Menu

ايڪ ڏون چار

 

گهڙيال وقت جي ڀير تي چار ڏونڪا وهائي ڪڍيا ، ليڪن وسائيءَ جي ڪنن تائين انهن جو آواز نه پهتو . هوءَ ستُي پئي هئي . دنيا جهان کان بيخبر ! بنهه ائين ڄڻ هوءَ صدين جي ويڙهه کان پوءِ جنگ جيتي بي فڪريءَ سان آرامي ٿي هجي ! ڄڻڪ هن کي انهيءَ ٿڪاوٽ لاهڻ لاءِ اڃا به سمهڻو هجي . سندس ماءُ اچي مٿان بيٺس .

”ڇوري پچر ڇڏ هنڌ جي ، اجهو ٿو ماستر پهچي . اٿي هٿ منهن ڌوئي ٽيوشن لاءِ تيار ٿي .“ ماڻهس کيس اٿاريندي چيو . ”امان آرام ته ڪرڻ ڏي .........“ ننڊاکڙيءَ وسائي مختصر جملو چئي پنهنجو پاسو ورائي ڇڏيو .

”چنڊي ! ڪا عورتن کي ننڊ سونهين ٿي ؟ اٿي جاڳ ، ڇڏ اها نڀاڳ جي ننڊ .“ ماڻهنس وسائي مٿان پيل چادر ڇڪيندي چيو . وسائي کٽ تي اٿي ويٺي . سندس خمار ڀريل اکين مان چڙ جا سمورا رنگ نظر اچي رهيا هئا . هن پهريون اکيون مهٽي گهڙيال ڏي ۽ پوءِ ڪاوڙ مان ماءُ ڏي ڏٺو . جڙي آيس ته ماءُ کي چئي ڏي ته : ”ڪٿي ، ڪڏهن ۽ ڪهڙي عورت کي ننڊ نصيب ٿي آهي ؟ “ مگر هن ماءُ کي ڪجهه نه چيو . ڇو ته کيس پڪ هئي ته ان جي جواب ۾ کيس ٻه ٺپيون ٻڌڻيون پونديون . هوءَ مونن ۾ منهن پائي کٽ تي ئي ويهي رهي ۽ ماڻهس دلجاءِ ڪري وڃي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳي . هن ڪنڌ مٿي ڪري وري گهڙيال ڏانهن ڏٺو . چار وڄي ست منٽ ٿيا هئا . هوءَ گهڙيال ڏي ڏسندو ئي رهي . سيڪنڊن وارو ڪانٽو ڊوڙي وڃي پيو منٽن ۽ ڪلاڪن جي ڪانٽن سان ملي ۽ وري انهن کان اڳ ڪڍندو پيو وڃي . وسائي جي ذهن جو ڪانٽو به ماضيءَ ڏانهن تيز تيز ڊوڙڻ لڳو ، ۽ هوءَ خيالن ۾ گم ٿي وئي . اٺن مهينن جي عرصي ۾ هن ٻه ٽيوٽر مٽايا هئا . ساجن سندس ٽيون استاد هو . هوءَ ساجن جي ذهانت جو قدر ضرور ڪندي هئي ، ليڪن جت پنهونءَ جا ڀائرجيان هن کي به باقي ٻين استادن جهڙوئي سمجهيوهو : مرد جيڪو صدين کان وٺي معاشري جي وڏ ماڻهائپ جو ٺيڪيدار رهيو آهي ۽ جنهن عورت ذات کي ڏسي وائسي پاڻ جهڙو نه بنجڻ ڏنو آهي ! وسائي انٽر جي امتحان جي تياري ڪري رهي هئي . ليڪن امتحان کان وڌيڪ هن کي فڪر عورتن جي آزاديءَ جو هوندو هو . هن جي دلچسپي ڪتابن ۾ نه پر جيڏين سرتين سان ساڳئي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ۾ هوندي هئي . اهو ئي سبب آهي جو هوءَ پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ پٺتي پئجي چڪي هئي . سندس والدين جو خيال هو ته انٽر پاس ڪري ته هن کي شينهن ڪلهي چاڙهيو وڃي . ان ڪري ئي هنن کيس هڪ مٿان ٻيو ٽيوٽر رکي ڏنو ته من گهر ۾ ئي دل لائي ٻه اکر پڙهي وٺي . پر هتي به هن ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ڪري ڏيکاريا . ٻن استادن کي ته ٽڪڻ ئي ڪو نه ڏنائين، ليڪن ساجن جي بردباري، سهپ ۽ سياڻپ اڳيان هن جي تريءَ تيل ئي ڪو نه لڳندو هو . ڏاڍي ڪوشش ڪندي هئي ته ساجن کي ورچائي ۽ رسائي وجهي ، پر هو به اڏول هو ، بنهه جبل جيان .

هوءَ پاڻ استاد ساجن کي ٻڌائيندي هئي ته :”مون استادن جي ويس ۾ مرد جا ٽي روپ ڏٺا آهن . هڪ روپ فقير جو ، ٻيو روپ ڌاڙيل جو ، ٽيون ساجن جو .“ هوءَ ساجن کي ٻڌائيندي هئي ته کيس پهريون سر بنهه پينو لڳندو هو، هوءَ جڏهن به وسائي اڳيان ايندو هو ته چپ خشڪ ٿي ويندا هئس . رکي رکي پنهنجي آلي زبان ائين چپن تي گهمائيندو هو ، ڄڻڪ مرلي ٻڌي جوڳيءَ جو نانگ پنهنجي ڄڀ ڦڙڪائيندو هجي . ڳالهائيندو هو ته پيو وڦلندو هو ، هڪ جي بدران وات مان ٻيو نڪري ويندو هئس . پهريون ته ڏسڻ جي ئي ڪوشش نه ڪندو هو، پر جيڪڏهن ڏسڻو پوندو هئس ته ڪن ئي ڳاڙها ٿي ويندا هئس . هر عورت ۽ هر ڇوڪريءَ کي ڏسي سندس اهو حشر ٿيندو هو . هو وسائيءَ جي ئي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو ، ڪاليج جون سموريون ڇوڪريون کيس ”استاد مستانو“ سڏينديون هيون . وسائي ساجن کي ٻڌائيندي هئي ته جڏهن به هوءَ استاد مستاني کي ڏسندي هئي ، تڏهن هرڪو مرد کيس پينو ۽ فقير لڳندو هو . اهڙن فقيرن جي روپ ۾ پوريءَ دنيا جا مرد هن کي هيچ ۽ نيچ لڳندا هئا . سمورن مردن سان نفرت واري جذبي هن کي پنهنجي سر کان به پري ڪري ڇڏيو ، ان ڪري هوءَ ڪڏهن به دل لائي کانئس نه پڙهي ، تان جو ويچارو استاد پاڻهن ڄاڻهن کين جواب ڏئي هليو ويو .

”ڇوري ! هنڌ جي پچر ڇڏيئه يا نه ؟“ وسائيءَ جي ماءُ ٻئي ڪمري مان دانهن ڪئي ۽ هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. ”امان ! اٿي آهيان.“ هن مختصر جواب ڏنو ، وري ٻنهي طرفن کان خاموشي جا آثار محسوس ٿين لڳا .

وسائيءَ جو ويچار ساگر وري بيڪران ٿي ويو . هن جي خيالن جون ڇوليون وري به وڃي ماضيءَ جي ڪنڌيءَ سان لڳيون . هن کي ماءُ جي دڙڪي ڏيڻ تي سندس ٻيو استاد ياد اچي آيو ، جيڪو کيس ”مستاني فقير“ جي ڀيٽ ۾ ”عبدالرحمان ڌاڙيل“ لڳندو هو . سندس والدين هڪ ڪڙڪ ۽ سخت استاد کي ٽيوشن لاءِ ان ڪري رکيو هو ، جو وسائيءَ پهرين استاد کان پٽيون پڙهڻ بدران هن ويچاري کي پٽيون ٻڌرايون هيون ، ان ڪري هن لاءِ هڪ اهڙي استاد جي ضرورت هئي ، جيڪو ڪي قدر هن تي سختي ڪري .

هن استاد جو اهو معمول هوندو هو ته جڏهن کيس چانهه ڏني ويندي هئي ،تڏهن هو پاڙهڻ بدران وسائيءَ لاءِ نسورو ملان بڻجي ويندو هو . ڳالهه نصيحتن کان شروع ٿيندي هئي ۽ وصيعتن تائين پهچندي هئي.ويچاري وسائي اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري ويندي هئي . ليڪن هو جڏهن مرد بڻجي ڳالهه ڪندو هو ته هوءَ پنهنجي مٿان آسمان ڪرندو محسوس ڪندي هئي . هن استاد جو اهو جملو کيس هر روز ٻڌڻو پوندو هو ته ”مرد هڪ اڌورو اڻپورو ۽ ڀٽڪيل روح آهي ، جيڪو صدين کان وٺي پنهنجي ٻئي اڌ جي تلاش ڪندو آيو آهي . “ وسائي ڪڏهن ڪڏهن بي صبري به ٿي ويندي هئي . ۽ کيس چئي ڏيندي هئي ته ”سر ! مرد پنهنجي بهتر اڌ جي تلاش ۾ نه ، پر پوري عورت ذات جي تلاش ۾ سرگردان رهيو آهي .“ هن جي اها تلاش رشتن ۽ روپن جون سموريون حدون اورانگهي ويندي آهي. مرد، عورت ذات جي قدمن هيٺيان جنت تلاش ڪرڻ بدران ان جي وجود ۾ پنهنجي لاءِ ”بهتر اڌ“ جي تلاش ڪندو رهندو آهي . ويچارو مرد پنهنجي جوڙيل روايتن کان مجبور آهي . هونئن نه ته جيڪر هو پنهنجي ماءُ ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي رشتن ۾ به انهيءَ بهتر اڌ جي تلاش ڪندو رهي .تاريخ شاهد آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهي روايتون به کيس اهڙي تلاش کان روڪي نه سگهيون آهن .“

وسائيءَ جون اهڙيون ڇوٽ ڳالهيون سندس استاد کي چيڙائي وجهنديون هيون . مگر کيس ”خود سر“، ”ضدي“ ۽ ”ناعاقبت انديش“ ڇوڪري چئي هو پنهنجي ڪاوڙ لڪائي ويندو هو . نه رڳو ايترو ، پر مرد هئڻ جي ناتي سان هو وسائيءَ کي انهيءَ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته عورت کي هر حالت ۾ مرد جي بالادستي مڃڻ گهرجي ، ڇو ته عورت ڪڏهن به مرد جي مٽ ٿي نه ٿي سگهي . اهو ئي سبب آهي ته عورتن مان ڪو به نبي ، پيغمبر يا رسول نه ٿيو . وسائي هر هجت کي رد ڪندي هئي ۽ پنهنجي استاد کي ٻڌائيندي هئي ته :” بلاشڪ عورتن مان ڪو به نبي پيغمبر نه ٿيو ، مگر ڪنهن مرد بيبي مريم وانگر اڪيلي سر نبي پيغمبر کي به جنم نه ڏنو آهي . ان کان سواءِ ائين ڪو نه آهي ته رڳو مرد بهادر ٿيندا آهن ۽ عورتون انهيءَ ڳُڻ کان وانجهيل آهن . مرد سچار ٿيندا آهن ۽ عورتون ڪونه ٿينديون . مرد وطن دوست ٿيندا آهن ۽ عورتون ڪي انهن جي برعڪس ٿينديون آهن . بس فرق صرف اهو آهي ته مرد ڪڏهن عورت جي عظمت کي تسليم نه ڪيو آهي ۽ هن جو هر روپ لڪائي رکيو آهي . بس ، مرد ذات وٽ عورت جو ڪو روپ آهي ته ننگيءَ مورتيءَ جو ! جنهن کي هو ڪڏهن برقعي ۾ بند ڪري ٻٽاڪ هڻندو آهي ته هن عورت کي پنهنجو صحيح مقام ڏنو آهي .“

وسائيءَ وري گهڙيال ڏي ڏٺو . ٺيڪ ساڍا چار ٿيا هئا ، هوءَ ٽپ ڏئي کٽ تان اٿي ، عورت ذات جي دکن دردن جا بادل هن جي ذهن جي آسمان تي ڀرجي آيا . هن فيصلو ڪيو ته هوءَ اڄ سر ساجن سان به هڪ هڪاڻي ڪندي . ڏهه- پندرهن منٽ هن کي تياريءَ ۾ لڳا . هوءَ هٿ منهن ڌوئي ، ڪتاب کڻي ، اچي ڪرسيءَ تي ويٺي ، ٽيبل تي هن طرف کان خالي ڪرسي رکيل هئي . استاد ساجن کي ٺيڪ پنجين وڳي اچڻو هو . هن پنهنجون ٻئي ٺوٺيون ٽيبل تي رکي ، هٿن کي پاڻ ۾ ملائي ، ان تي پنهنجي کاڏي رکي ڇڏي ، تان جو وري سوچن جا واچوڙا هن کي ورائي ويا .

هن پڪو پهه ڪيو هو ته اڄ سر ساجن سان مرد جي ٻي شاديءَ جي مسئلي تي ڳالهائيندي . هن کي اها خبر هئي ته سندس استاد ٻهراڙيءَ جو آهي . ان ڪري اوس ئي ونيءَ وارو هوندو . پر جڏهن کانئس ٻي شاديءَ بابت پڇيو ويندو ته هن جو جواب هر حالت ۾ هيءَ ئي هوندو ته ”سندس گهر واري ڄٽي آهي ، اها شادي هن جي خواهش مطابق نه ٿي هئي ، پر سندس پيءُ ماءُ ٻالڪپڻ ۾ هن تي مڙهي هئي ، هوءَ اعليٰ تعليم وٺي انهيءَ ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهي ته هن کي ڪو سمجهڻ وارو هجي . هن جوڪو قدر ڪرڻ وارو هجي . ۽ هن جو ڪو ذهني ساٿ ڏيڻ وارو هجي . “ اهي خيال پچائيندي ، وسائيءَ جي دل ۾ سر ساجن لاءِ پاڻ ڄاتو نفرت ٿيڻ لڳي . هوءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي ، چي : ”اڳيان ويا وسري ، پويان لڳا مصري ! شهر ۾ اچي هر ڪو مرد هتان جون رنگينيون ڏسي ، ايئن پيو محسوس ڪندو آهي ته ساڻس ظلم ٿيو آهي . هن کي مٿي ۾ اڻ پڙهي ۽ عقل جي انڌي لڳي وئي آهي . هن کي ٻي شادي ڪرڻ گهرجي، نه ته هو اڌورو ۽ اڻپورو رهجي ويندو . هن کي لکيو پڙهيو ساٿي گهرجي ، جيئن گڏجي قوم جي خدمت ڪري سگهي .“ وسائيءَ ٽوڪ گاڏڙ ”هون“ ڪئي ۽ پنهنجي خيال کان هٿي ، پنهنجي ئي خيال سان ڏنائين : ”هڪ مظلوم عورت جي خدمت ڪرڻ جو به ڍنگ ڪونهي . هليا آهن مڙس سڄي قوم کي سڌارڻ ! ڪوڙا جوڳي ، ڪوڙي جوڳين ريت . مڙئي ٿيو ٻين کي بيوقوف بنائڻو . اهڙن مڙدن کي ضمير جي به مار نه ٿي پوي . پنهنجي گهر واريءَ کي پڙهائي سيکاري پاڻ جهڙو ڪرڻ بدران هليا آهن پاڻ کي جڳ جهڙو بنائڻ !!“

هن اڃا دل کولي مرد ذات تي ڇوهه ڇنڊيا ئي ڪين ، جو دروازو کڙڪيو . هن اٿي وڃي دروازو کوليو ، جتي کيس سر ساجن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ڪرڻو پيو . هڪ ٻئي جي کيڪار کان پوءِ ٻنهي اچي پنهنجون پنهنجون ڪرسيون والاريون . ساجن پنهنجي ٻانهن واري واچ ڏسندي ، روايتي انداز سان چيو ته :”پنج منٽ وقت کان اڳ پهتو آهيان .“ وسائيءَ طنزيه انداز سان وراڻي ڏني :”هونئن به مرد عورت کان اڳ پيدا ڪيو ويو هو . ان ڪري مرد کي نه رڳو وقت ۾ ، مگر عورت تي به اڳرائيءَ جو حق حاصل آهي .“ ساجن هن ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجي مسڪراهٽ جي ڍال سان وسائيءَ جو وار کائيندي به پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي . ليڪن وسائي ته اڄ وڄ جو پاڻي پي ويٺي هئي ، ان ڪري هن پنهنجي استاد کان سوال پڇڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه ڪئي : ”سائين ! سمجهان ٿي ته اوهان جي شادي ٿيل هوندي ۽ اوهان کي ابي سڏڻ وارا ابهم ٻار به هوندا ، پر پوءِ هيتري تعليم وٺڻ کان پوءِ ، اوهان کي احساس نه ٿيندو آهي ڇا ته اوهان ٻي شادي به ڪريو . اهڙي عورت سان جيڪا اوهان کي سمجهي سگهي ۽ اوهان جو ساٿ ڏئي سگهي ؟“

في الحال ته سر ساجن وائڙو ٿي ويو ، پر پاڻ سنڀالي چوڻ لڳو : ” وسائي ، تون نه رڳو منهنجي ، مگر مون جهڙن الائي ڪيترن مردن جي دل وٽان ڳالهه ڪئي آهي . منهنجي خيال ۾ نه رڳو ٻي شادي ڪرڻ جو اهو به هڪ مضبوط سبب آهي ، پر اسان جو معاشرو هڪ سنگين مسئلي ۾ مبتلا ٿي ويو آهي . ان جو حلُ به اهو آهي ته مرد ٻي شادي به ڪن . مسئلو هي آهي ته آدمشماريءَ جا انگ اکر ئي بدلبا ٿا وڃن .عورتن جي آباديءَ ۾ روز بروز اضافو ٿيندو ٿو وڃي ۽ مرد گهٽبا پيا وڃن . ان کان سواءِ اسان جي قوم جا مرد هاڻي ته غيرن مان به شاديون ڪرڻ لڳا آهن ، ان ڪري به پنهنجي عورتن سان ذيادتي ٿي رهي آهي. عورتن سان انصاف ڪرن خاطر ۽ عورت ذات کي زندگيءَ جي خوشين ڏيڻ خاطر مرد کي ٻي شادي ڪرن گهرجي .“

”پر سائين ! .......“ ۽ وسائي وڏ ڦڙي مينهن جيان وسڻ شروع ڪيو : ”عورتون ڪي مردن ڏي قرآن کڻي ته ڪو نه ٿيون وڃن ته هنن کي ونين ٿيڻ جو حق ڏنو وڃي . هونءَ به اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته هڪ عورت جي خوشين جي باغ مان ٻوٽا پٽي ، ٻيءَ عورت جي اميدن جي چمن کي سينگاريو وڃي . ........مرد ذات ٻيءَ شاديءَ کي پنهنجو حق سمجهي ٿو ، پر جيڪڏهن اهڙو مطالبو عورتون ڪن ته ......؟“

”نه وسائي نه .........“ سر ساجن پنهنجي طرفان صفائي پيش ڪرڻ شروع ڪئي : ”وسائي ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي ته عورت به اهڙو مطالبو ڪري . جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته معاشرو ئي بگڙجي ويندو . ملڪيت جي ورهاست ڪيئن ٿئي؟ اولاد ڪنهن جو سڏبو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته ڪهڙو غيرت مند مرد اهو تسليم ڪندو ؟“

”سائين مٺيان نه ڀانئجو ........“ وسائيءَ وراڻي ڏيندي چيو :”معاشري ۾ بگاڙو ان ڪري ايندو ، جو هيءُ معاشرو آهي ئي مرد ڌڻي معاشرو . ملڪيت جو مالڪ به مرد آهي ۽ دولت جا ذريعا به هن جي گوڏي هيٺيان آهن . ان ڪري چئو ٿا ته ورهاست جا مسئلا پيدا ٿيندا . باقي رهيو اهو سوال ته اولاد ڪنهن جو سڏبو ، تنهن لاءِ عرض آهي ته قيامت جي ڏينهن هر ڪو ماءُ جي نالي سان سڏيو ۽ اٿاريو ويندو . باقي رهي غيرت جي ڳالهه ، سو جيڪڏهن عورت ٻه شاديون ڪري ته مرد کي غيرت اچي ٿي ته اهڙي نموني سان مرد جي ٻيءَ شاديءَ تي به عورت کي غيرت ايندي آهي ، مگر هوءَ زهر جو ڍڪ ڀري ويندي آهي ، ان ڪري جو هوءَ مظلوم آهي . هوءَ خاموش ٿي ويندي آهي ، ڇو جو هن جو آواز چادر ۽ چؤديواريءَ کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي .“

ساجن خاموشيءَ سان ڏانهنس ڏسندو رهيو . وسائي، جيڪا جوش وچان ڳاڙهي ٿي وئي هئي، جڏهن ڪجهه ٺاپر ۾ آئي ته ساجن کي به ڳالهائڻ جو موقعو مليو :”محترمه ! مذهب ته مرد کي چئن شادين جي اجازت ڏني آهي . تون ته اجايودانهون پئي ڪرين!“ . وسائيءَ جو رتُ ٽامڻي هڻي ويو ۽ هوءَ شروع ٿي :”تنهن جو مطلب ٿيو ته هڪ مرد کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه زالون ضرور هجن . هونءَ نه ته حق ته هن جو چئن زالن تي آهي !“

مون سمجهيو هو ته مرد رڳو ”ايڪ ڏون ڏون“ جو کوڙو پڙهندا هوندا ، پر اوهان سڀئي ته ”ايڪ ڏون چار“ ڪيون ويٺا آهيو . قيامت ۾ ڀل ته ڌڻي تعاليٰ اوهان هڪ هڪ کي ستر حورون ڏئي ، ليڪن هتي اسين اهڙو انياءُ ڪرڻ نه ڏينديوسين “، ۽ پوءِ وسائي ٻار جيان اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳي . هوءَ اڄ تائين روئندي رهي ٿي ۽ شايد قيامت تائين روئندي رهي .

 

 

 

 

Menu
Go to top