textgram 1564981700
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ڪهاڻي، اسان جي بي لوث خدمتن جي زباني)


  ”جاکوڙيندي جيجل سنڌ لاءِ ٿيا اڻٽيھ سال.

 
سال ڏيڍ کان وٺي روزانو لکندو پيو اچان ۽ سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا گيت ڳائيندو پيو اچان. منهنجي لکڻين جو مرڪزي خيال اهو رهيو آھي تہ “تاريخي تحقيق“ کي مانوس ڪرايو وڃي،  تاريخ ۽ نئين نسل جي پاڻ ۾ ياري ڪرائي وڃي ۽ سنڌ شناسيءَ جي شعور ۾ سنڌ جي محبت واري کير ۾ خدمت جي ماکي ملائي وڃي. ڇو تہ اڪثر ماڻهون سنڌ سان “محبت“ جو مظاهرو تہ ڪن ٿا،  پر سنڌ جي “خدمت“ کان کوڙ سارا ذھن ۽ ھٿ خالي آھن.
     سنڌ سان سچي محبت ان ۾ آھي تہ ان جي بي لوث خدمت ڪئي وڃي. گل حيات انسٽيٽيوٽ اهڙي ھڪ سچي خدمت جي ڪهاڻي آھي. ان ڪري اڄ دل گهريو تہ هن اداري بابت ڪجھ لکان. آگسٽ 1990 ۾ بابا گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو، مٿان آگسٽ 2019 اچي چڪو آھي. انهيءَ حساب سان گل حيات ٽيهن سالن ۾ پير پائڻ وارو آھي. ٻار ٽيهن سالن جو ٿيندو آھي تہ ڦوه جوان ٿي ويندو آھي. برابر هنن ٽيهن سالن ۾ گل حيات  جوان ٿي جڳ ۾ نالو ڪمائي چڪو آھي، پر اسان جو بابا سائين پنهنجي حياتيءَجا ٽيھ سال گل حيات جي پليٽ فارم تان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندي گهڻو پوڙھو ٿي چڪو آھي.
   بابا والدين جي غربت سبب مئٽرڪ کان پوءِ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان تعليم وٺي نہ سگهيو. هن گهر ويٺي پڙهيو ۽ پوزيشنس کڻي وڏيون ڊگريون ورتائين. ان زماني ۾  لائيٽ ڪانہ هوندي هئي ۽ لائبرريون ڪو نہ هونديون هيون. پڙھڻ دوران ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائين. پي ايڇ. ڊي ڪرڻ دوران ماڻھن جي بخل ۽ بي فياضيءَ جا رنگ ڏٺائين. تحقيقي ادارن ۾ اونده جا راڪاس گهمندي ڏٺائين. ان ڪري هن فيصلو ڪيو تہ پڙھندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ، بي فياضي ۽ بخل کي خوار ڪرڻ لاءِ گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاهڻ گهرجي. باباسائينءَ ادارن جي نفي ڪئي، گل حيات سندس اثبات آھي. مطلب هي آھي تہ باباسائين  چڱن ڀلن ادارن کي قبول نہ ڪيو ۽ گل حيات ٺاهي وڏي واڪ چيائين تہ ادارا هينئن ٺاهبا ۽ ھلائبا آھن. 
     غريب لوهر جي غريب ٻار بابا گل حيات ٺاهيو تہ ڪا سرڪاري يا درٻاري مدد ڪانہ ورتائين. ڪنهن کي خوش ڪرڻ يا ڪنهنجي چاپلوسي ڪرڻ لاءِ اداري جو نالو انهن جي نالي پٺيان نہ رکيائين. پر پنهنجي والد ( گل محمد) ۽ امڙ ( حيات خاتون) جي نالن مان اداري کي نالو ڏنائين.
    اڻٽيھ سال محنت ڪئي اٿس. نفرتون ۽ دشمنيون برداشت ڪيون اٿائين. پر مستقل مزاجي ۽ پڪي ارادي سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو آھي. کيس الله ڏنو آھي ۽ ماڻھن ڏکوئيو آھي. گل حيات سندس ڏک سک جي ڪهاڻي آھي ۽ سندس زندگيءَ جي مقصد سان سچائيءَ جو داستان آھي.
      گل حيات انسٽيٽيوٽ مسهائپ ۽ منافقيءَ جي ڪلچر ڪارڻ پنهنجي ڏيھ ۾ ايترو نالو نہ ڪمايو آھي، جيترو باقي جڳ جهان ۾ ڪمايو اٿس. هالينڊ ۾ قائم  ٿيل دنيا جي وڏي کان وڏي آرڪائيوز ( انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار سوشل هسٽري) جو نمائندو اتان ڪهي اچي آريجن ۾ گل حيات ڏسڻ اچي ٿو. اڄ بہ ڪيترا ٻاهرين ملڪن جا پي ايڇ.ڊي ڪندڙ گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ ۽ بابا جي فيض مان فائدو وٺن ٿا. هن اداري مان سنڌ جي ڪيترن شاگردن کي پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ فيض ۽ فائدو مليو آھي، جنهن جا تفصيل مان پنهنجي لکڻين ۾ ڏيندو رهيو آھيان.
     گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو تہ ڳوٺ جي ٻارن کي مفت ۾ ٽيوشن ڏيڻ جو آغاز ڪيو. جيڪڏھن بابا چاهي ها تہ هڪ سٺو اسڪول ٺاهي، ٺاهوڪا پئسا ڪمائي ها. پر اهو سندس نصب العين ڪو نہ هئو. هو غريب ٿي ادارن ۽ سٺن استادن کان تعليم وٺي نہ سگهيو. هن نہ چاهيو تہ غريبن کان ڏوڪڙ وٺي تعليم ڏئي. هن پرائمريءَ کان پي ايڇ.ڊي تائين مفت ۾َ پڙھايو ۽ 1982 کان ٿوري وقفي کان سواءِ لڳاتار  اخبارن رسالن لاءِ  مفت ۾ لکندو اچي ٿو. بابا ڪڏھن بہ پنهنجي علم ۽ قلم جو معاوضو ڪونہ ورتو آهي.
     ننڍڙي ڳوٺ ۾ قائم ٿيل گل حيات گهڻا سٺا ڪم ڪيا آهن. ان جو هڪ روپ پبلشر جو بہ آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ علي گل سانگيءَ ، سائين محمد بچل تنيي ۽ ڊاڪٽر بدر اڄڻ جا ڪتاب ڇپرايا آھن. 
    گل حيات انسٽيٽوٽ سنڌ جي تايخ تي تمام اهم خزانو گڏ ڪيو آھي. ان کي دنيا جهان تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي ويب سائيٽ ٺاهي آھي، جنهن تي سنڌ جي تاريخ تي هزارين صفحا موجود آھن. 
هاڻي گل حيات هڪ انوکي، مگر ڪامياب روايت هيءَ شروع ڪئي آھي تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل اهم مواد ۽ معلومات تي مشتمل الڳ ويب سائٽس ٺاهڻ شروع ڪيون آھن. مثال طور تازو “ مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ “ ٺاهي آھي ۽ انشاءَ الله جلد سائين جي.ايم.سيد ، رسول بخش پليجي، ادبي تنظيمن ۽ صحافت تي بہ ويب سائيٽيون ٺاهيون وينديون.
     اهم ۽ ڪارائتي ڳالھ هيءَ آھي تہ هي سڄو مانڊاڻ ھڪ فرد بابا سائين مچايو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اسان مان ڪو سندس ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿو ، ليڪن پاڻ دائمي طور تي ڏينهن رات گل حيات ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا

Good Wishes