگي جا آخري ڇھ سال ڏسڻ  ۽ گڏجي گذارڻ جو موقعو مليو. انهن ٻنهي  بزرگن گڏجي ڳوٺ خير محمد آريجا کي ” اسلامي ڳوٺ“ بڻائي ڏيکاريو جتي دين جي خلاف ڪا بہ ڳالھ ڪانہ ٿيندي ھئي ۽ ڪنهن بہ لنگهي يا دھلائي کي ڳوٺ ۾,اچڻ جي اجازت  نہ ھوندي ھئي. تان جو اھي ڏينهن بہ آيا جو لنگهن کي چوڻو پيو تہ : 
” لاھي لنگها ويھ آريجن مان آسرو,
پني پرائو ڏيھ اچي کاءُ آريجن ۾.

Good Wishes