textgram 1565926716
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


   ”گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا.

 
”گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا.“
” جيئري لاءِ ٻڪري ڪيئن ڪھجي“؟ اھو مثال تہ اسان پڙھيو ۽ ٻڌو آھي پر جيڪڏهن  ڪو ڏسڻ چاھي تہ ان کي گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري اچڻان پوندا. سنڌ جي تاريخ ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ بابا سائين پنهنجي وقت, صحت ۽ محنت جي ڪيتري قرباني ڏني آھي اھا ڏسڻ وٽان آھي. اسان ”شخصيت پرستيءَ“ ۽ ” مرده پرستيءَ“ جي دور مان گذري رھيا آھيون ۽ ان ۾ محنتن, محبتن ۽ خلوص جو قدر گهٽ ٿيندو آھي. وڏي ڳالھ اھا آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ” مڃتا سان مطلب“ واري منتق کي ڪڏھن قبول ئي ڪون ڪيو آھي.
گل حيات ۾ اسان جيڪي ناياب ۽ اھم رسالا گڏ ڪيا آھن انهن منجهان  رسالو ” آج ڪل“  بہ  هڪ آھي. ھي رسالو ۱۹۴۲ ۾ دھليءَ مان نڪرندو ھيو. گل حيات ۾ انهي جا ۱۹۴۷ جا پرچا موجود آھن ھي رسالو اردو زبان ۾ نڪرندو ھيو ۽ ھر پندرھين ڏينهن تي ان جو پرچو جاري ڪيو ويندو ھيو. پرچي جي سائيز ” سنڌي رسالي“ نئين زندگي“ ۽ ” پيغام“ جيتري ھوندي ھئي ۽ انهي ۾ تاريخي اھميت واريون ڪيتريون تصويرون پڻ ڏنيون وينديون ھيون. ۱۹۴۷ ۾  سيد وقار عظيم رسالي جو ايڊيٽر ھوندو ھيو ۽ ھن رسالي  جو ساليانو چندو ۹ روپيا ۽ في ڪاپي ٦ آنا ھوندي ھئي. رسالو ”آج ڪل“ پنهنجي دور جو ھڪ اھم ۽ معياري رسالو ھوندو ھيو. انهي جي مقبوليت جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ بابا سائين ھن رسالي جا پرچا ڪي دھلي مان ڪونہ گھرايا ھيا پر سنڌ مان ئي ھٿ ڪيائين. مطلب هي رسالو تنهن دور ۾ سنڌ ۾ بہ مقبول هئو.
سنڌ ڪڏھن بہ لساني تعصب ۾ يقين ڪونہ رکيو آھي. سنڌين جي صدين کان وٺي ” لساني رواداري“ جڳ مشھور رھي آھي. سنڌين ڪڏھن بہ ڪنهن ٻوليءَ سان نفرت ڪان ڪئي. سچل سرمست ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪئي جن مان اردو بہ ھڪ ھئي. جڳ مشھور محقق۽ عالم پير حسام الدين شاھ راشديءَ تہ ايئن بہ لکيو تہ ” اردو ٻوليءَ سنڌ ۾ جنم ورتو“ . سنڌ اردو زبان ۾ مھارت تڏھن ورتي جڏھن ۱۸۴۷ ۾ سنڌ کي ممبئي سان ملايو ويو ۽ ۱۹۳٦ تائين سنڌي ماڻھون ممبئي, ڪلڪتي,دھلي ۽ ٻين ھنڌن تي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تجارت ڪرڻ ويا. 
مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ حسن علي آفندي جڏھن سنڌ مدرسي جي قائم ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون تہ ھن جي مخالفن ڪراچيءَ جي ديوارن تي جيڪو ھن جي خلاف لکيو, ان ۾ ھڪ نعرو اردو زبان ۾ بہ ھيو, جيڪو ھيو : ”  حسن علي وڪيل, تجهي الله ڪري ذليل“. ھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اردو ٻولي سنڌ ۾ پنهنجا پير ۱۸۸۲ ڌاري يا ان کان بہ اڳ پختا ڪري چڪي ھئي.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ کان وٺي پير حسام الدين شاھ راشديءَ تائين سنڌ جي مکيه ليکڪن ۽ عالمن اردو ٻولي کي اکين تي رکيو. تمام آڳاٽي زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ” اردو ڪانفرنسون“ ٿيون جن مان ھڪ ڪانفرنس جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي.ان کان پوءِ ستت ” انجمن ترقي اردو“ نالي جماعت قائم ٿي جنهن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو مکيه ڪردار رھيو. ۱۹۴۷ تائين سنڌي شاعرن اردو زبان ۾ گھڻي شاعري ڪئي, ۽ اھا گل حيات ۾ موجود آھي. انهي کي ترتيب ڏئي ڇپرائجي تہ ھڪ اڌ ٿلھو ڪتاب جڙي سگهي ٿو.
ھي اھو دور آھي جڏھن سنڌ جي شاعرن اديبن ۽ لکيل پڙھيل ماڻھن لاھور, دھلي ۽ ٻين ھنڌن تان نڪرندڙ اردو رسالا خريد ڪرڻ شروع ڪيا ” پندرھن روزا  آج ڪل“ با تصوير رسالو بہ انهن منجهان ھڪ ھيو ھن رسالي ۾ شاعريءَ ۽ افسانن کان سواءِ سوانح توڙي تنقيد تي ڏاڍو معياري مواد شايع ٿيندو ھيو. رسالي جي ايڊيٽوريلس ۾ سنڌ کي بہ مناسب جڳھ ڏني ويندي ھئي. مثال طور پندرھين جنوري ۱۹۴۷ واري ايڊيٽوريل  ۾ لکيو ويو آھي تہ
 ” سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي جي ترقي ۽ بھتري لاءِ ٽي بجلي گھر ٺھرائي رھي آھي. پھريون بجلي گھر سنڌو ندي جي ڪناري تي روھڙي ۽ سکر جي ويجهو ٺاھيو ويندو جيڪو ۱۰ ھزار ڪلو واٽ بجلي ٺاھيندو. پاڻيءَ جي زور مان ٺھندڙ بجلي سکر ۽ روھڙيءَ کان علاوه شڪارپور, جيڪب آباد, لاڙڪاڻي, خير پور, شھداد ڪوٽ ۽ ڏوڪري کي مھيا ڪئي ويندي. ٻيو بجلي گھر حيدرآباد کان علاوه نواب شاھ, ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الله يار کي بجلي مھيا ڪندو“ .
ھاڻي انهي خبر پوڻ کان پوءِ اسان کي پتو پوي ٿي تہ نديءَ ڪناري سکر وارو بجلي گھر ايوبي حڪومت جو ڪارنامو نہ ھيو پر انهي جي پلاننگ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ سنڌ حڪومت ٺاھي ھئي. 
ھن ” آج ڪل“ رسالي ۾ تمام وڏين ۽ قد آور شخصيتن جا سوانحي خاڪا ڏنا ويا آھن جيڪي وڏي اھميت رکن ٿا. انهن منجهان علامه سر عبدالقادر, حافظ محمود خان شيراني, پنڊت نارائڻ ملا, ظريف لکنوي, مرزا محمد عسڪري, رضي بدايوني, سر اڪبر حيدري, نواب سر امين جنگ ۽ سرفرازالملڪ بھادر جا نالا ذڪر لائق آھن.  ھن رسالي ۾ شاعري ۽ افساني جي موضوع تي جيڪو تخليقي ادب شايع ٿيو اھو معياري بہ آھي تہ مثالي بہ آھي. رسالي ۾ تنهن دور جي اداڪارائن ۽ تاريخي اھميت وارن تصويرن کي بہ مناسب جڳھ ڏني ويندي ھئي. جيڪي مختلف  ملڪن جون  ھونديون ھيون .
گل حيات ۾ ھن آج ڪل رسالي کان سواءِ ٻيا بہ کوڙ سارا رسالا موجود آھن جن تي بہ آئون وقت ب وقت لکندو رھندس

Good Wishes