textgram 1573557887

 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” سنڌي سرڪاري ڪامورن تي ڪم ڪندڙ مختيار ملاح کي صلاحون
 
          مختيار ملاح نهايت وڻندڙ ۽ توجھ ڇڪرائيندڙن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري، پنهنجي مداحن ۾ روز بروز اضافو ڪندو رهي ٿو. کيس انهيءَ ڳالھ تي ضرور جس ڏبي تہ هو بابا سائين  ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڄاڻ ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ميڙيل امله علمي ۽ تاريخي اهميت واري خزاني جو پري هوندي بہ ڀليءَ ڀت اندازو لڳائي چڪو آھي. ان ڪري جنهن بہ نئين موضوع تي ڪم ڪندو آھي تہ مواد وٺڻ ۽ معلوماتي ذريعن پڇڻ لاءِ رابطو ڪندو آھي. سنڌ جي نوجوان محققن مان هي هڪ آھي جنهن گل حيات جي اهميت ۽ ميڙي چونڊيءَ کي عملي طور تسليم ڪيو آھي. باقي تہ ڪيترا خبر هوندي بہ خاموش هوندا آھن ۽ گل حيات اچڻ تہ ڇا پر گل حيات جي نالي وٺڻ کي بہ ڪبيرا گناه ڄاڻندا آھن. 
     تحقيق هڪ فرد ڪندو آھي ، پر اها ڀلي اڻ پوري ۽ اڌوري هجي، ليڪن ان جي اهميت قومي هوندي آهي. ان ڪري تحقيق ڪرڻ وقت ڪنهن فرد سان صلاح ڪرڻ ۽ ڪنهن اداري مان لاڀ وٺڻ ڏوه ڪونهي. پر ان مان تحقيق کي ڪنهن حد تائين جامع ۽ مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
     محترم مختيار ملاح “ سنڌي عملدارن “ تي لکڻ جو فيصلو ڪيو تہ بابا سائين کي لکندو رهيو ۽ آڳاٽن سنڌي عملدارن جا نالا دريافت ڪيائين. بابا  سائين سندس فرمائشن ۽ تحقيقي خواهشن جي تڪميل لاءِ مون کي چوندو رهيو. ملاح صاحب ويجهڙائپ ۾ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري ڪرپلاڻيءَ جي تصوير ۽ سندس ٿورو احوال فيس بوڪ تي شيئر ڪيو. پڪ ٿي تہ هو انهيءَ موضوع تي ضرور لکندو. ان ڪري هاڻي گل حيات لاءِ فرض بنجي پيو تہ کيس گل حيات ۾ انهيءَ موضوع تي گڏ ڪيل مواد ۽ ميڙيءَ چونڊيءَ کان باخبر رکجي تہ جيئن سندس تحقيقي ڪم اڌوري ۽ اڻ پوري هئڻ واري عيب کان بچي پئي.
        مون هن پوسٽ جي ٽائيٽل ۾ 16 جنوري 1999 تي هلال پاڪستان اخبار جي انهيءَ ڪالم جو عڪس ڏنو آھي، جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ وارن سنڌي ڊپٽي ڪليڪٽرن جو احوال ڏنو ويو آھي. هن جو مطلب اهو ٿيو تہ ملاح صاحب جنهن موضوع تي هاڻي لکڻ گهري ٿو، ان کان ايڪيه سال اڳ بابا سائين لکيو آھي ۽ ايڪيهن سالن کان انهيءَ موضوع تي گل حيات انسٽيٽيوٽ منظم نموني سان مواد گڏ ڪيو آھي. انهيءَ مواد جا سوين صفحا گل حيات ۾ موجود آهن. ان مان ڪيترو مواد انگريزيءَ ۾ اسان جي ويب سائيٽ تي بہ رکيو ويو آھي. 
      مختيار ملاح يا ڪو ٻيو محقق سنڌ جي قديم سنڌي عملدارن تي ڪم ڪرڻ چاهي تہ گل حيات ۾ ڪلهوڙن جي دور کان وٺي ون يونٽ جي دور وارن سنڌي عملدارن مان اسي سيڪڙي جو مواد موجود آھي. پر جيڪڏهن ڪن خاص ڪتابن ۽ معلوماتي ذريعن جو هت ذڪر ڪجي تہ وڌيڪ مناسب ٿيندو. 
        ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ جو ڪتاب “ سنڌ جي هندن جي تاريخ “ ۾ ڪيترن هندو سنڌي عملدارن جو ذڪر موجود آھي. انگريزن جي دور خاص طور تي 1936 کان اڳ وارن سنڌي عملدارن جو احوال “ بامبي سول لسٽ “ ڪتابن ۾ موجود آھي. 1936 کان پوءِ “سنڌ سول لسٽ“ نالي سرڪار طرفان هر سال هڪ ڪتاب شايع ٿيو. انهن ۾ بہ سنڌي ۽ سنڌ ۾ غير سنڌي عملدارن جو ذڪر موجود آھي.
      جڏھن سيد غلام مصطفا شاه سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئو تہ هن شاگردن هٿان سنڌ جي سمورن ضلعي عملدارن جي لسٽ ٺھرائي هئي جيڪا ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع ٿي. ان کان سواءِ انگريزن جي دور ۾ ڪراچي ۽ شڪارپور مان اتان “ سالناما  “ شايع ٿيا. ڊي. جي ڪاليج ۽ سنڌ مدرسي جوبليون ملهائيون ۽ ان موقعي تي جيڪي نمبر ڪڍيائون انهن ۾ انهن عملدارن جو احوال موجود آهي، جن انهن ادارن ۾ تعليم ورتي. 
     اهو ۽ اهڙو گهڻو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. هاڻي اهو محققن جو ڪم آھي تہ گل حيات ۾ اچي فائيلن جا ورق ورائي پنهنجي مطلب ۽ ضرورت جو مواد ڪڍن. اسان ايئن ۽ اهڙي خدمت تہ ڪري سگهون ٿا، ليڪن ڪنهن موضوع تي ڪنهن ٻئي اداري يا فرد لاءِ تحقيقي مقالا نہ ٿا لکي سگهون.
     آخر ۾ اها گذارش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان تہ جيڪي محقق ۽ شاگرد سنڌ جي ڪنهن بہ موضوع تي ڪم ڪندي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ کي نظرانداز ڪن ٿا، اهي گل حيات کان وڌيڪ پاڻ سان ۽ تحقيقي ڪم سان زيادتي ٿا ڪن. ڀلي ڪو بابا سان نفرت ڪري. پر علم سان نفرت نہ ڪئي وڃي. گل حيات تمام اهم ۽ گهڻو مواد گڏ ڪيو آھي. ان مان لاڀ پرائڻ گهرجي. ڇا اها وڏي ڳاله ناهي تہ سرڪاري ادارن ۾ محققن کي ڪو هٿ ڏيڻ لاءِ بہ تيار نہ هوندو آھي. انهيءَ ماحول ۾ اسان وڏي واڪ ٿا چئون تہ اچو گل حيات حال پريان نال اوهان جي علمي اڃ لاهڻ لاءِ آتو آھي

Good Wishes