20190522 133421

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”انجمن فروغ ادب ھالا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

 
گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تي “ لٽريچر “ واري بٽڻ کي کولي ڏسندا تہ اتي اوھان کي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو تعارف لکيل نظر ايندو، جن ۾ “انجمن  فروغ ادب، ھالا“ بہ شامل ھوندو. مان اڄ انهي ئي ادبي تنظيم تي دوستن سان ويچار ونڊيندس. پر، انهي کان اڳ مان ساٿين کي ياد ڏياريان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ “فردن“،“تنظيمن“ ۽ “واقعن“ کي ڌيان ۾ رکي مواد ۽ معلومات گڏ ڪندو آھي ، پوءِ انهن جو واسطو سياست سان ھجي يا ثقافت سان ھجي، علم ادب سان ھجي يا سماجي خدمتن سان ھجي،مذھب سان ھجي يا معيشيت سان ھجي. گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجو فرض ڄاڻي ٿو تہ جيترو ممڪن ٿي سگهي اسان شخصيتن، تنظيمن ۽ واقعن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪيون. پوءَ ڇونہ پنهنجي دور جي گھڻن ماڻھن جي بيحسي ۽ لاتعلقي اسان جي جھولي ۾ پئي يا ڪو اسان جي مثالي خدمتن کي مڃي يا نہ مڃي، پر اسان پنهنجو فرض نڀائيندا رھنداسين. روين جا تاريخي انداز اسان کان ڪڏھن ڪونہ وسرندا. مثال طور “ سنڌي ادبي سنگت“ بابت اسان سوين صفحا ڪمپوز ڪرائي ان جي “ ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري“ ٺاھي ويب سائيٽ تي رکي آھي. روزانو سنڌي ادبي سنگت جي ڪرسئ واري مامري تي اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا بيان ۽ خبرون ڇپجن ٿيون. پر سنڌي ادبي سنگت جي ڪنهن بہ موجوده يا سابق ڪارڪن اسان جي ويب سائيٽ تي موجود انهي مواد پڙھڻ جي زحمت گوارا نہ ڪئي آھي. اھڙا رويا اسان جي سماج جا اڻ ٻڌايل ھزارين داستان کولي ٻڌائن ٿا. اسان کي نہ مڃتا سان مطلب آھي نہ مايوس ٿيڻ جي ضرورت آھي پنهنجو ڪم ڪيون ٿا ۽ ڪندا رھنداسين.
“انجمن فروغ ادب ھالا“ جو سمورو رڪارڊ، جيڪو وٽن موجود ھيو، اھو اصلي صورت ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ بابا سائين کي ڏنو ھيو جيڪو اسان وٽ محفوظ آھي. پر جيڪڏھن ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي دل چوي ۽ اھو اسان کان واپس وٺي تہ اسان کيس سندس امانت واپس ڪرڻ لاءِ تيار ۽ ٻڌل آھيون. اھڙي ريت جڏھن کان اسان گل حيات قائم ڪيو آھي ۽ ڪنهن جيڪڏھن ڪو ڪتاب، فائيل يا ڪو ڊاڪيو مينٽ گل حيات کي امانت طور ڏنو آھي تہ ان کي سموريون امانتون اسان ساڍي رکيو آھي. ٻين ملڪن ۾ جڏھن اھڙي قسم جو مواد ڪو ادارو سانڍيندو آھي تہ مالڪ کان بہ سانڍڻ جي مسواڙ اڳاڙيندو آھي ۽ جڏھن ڪو محقق انهي مواد مان استفادو ڪندو آھي تہ ان کان بہ مالي معاوضو ورتو ويندو آھي. پر اسان “ ھڏئون ڏئي امانتون سانڍيون آھن“ ۽ ان جي موٽ ۾ ٺاھوڪيون دشمنيون ۽ نفرتون پرايون آھن.
“انجمن فروغ ادب ھالا“ جو مرڪزي ڪرتا ڌرتا ۽ سيڪريٽري ناميارو سماجي سڌارڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ھيو. انجمن جي منٽ بوڪ پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھالا ۾ “ فرينڊس ويلفيئر سوسائٽي“ نالي ھڪ تنظيم ھوندي ھئي جنهن جي 25 مئي 1960 تي ھالا جي سروري ڪاليج ۾ محبوب علي چنا جي صدارت ھيٺ ھڪ گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ انهي سوسائٽي جو نالو بدلائي “انجمن فروغ ادب، ھالا“ رکيو ويو. جنهن جو مستقل نگران محبوب علي چنا کي بڻايو ويو. جڏھن تہ ان جو سيڪريٽري محمد سليمان شيخ کي بڻايو ويو. ھن گڏجاڻي ۾ باقي ٻين شرڪت ڪندڙن جا نالا آھن: پروفيسر احمد خان، عبدالرحمان قريشي، عبدالغفار ابڙو، محمد يوسف ابڙو، محمد الياس پيرزادو، عبدالحميد ميمڻ، محمد عمر ميمڻ، عبدالحڪيم شيخ ۽ شفيق الرحمان چنو.   ھن بزم جون مختلف وقتن تي ادبي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ۽ انهن جا باقاعدي منٽس رکيا ويندا ھئا .گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھن ادبي تنظيم جو ڊسمبر 1967 تائين رڪارڊ موجود آھي جنهن ۾ ھن تنظيم جي تاريخ کان لاڳاپيل سمورو مواد موجود آھي. مثال طور انجمن طرفان خط و ڪتابت جو اندراج، ادبي گڏجاڻين جو احوال،مختلف مشاعرن ۽ ادبي گڏجاڻين لاء ڇپيل ڪارڊ ۽ اخبارن ۾ تنظيم بابت ڇپيل خبرون، ھالا جي ادبي تنظيمن جو تعارف ڪن ليکڪن ۽ انجمن جي ميمبرن جا خط وغيره. 
1967 جي ورقن پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ “انجمن فروغ ادب، ھالا“جا عھديدار ھن ريت ھئا: پروفيسر محبوب علي چنا( نگران)، پروفيسر احمد خان ميمڻ( معاون)، پروفيسر شفيع انور  (معاون)، عبدالطيف ساقي ابڙو( معاون)، عبد الرحمان قريشي( معاون)، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ( جنرل سيڪريٽري)، عبد الغفار ابڙو( پبليڪيشن بورڊ جو ميمبر)، محمد يوسف ابڙو ( بورڊ جو ميمبر)، عبد الحميد شھيد( ميمبر)، احمد علي قريشي( ميمبر). محمد عمر ميمڻ( ميمبر)، ھدايت ميمڻ( ميمبر)، ڪيڊٽ ڪئپٽن الطاف شيخ( ميمبر)، عبد القادر ابڙو( ميمبر)، شفيق الرحمان چنو( ميمبر) ۽ عبد القيوم شيخ ( ميمبر) شامل ھئا. 
“انجمن فروغ ادب“ جي ادبي ڪارگزاري جو پنهنجو طريقو ۽ سليقو ھوندو ھيو. اڪثر ڪري ڪيترن ئي پروگرامن جو شيڊيول ٺاھي ميمبرن کي ڏنو ويندو ھيو ۽ مکيه پروگرامن جي لاءِ ( پروگرام ڪميٽيون ٺاھيون وينديون ھيون). انجمن جي گڏجاڻين جو تہ منٽ بوڪ رکيو ويندو ھيو، پر سب ڪاميٽين جي ڪاروائين جا بہ منٽس رکيا ويندا ھئا. ھن انجمن جي ادبي پروگرامن ۽ گڏجاڻين  جو جيڪڏھن  نموني طور وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: 
پھرين جولاءِ 1960 ( ادبي گڏجاڻي)، 20 جولاء 1960 ( عيد قرباني جي حوالي سان “ قرباني جي موضوع تي مقالا نويسي“)، 5 جولاء 1960 تي( 10 محرم جي حوالي سان يوم شھادت)، 18 جولاء 1960 تي ( افسانن جي نشست)، 4 سيپٽمبر 1960 تي ( مجلس ميلاد)، 29 جولاء 1961 تي ( جشن ڪاميابي)، 11 جنوري 1963 تي جشن عيد برات)، 12 جنوري 1967 تي ( منصور ويراڳي سان شام) وغيره. 
اسان جي ادارن ۾ بہ ڪم ٿئي ٿو ۽ انفرادي طور تي بہ ڪم ٿئي ٿو پر سنڌ جي “شخصيتن“،تنظيمن“ ۽ “واقعن“  تي منظم نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ اسان اھا ضرورت محسوس ڪندي پئي مواد گڏ ڪيو آھي ۽ معلومات گڏ ڪندا رھنداسين

Good Wishes