Menu

 

چم پرين

 

 

 تنهن ڏينهن مون ائين ٿي ڄاتو ته نيٺ گونگي پاڻيءَ رنگ ڏيکاريا ۽ حور ٻڏي وئي . مان ائين ٿي سوچيو ته مرد جي روايتي دوکي واري فطرت جي وري تصديق ٿي وئي . مان منير لاءِ ڇا ڇا ٿي سوچيو . ان ۾ منهنجو به ڪهڙو ڏوهه . ڀلا جتي اٺ پهر چاهت کي چکيا تي چاڙهيو وڃي ٿو . جنهن معاشري ۾ عورت کي اڪ جي ماکي ڄاتو ٿو وڃي ، ۽ جنهن دنيا ۾ مرد اکيون پٽيندي ئي فرهاد جو پيءُ ۽ مجنون جون نانو بڻجي وڃي ٿو .......۽ سڀ کان وڌيڪ جتي عورت جهڙي ٻالي ڀولي شئي نه ڳولهي به لڀي پوي . تڏهن مون کي به غلط فهمي ڇو نه ٿئي .

ائين نه هو ، مون کان غلطي ٿي وئي . حقيقت ۾ هڪ دفعو الفت جو الٽو صحيفو پڙهيو ويو . وري هڪ اڻ ٿيڻي ٿي پئي . وري هڪ دفعو عورت پنهنجي روايتي قربانيءَ کان ڪنڌ ڪڍرايو . چريءَ حور پاڻ کي چم پرين ثابت ڪيو .

پنهنجي پيرن تي ڪهاڙا هڻي ها ته ٺهي پيو ، پر هنئين اصولن کان ڇو اکيون ٻوٽيائين. ڪهڙي خبر ته ٻه اکر پيٽ ۾ وجهي ، ڪنهن کي پيٽ ئي ڪو نه ڏيندي . چنڊي جيڪڏهن اڳ ۾ اونت ڏئي ها ته گهٽ ۾ گهٽ عورتپڻي جو نڪ هنئين ته نه وڍجي ها . آءٌ کيس ايئن ڪرڻ نه ڏيان ها . ڇا سمجهندو منير .

وقت وقت جي ڳالهه آهي . اهو به وقت هو جو ڪئمپس جي وڻن جون ٽاريون به نمي نمي هنن جون ڳالهيون ٻڌنديون هيون . ماڻهن جون اکيون ۽ آڱريون هن جوڙي تي کتل هونديون هيون  . کيس منير کان سواءِ ماني گرهه به ڪو نه اڪلندو هو . جڳ جهلي پر هيءَ پاڻ نه پلي . لک کي به ڪک ڪري ڄاڻندي هئي . پر هاڻي وڃي ڪک تي پير پيس . ڪاريءَ کاڌي ڪنهن جاءِ جي . حور سِپَ نه هئي . پر ڪو سَپُ هئي ، منير جي محبت ۽ خلوص واري مينهن موتي نه پر زهر پيدا ڪيو .

نڀاڳيءَ نيٺ اڄ ڦاٽ کاڌو ، چي :”اٺا مينهان دا ڪيها ميلا؟ هو چرن جهنگ ، هو چرن ٻيلا“ ......... مان ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ڪيتروئي سمجهايومانس ته منير تون ۽ مان گڏو گڏي ناهيون  جو هنئين حقيقتون وساري ويهون . ڀلا مان ڪيستائين ٿي انتظار ڪري سگهيس . هڪ هڪاڻي ڪرڻي هئي . سا نيٺ ڪيم . حور کي جي ڇنڻي هئي ته ننهن سان به ڇني ٿي سگهي ، ڪاتي وهائڻ جو ڪهڙو ڪم هيس .

منير کي آءٌ ڏيڍ سال کان سڃاڻان . ابتدائي ڏهاڙي ۾ سڄي يونيورسٽيءَ مان هن ويچاري مسڪينن تي ڪنهن جي به اک ڪا نه ٻڌندي هئي . ڪلاس روم مان نڪري وڃي لائبريري ۾ پوندو هو ، ۽ اتان اٿي وڃي ڪوٺي ۾ پوربو هو . سياري جي سج جيان وڃي ٻن پهرن جو تاءُ ڪيائين . امتحان ٿيا ته سڀني جون اکيون کليون . سڀني کڻي مبارڪن جا جهول ڀري ڏنس . سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو . پهرين سال هي ڪتابن جو ڪيڙو سڏبو هو ۽ هن سال اسان سڀئي هنجا ڪيڙا ٿي پيا هياسين . ڪلاس ۾ ڪا ڳالهه نه سمجهيسين ته لان ۾ وڃي منير کان پڇبو هو . ان هوندي به مان هن جي ايترو ويجهو نه ويس  . الائي ڇو مون کي منير گونگو پاڻي لڳندو هو . مون کي هن مان ڊپُ ٿيندو هو . هن به وري ڪڏهن مون ۾ ايتري دلچسپي ڪا نه ورتي .

ڪجهه وقت اڳ جڏهن ”لطيف ڊي“ ٿي ملهايوسين . سڀئي ڪم ۾ رڌل هئا ، مان ۽ حور اڪيليون اسٽيج سينگاري رهيون هيونسين . ٻئي اسان کان گهڻو پري هئا منير به هٿن ۾ لغڙن جو بنڊل کڻي اچي اڳيان بيٺو . هيانءُ ئي ڏڪي ويو ، سمجهيم ته ڄاڻ ٿو غريب گن ڪري . چوڻ لڳو :”حور لغڙيون منجهي پيون آهن ، ٿوري مدد ڪيو .“ مان ڇڙٻيندي چيو مانس :”سُٽ ته ڪو نه منجهيو ٿي جو کڻي آيو آهين .“ مون چيو ته منير کي پر مٺيان لڳي حور کي ، چيائين : ”ويچاري جون لغڙيون منجهيون آهن ، پر تنهنجون ڇو متيون منجهي ويون .“مون موٽ ئي ڪا نه ڏني ته هوءَ وڃي ساڻس لغڙيون کولڻ بيٺي . منهن ۾ گهنڊ وڌم پر پرواهه ٻنهي ڪا نه ڪئي .

تنهن وقت ته سن کائي ويس ، پر گهر موٽيوسين ته حور کان اڳيان پويان پلاند ورتم . پر هن وٺُ ئي ڪانه ڏني . الٽو آڪڙجي چوڻ لڳي :”زمانو گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي ، تون آهين جو ........“ مون کيس جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ چيم :”گداڙيءَ کي کڻي موت ته ڀنگن جا گهر تاڙي .“ فلڪ ئي ڪانه ڀريائين . ويتر ايئن ڏک ڏيڻ لڳي ڄڻ ڪوٽ کٽي آئي آهي .

سڀاڻو ٿيو ته منير سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڃي مهمانن جي اڳ تي بيٺي . سوچيم ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾ . پر آءٌ کيس ائين به ته ڇڏي نٿي سگهيس . ڇو ته هوءَ نه رڳو منهنجي ساهيڙي هئي بلڪ ماسات به . هو وقت گذرڻ سان گڏ اڳتي وڌندا رهيا، زماني جي رواجي روايتن جا بند ٽٽندا رهيا ، ۽ مان پاڇي جيان سندن پيڇو ڪندي رهيس . ڪڏهن به ٻنهي کي انت بحر نه ڏنم . جڏهن ڏٺم ته پاڻي مٿي کان چڙهندو پيو وڃي ته پوءِ پري رهڻ مناسب نه ڄاتم . اڳي هو ٻه هوندا هئا ، ۽ هاڻي ٽين آءٌ به گڏي مان . ڪلاس روم ۾ ، لان ۾ ، ۽ ڪيفي ٽريا ۾ مطلب ته مون کين ڪڏهن به اڪيلي ٿيڻ  جو موقعو نه ڏنو .

مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته منهنجيون چوڪسي ڪندڙ اکيون به ڪڏهن منير تي لاٽونءَ وانگي ٽڪ ٻڌي بيهي رهنديون . مون ته آئيني کان سواءِ ڪٿي به پنهنجو عڪس نه ڏٺو هو ، پر پوءِ منير جون اکيون مون لاءِ آرسيون ٿي پيون . انهن ۾ پنهنجي جيئري جاڳندي جيو جا عڪس نظر اچڻ لڳا .

اڃا منافقيءَ وارو زمانو هو ، هن تي ڪوڙو ڪلمو پڙهيو هيم . هڪ دفعي اس کائڻ لاءِ ٻاري ۾ ويٺا هياسين . حور ڪلاس ۾ هئي . منير ڪئنٽين مان چانهه کڻڻ ويو . الائي ڇو اندر واري چور منير جي ڊائري کولڻ تي مجبور ڪيو . ڊائري کوليم ته هڪ صفحي تي اکيون کپي ويون . مون پڙهن شروع ڪيو : ”نيٺ هوءَ اڄ رات کڙڪيءَ کان اچي بيٺي ، مان ته پنهنجي پڙهڻ ۾ پورو هيس . مون کي ڪهڙي خبر ته هن سانتيڪي وقت به هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي . دريءَ جي آواز منهنجا ڪن کڙا ڪيا ۽ هن منهن کوليو :”ڪتابن جا ڪيڙا انهن مڙدن ورقن ۾ ڇا رکيو اٿئي ؟ مان به ته فطرت جو هڪ کليل ڪتاب آهيان ، مون کي ڇو نٿو پڙهين؟“ ڪتاب مان اکيون ڪڍي ڏانهنس ڏٺم . فطرت جو حسين شاهڪار پئي لڳي ....... وار ڄڻ ڪاري گهٽا ، شرابي اکيون ، ڳٽول ڳل ، انهن کان ويتر چپ . ڏند ڄڻ موتيءَ جا داڻا ! کيس نهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺم ۽ دانهن نڪري وئي : ”ڪاش ايترو تنگ دل هجان ها جو رڳو توسان ئي پيار ڪيان ها .“ اکيون ڦيرائي ڪتاب ۾ اٽڪائي ڇڏيم . هوءَ نراس ٿي موٽي وئي . “

منير کي ايندو ڏسي مون جلديءَ ۾ سندس ڊائري ٺپي ڇڏي . هو منهنجي اٻهرائيءَ مان اندازو لڳائي ويو ۽ چيائين :”ڇا ٿي پڙهيئه جنت ؟“ مون کيس جواب نه ڏنو . منير به چپ ٿي ويو . ٻئي چانهه پيئڻ ۾ لڳي وياسين . ياد نه ٿو پوي هن ڪو ٻيو موضوع ڇيڙيو هو . پر جيئن ته آءٌ ڊائريءَ جي ورق ۾ غرق هيس ، ان ڪري کيس ”هان ، هون“ کان سواءِ ڪا به موٽ نه ڏيندي رهيس .آخرڪار منير منهن کوليو :”هيڏي ساري جنت ڊائريءَ جي ننڍڙي صفحي ۾ گم ٿي وئي .“ طنزيه جملو ٻڌي هوش سنڀالي ورتم ، مگر ڄڻ چور پڪڙجي پيو .

منير ڊائري هٿ ۾ ڏيندي چيو :”کولي ڏيکار ڪهڙو صفحو ٿي پڙهيئه ؟“ سوچيم انڌو گهري هڪ اک پر ملنس ٿيون ٻئي . مون به نه ڪئي هم نه تم . ساڳيو صفحو کولي کڻي هٿ ۾ ڏنو مانس . منير هڪ نظر صفحي تي وڌي ۽ پوءِ مون ڏي ڏسي مشڪڻ لڳو . مان ان اڳيان ڄڻ سوال بڻجي ويهي رهيس .منير ڊائري بند ڪري چانهه پيئڻ ۾ لڳي ويو . مگر مون دل ٻڌي ڳالهه کي چوريو :”آخر هوءَ ڪيستائين نراس ٿي پئي موٽندي؟“ هن جي منهن ۾ سنجيدگي اچي وئي ، نرڙ ۾ ٿورو گهنج وجهندي چيائين:”جيستائين ڪو غريب نراس ٿي سگهي ٿو.“ مون کيس وڌيڪ چورڻ لاءِ چيو:”اوهان جو مطلب نه سمجيم.“ ۽ هو شروع ٿيو :

”اڄ ٿورورئي ، اوهان ته صدين کان وٺي مطلب نه پيا سمجهندا اچو....ٿڌو ساهه کڻي وري چيائين :”جي دنيا وارا اسان جو مطلب نه سمجهن ها ته هوند اڄ هي ساري دنيا دلهن جيان نه سينگارجي وڃي ها .“ منير جي اڳ به خبر هيم ته هو نظرياتي ماڻهو آهي . جڏهن به کيس دوستن سان ڳالهائيندي ٻڌو هيم ته غريب ۽ مظلوم عوام ئي سندس موضوع هوندو هو . هو چپ رهندو هو ته اندر جا اڌما پيا اٿلون کائيندا هئا .

مون کي ڄڻ موقعو ملي ويو . هن جي انت لهڻ جو  کڻي پڪو پهه ڪيم . ان ڪري ڀالي ڀولي ٿيندي چيم :”منير ماڻهو اشارن ۽ ڪتابن ۾ ڇو ڳالهائي ......صاف کڻي ڇو نه ٻڌائين .“

ڄڻ سندس جذبن جي درياهه کي کنڊ لڳي ويو: ”جنت ! تنهنجي ماسات حور چري آهي، پاڳل آهي . هن ۽ مون ۾ زمين آسمان جو فرق آهي . هوءَ چم پرين آ ، ۽ منهنجو انهيءَ عقيدي ۾ ايمان ڪونهي .“

مون ڳالهه کي وڌيڪ کولڻ لاءِ چيو: ”منير پيار جي موٽ پيار سان ڏبي آهي ۽ چاهت جي موٽ چاهت سان .“

ڄڻ باهه وٺي ويس :”پيار ، پيار ......ڪو پيار جي وڪالت سکي ته اوهان کان . ائين پيا ڏک ڏيندا ڄڻ پيار جا ٺيڪيدار ئي اوهان آهيو . اوهان پيار آخر چئو ڇا کي ٿا ؟“

مون کيس وائڙن جيان چيو ”پيار ڇا کي ٿا چئون ؟ “ چيائين، ”انهيءَ کي جنهن سسئيءَ کي رڻ ۾ رلهيو ، سهڻيءَ کي درياهه ۾ ٻوڙيو ۽ مومل کي ڏاگهه تي چاڙهيو . ان کي ٿا اوهان پيار چئو نه ؟ مان اهڙي پيار کي ڪو نه ٿو مڃان .“

”ڀلا اوهان ڪهڙي پيار کي ٿا مڃو؟“ مون وضاحت پڇي .

جواب ڏنائين :”جنت ، پيار حسن سان ڪيو ويندو آهي ، ۽ حسن وري ٽن قسمن جو ٿئي ٿو : طبعي حسن، جسماني حسن، ۽ نظرياتي حسن . ماڻهو جڏهن طبعي يا فطرتي حسن سان پيار ڪري ٿو ته وطن جي جهنگ جهر ، مال وٿاڻ ، نديءَ ڪسيءَ ۽ وڻ ٽڻ جو عاشق سڏجي ٿو . ڪوئي جڏهن نظرياتي حسن سان پيار ڪري ٿو ته ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارا هن جو محبوب بڻجي وڃن ٿا ۽ ماڻهو جڏهن جسماني حسن سان پيار ڪري ٿو  ته پوءَ ڪڏهن فرهاد بڻجي پنهنجو مٿو ٿو ڦاڙائي ته ڪڏهن قيس بڻجي مجنون ٿو ٿئي . جسماني حسن ماڻهوءَ کي خود غرض ، مفاد پرست ۽ تنگ دل ٿو بڻائي .........مان ايترو تنگ دل ناهيان .“

آءٌ چپ ڪري سندس فلسفو ٻڌندي رهيس  ۽ هو ساهي کڻي وري چوڻ لڳو . پيار تي تسبيحون پڙهندڙن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته نفرت به اوترو ئي عظيم جذبو آهي جيترو پيار . حقيقت ۾ اها نفرت آهي جا عظيم پيار کي جنم ڏئي ٿي . غريب سان سچي محبت ڪرڻ لاءِ اميرن کي ڌڪارڻو ئي پوندو . ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ لاءِ غدارن کي ڌڪارڻو ئي پوندو .نفرت ۽ محبت شخصيت جا لازمي جزبا آهن ، ٻنهي کي هڪ ئي وقت کڻڻو پوي ٿو ۽ نه ڌار ڌار .“

”پر ،حور توسان پيار ڪري ٿي . هن تنهنجي ڪري ڪيترن سان نفرت ڪئي آهي ......“ مون ڳالهه کي موڙيندي چيو . منير ڄڻ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڀڀڪندي چيائين : اهو نسورو ڪوڙ آهي . هوءَ چم پرين آهي . هوءَ جسماني حسن جي مريض آهي . مان رڳو گوشت جو ٽڪرو ناهيان ، مون کان وڌيڪ منهنجا نظريا اهميت رکن ٿا . اهي مون کان اڳ ۾ توجهه لهڻن ٿا . جنت ، تون ٿي چئين ته هوءَ محبت ڪري ٿي؟ظلم ٿي ڪرين . هوءَ ڪٿي ٿي پيار ڪري ؟ حور ته مون کان اٽي تي اٽو ٿي وٺي . هوءَ هڪ هٿ سان ڏئي ٻنهي هٿن سان وٺڻ ٿي گهري . محبت ئي سهي ، پر محبت ته انهيءَ کي ته نه چئبو آهي . محبت ته قربانيءَ جو نالو آهي ، محبت ته غير مشروط ۽ هڪ طرفو جذبو آهي ........ مون کان وڌيڪ ڪير ٿو محبت ڪري . مان ته اهڙي محبوب جو انتخاب ڪيو آهي ، جو کيس به خبر ڪونهي . بس يار ليکي نه ليکي اسان يار جي ليکي آهيون نه ! “

گهڙيءَ لاءِ ٻئي چپ ٿي ويا سين .پوءِ  وري منير منهن کوليو : ”جنت تون سياڻي آهين ، کيس سمجهاءِ . هوءَ مونکي ايترو تنگ دل نه سمجهي ...... مان هڪ هنڌ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي ڪو نه رهندس. .... هيءَ پوري دنيا حسين هئي ، اسان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هن معاشري ، هن دنيا جي ٻهڪندڙ چهري تي رنگ ، نسل ، ذات پات ، ۽ ننڍ وڏائيءَ جا ڪارا ڪارا ليڪا پئي پاتا آهن . مان اهي ميٽي پوري دنيا سان پيار ڪرڻ گهران ٿو .“

 ڏينهن کان وٺي منير مون کي شاگرد کان وڌيڪ فيلسوف ۽ عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ آدرش لڳندو هو . انهيءَ ملاقات منهنجن ڪيترن ئي مفروضن تي منڌيئڙا گهمائي ڇڏيا . انهيءَ گڏجاڻيءَ بعد ئي مونکي پتو پيو ته ساجد ڪيڏو نه ڪوڙ ڳالهائيندو هو . ساجد هن لاءِ ايامن کان ڪات ڪهاڙا تکا ڪري رکيا هئا . اهو ساجد ئي هو جو جنهن منهنجي معصوم دل ۾ منير خلاف نفرت جو ٻج پوکيو هو . جيئن جيئن منير جي آدرشي شخصيت وئي ٿي شاگردن تي اثر ڪندي تيئن تيئن ساجد ويو ٿي گهٽ گهيڙيندو  . حور جي چار چشمي به ويتر کيس وڌيڪ گرم ڪري ڇڏيو هو . سر حيدر به ڪيترا دفعا حور کي شاديءَ جي آفر ڏني هئي . ڳالهه مان جڏهن ڳالهوڙو بڻجي ويو ته حور سندس پيرڊ اٽينڊ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا ، ۽ اها ليٽ وري منير ڀريندو هو . سر حيدر ۽ ساجد مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري پيا ڀوڳيندا هئا . سندن وس ڪو نه هلندو هو . ڇو ته وڇ ڪڏي ڪلي آهر .

منير جي آدرشي شخصيت ۽ سندس ڪردار منهنجي من ۾ سراپ جيان واسو ڪندا ويا . هن اڻڄاتل تبديليءَ مون کان مرڪون ئي کسي ورتيون  ، آءٌ پاڻ لاءِ ائين ڄاڻڻ لڳس ته منهنجو وجود مون لاءِ ناهي ، آءٌ ته غريبن جو سهارو آهيان ۽ مظلومن جو ورثو آهيان . پنهنجي اندر وارين اکين سان آهستي آهستي ذات پات رنگ نسل جا کوپا ڪرندي ڏٺم . ذهن جي زمين ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيڻ لڳو . مان منير کي پنهنجي پوري دنيا جو ورثو ڄاڻڻ لڳم . منير پاڻ غريب هو پر سندس اصول ۽ آدرش امير هئا . مون کيس ، ڪيترائي دفعا مالي مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر هو ته رپئي راند ئي ڪو نه ڄاڻندو هو . هر دفعي ائين چوندو هو ته هن دنيا ۾ آءٌ اڪيلو ئي غريب ناهيان، جو منهنجي ٿيون مدد ڪيو . اوهان ڪيستائين اسان کي اهي پن جا ٽڪر پيٽ ۾ وجهندا رهندؤ . جڏهن آءٌ چڙي ويندي هيس ته هو سنجيدگيءَ سان سمجهائيندو هيو ته : ”جنت ! هر ڪو ماءُ پيٽان هٿين خالي اچي ٿو ، هن ڌرتيءَ جي دولت ۽ نعمت سڀني جي گڏيل ميراث آهي . امير ماڻهو ڪو پنهنجي ڀاڳ ۽ بخت جي پٽي هٿ ۾ کنيون نٿا اچن .“

مون ڪيترن ڏينهن کان يونيورسٽيءَ جو منهن به نه ڪيو هو . بيماريءَ اچي ڀر ورتي هئي . تنهن شام حور منهن سڄائي اچي ويٺي . جيءُ خوش ته جهان خوش سو مون کيس اڳتي وڌڻ ئي ڪو نه ڏنو ۽ اٿندي ويل جملو ڪسيون وئي :”سچ پئي چوين ته ڍنگهرن تي اٽو پئي هاريان ، ٿيو به ائين .“ مون کيس ڪو اتر ڪو نه ڏنو هو . وري هوءَ ورندي شام جو پڇڻ آئي . اڻ پڇيو اچي کلي :”پلئه نه ورتومانس ته منهنجو نالو حور ناهي .“ امڙ اچي نڪتي ان ڪري وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي . مگر منهنجي من ۾ اچي آنڌ مانڌ پئي . ائين پئي سوچڻ لڳس ته متان گونگي پاڻي رنگ ڏيکاريا ۽ حور ٻڏي وئي . مان ائين سوچڻ لڳس ته مرد جي روايتي دوکي واري فطرت جي وري تصديق ٿي وئي ۽ منير منهنجي غير حاضريءَ جو  ڪو ڀرپور فائدو ورتو آهي .

مان منير لاءِ ڇا ڇا نٿي سوچيو ! ان ۾ منهنجو به ڪهڙو ڏوهه هو . ڀلا جتي اٺ ئي پهر چاهت کي چکيا تي چاڙهيو وڃي ٿو ، جنهن معاشري ۾ عورت کي اڪ جي ماکي ڄاتو وڃي ٿو، ۽ جنهن ماحول ۾ نت نون طريقن سان عورت جو استحصال ڪيو وڃي ٿو . تڏهن مون کي به غلط فهمي ڇو نه ٿئي .

مان انهيءَ آنڌ مانڌ ۾ غرق هيس. بيماري به مهلت نه پئي ڏني ته وڃي يونيورسٽيءَ ۾ ڏسان ته مامرو ڪهڙو مچي ويو آهي . حور ته الائي ڪهڙي طرف ڀينڊ اڇلائي وئي هئي . اڄ ٻپهري اچي منهن ڪڍيائين . ڏاڍي خوش پئي ڏسجي ، ڄڻ ڪوٽ کٽي آئي هئي . نڀاڳيءَ نيٺ اڄ ڦاٽ کاڌو ، چي : ”اٺا مينها دا ڪيها ميلا؟ هو چرن جهنگ ، هو چرن ٻيلا .......مان ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ڪيتروئي سمهجهايومانس ته منير تون ۽ مان گڏو گڏي ناهيون جو هينئن حقيقتون وساري ويهون ڀلا مان ڪيستائين ٿي سندس انتظار ڪري سگهيس . هڪ هڪاڻي ڪرڻ هئي سا نيٺ ڪيم .“

پڇيومانس ته آخر ڳالهه ڇاهي ؟ چيائين :”منهنجو سر حيدر سان مڱڻو ۽ منير جي يونيورسٽيءَ کان نيڪالي .“

”مون ڳالهه نه سمجهي آخر چئين ڇا ٿي ؟“ مون وضاحت طلب ڪئي .

چيائين :”جي ، ها . ڇا ياد ڪندو . هن ڪڏهن عورت جي نفرت نه ڏٺي هئي .“

”ڪو ڏوهه ڪيائين ڇا ؟“ مون وڌيڪ اٻهرائي ۾ پڇيو .

محبت جو جواب محبت سان ڏجي ، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڏوهه ؟ وڃي ڀوڳي ته ڪل پويس .“ حور وڏي فخر سان چيو .

توکي منهن نه ڏنائين نه ، پر يونيورسٽيءَ وارن جون ڪهڙيون ٻليون ماريائين ؟“ مون شڪايت ڪندي چيو .

”نئشنلسٽ ۽ ڪميونسٽ ماڻهن جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪهڙي گنجائش ؟“ حور ائين جواب ڏنو ڄڻ يونيورسٽي ئي سندس هئي .

”چئبو اها مهرباني سر حيدر ڪيس ؟ مون چڙ ۾ پڇيو .

چيائين :”ظاهر آ ......پر سجاد ۽ حور به ته اهميت رکن ٿا يا نه ؟“

”او چم پرين حور نسورو قهر ڪيئه .“ مون کان دانهن نڪري وئي .

 

Menu
Go to top