textgram 1571910444
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
 
اسان گل حيات انسٽيٽيوٽ کي پنهنجي شوق يا خواھشن جي مطابق مواد گڏ ڪونہ ڪندا آھيون. پر, ھميشه اھو اونو ھوندو آھي تہ اھو ڪجه گڏ ڪيون، جنهن مان اسان سنڌ واسين جي ذھني ۽ فڪري تربيت ٿئي. اسان گھڻين ڳالھين ۾ مفروضن کي بنياد بڻائي پنهنجا نظرياتي ڪعبا قبلا ٺاھيندا آھيون. پر تاريخي پس منظر ۽ حقيقتن جي سج جي روشنيءَ ڪڏھن بہ اسان جي نظرياتي اڱڻ تي پوندڙ ڀيانڪ پاڇا ڪونہ ھٽايا آھن. ڇوتہ اسان تاريخ دوستيءَ کان بي نياز آھيون ۽ پاڻ  ڪو اھڙو مواد منظم نموني گڏ ڪري نہ پڙھندا آھيون . جنهن ڪري حقيقتن تي روشني پوي ۽ اسان کي پنهنجن سوچن خواه لوچن کي درست رخ ڏيڻ ۾ مدد ملي. 
     پنجاب جو مطالعو اسان جي لاءِ ھن ڪري ضروري آھي تہ ھن صوبي سان صدين کان وٺي اسان جا تاريخي, سياسي ۽ تجارتي لاڳاپا رھيا آھن. پنجاب ۽ سنڌ جي انهن لاڳاپن ۾ ڪيترائي لاھا ۽ چاڙھا ايندا رھيا آھن .  انهن  بابت اسان وٽ تاريخي رڪارڊ ھجڻ گھرجي. گل حيات انهي سلسلي ۾ مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جي نماڻي ڪوشش ڪئي آھي.
     ڪيترن دوستن کي خبر ھوندي تہ امرتسر ۾ قائم ٿيل سکن جي ” گولڊن ٽيمپل“ جو افتتاح ميان مير ڪيو ھيو جيڪو بزرگ سنڌي ھيو. چون ٿا تہ قاضي قادن سنڌ جي ڏکوئيندڙ حالتن مان مايوس ٿي پنجاب لڏي ويو ھيو. رنجيت سنگ جڏھن پنجاب جو حڪمران ھيو تہ ھن ٽالپر حڪمرانن کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ تي ڪاھي اچڻ جون ڪوششون ڪيون. ملتان اڳي سنڌ جو حصو ھيو اھو اڄ ڏينهن تائين پيري مريديءَ جي سلسلي ۾ سنڌ سان لاڳاپيل آھي. پنجاب ۾ رھندڙ وڏين صوفي شخصيتن جا خليفا اڄ بہ سنڌ ۾ موجود آھن. سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن ۾ ڪشيدگي رنجيت سنگ جي ڏھاڙن ۾ آئي. انگريزن جي ڏھاڙن ۾ درياهن جي پاڻي جي ورڇ جي مسئلي تي سنڌ ۽ پنجاپ ۾  اختلاف وڌيا ۽ اھو سلسلو ذري گھٽ ھڪ صدي گذرڻ کان پوءِ بہ ” ڪالا باغ ڊيم“ جي نالي ۾ موجود آھي .
     بئراجون جڙيون تہ پنجاب جي ڪيترن ماڻھن زمينن حاصل ڪرڻ لاءِ اچي سنڌ وسائي. انهن جي آمد ۽ آباد ڪاريءَ سنڌ ۾ ڪيترائي سياسي ۽ سماجي مسئلا بہ پيدا ڪيا . مائي بختاور جي شھادت جو واقعو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.  ھوءَ ۽ سندس خاندان انهن نو آباد ڪارن جا ھاري ھئا. پنجاب جي ماڻھن مان ڪيترا سنڌي سماج ۾ رلي ملي ويا ۽ ڪيترن پنهنجي تشخص کي  برقرار رکندي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪئي. انهن منجهان ويھارو کن تنظيمن جي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي. انهن مان ڪي آھن: پنجابي گريجوئيٽس ايسوسيئيشنس, پنجابي پختون اتحاد, ٿرپارڪر پنجابي اتحاد, پنجابي سپريم ڪائونسل, سنڌ پنجابي آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن , سنڌ پنجابي ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن ۽  پنجابي اتحاد وغيره. 
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان ملڪي ۽ صوبائي سطح جي سياسي پارٽين بابت بہ مواد گڏ ڪندا آھيون. پنجاب انهن پارٽين ۾ ڀرپور حصو پئي ورتو آھي ۽ ڪجه پارٽين جي قيادت پڻ  پنجاب ئي ڪئي. اسان انهن سمورين پارٽين ۽ اڳواڻن بابت مواد گڏ ڪيو آھي. پارٽين منجهان  خاڪسار، مسلم ليگ , پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي اھڙيون پارٽيون آھن جن جي پنجاپ صوبي جي ٿيل ڪارڪردگي جو چڱو خاصو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي. پنجاب جون کوڙ سياسي شخصيتون آھن جن بابت پڻ اسان وٽ وڏو مواد موجود آھي. انهن منجهان ڪي شخصيتون آھن:  نواب زادو نصرالله , علامه مشرقي ,نواز شريف, غلام مصطفا کر,  فاروق لغاري, يوسف رضا گيلاني, جھانگير بدر, ڪوثر نيازي, شاھ  محمود قريشي, فخر الزمان ,  وسيم سجاد, غلام حيدر وائين , فخر امام, شيخ رشيد ۽ سلمان تاثير وغيره. 
    اسان جڏھن گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاھيو ۽ ان جي  سڄي ملڪ ۾ پزيرائي ٿي تہ پنجاب منجهان ڪيترا رسالا اسان کي ملي سگهيا. اسان جي لائبريري ۾ لھران, پکيرو پنجم رسالن جو چڱو خاصو تعداد موجود  آھي

Good Wishes