Menu

ڇانو بنا وڻ

 

پيارا ٻارو! هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ جي بادشاهه جي ذهن ۾ اچي خيال ويٺو ته پنهنجي وزيرن جي ذهانت جو امتحان وٺجي . بادشاهه ذهين ته پاڻ به ڪو نه هو . پر شينهن کي چوي ڪير ته تنهنجي وات ۾ ڌپ ! چوندا آهن ته جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا تنهنجا چريا به سياڻا ، سو هتي به ساڳئي ئي ڳالهه هئي ، اڃا ان کان به وڌيڪ ڀلا جيڪو ملڪ جي خزاني تي نانگ بڻجي ويهي رهي ۽ اڻ ڳڻئي لشڪر جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ جهلي بيهي ته تنهن سان پڄڻ جي ڪهڙي واٽ !

سو ، بادشاهه ڇا ڪيو جو انهيءَ وقت ئي کڻي وزير گهرايائين . بس سندس حڪم جي ويرم هئي . گهڙيءَ پلڪ ۾ سندس سڀئي وزير پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي اچي بادشاهه جا سلامي ٿيا . جڏهن پوري درٻار اميرن ۽ وزيرن سان ڀرجي وئي ته بادشاهه به ٺهي جڙي اچي تخت تي ويٺو . پنهنجي بيوقوف بادشاهه جي پرڪارن جي سڀني کي ڪلَ هوندي هئي . جڏهن به ائين ڪمهلي درٻار لڳائيندو هو ته ماڻهن جا ڏيل ڏري پوندا ها ، اميرن وزيرن کي ڦڦڙي وٺي ويندي هئي . سمجهي ويندا هئا ته اجها ٿي جيري لاءِ ٻڪري ڪسي . ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو هو جو ٽڪريءَ کي ٿيندا هئا سور ۽ ڄمندو هو ڪئو . ڇا ٿيندو هو جو درٻاري اچي بيهندا هئا ته کين ٻڌايو ويندو ته بادشاهه سلامت درٻار لڳائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو آهي ، اوهان ڀلي موٽي وڃو . ليڪن هن ڀيري جو بادشاهه وقت سر اچي تخت تي ويٺو ته سڀني کان ساهه ڇڏائي ويو . سڀئي انهيءَ انتظار ۾ هئا ته ڏسون ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي . انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ اميرن وزيرن جون ڳچيون جهڪي ويون، سڀئي ٻانهون ٻڌي وڏي ادب ۽ احترام سان بيٺا رهيا . آخرڪار بادشاهه جو رعبدار آواز گونجن لڳو . ڀري درٻار ۾ رڳو سندس ئي آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو . ائين پيو لڳي ته باقي ڄڻ پٿر جا بت هئا يا انهن جي وات ۾ زبان جهڙي ڪا به شئي ڪا نه هئي . بادشاهه هر هڪ وزير کان سوال پڇندو ويو . پهريان وڏي وزير ڏي منهن ڪري سوال پڇيائين :”اي وزير ! باتدبير اسان اوهان کان معلوم ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان جي سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبيءَ واري ڪهڙي شئي آهي؟“ انهيءَ تي وڏي وزير ڪنڌ جهڪائي ورندي ڏني :”جهان پناهه ! اوهان جي سموري بادشاهيءَ ۾ حضور جو بخت ۽ تخت ئي سڀ کان سٺيون شيون آهن . اها بادشاهه سلامت جي ذات ئي آهي ، جنهن جي صدقي هن اجڙيل ۽ ويران روءِ زمين تي باغ بهاري لڳي پئي آهي .“ ٽانءِ ڀريئي سانڀر جيان بادشاهه سينو ڦوڪي ، مڇون وٽي ”بيشڪ ، بيشڪ“ چيو . ان کان پوءِ ٻئي وزير ڏي منهن ڦيريائين، جنهن سجدو ڪري سندس سلام ڀريو . بادشاهه کانئس پڇيو ته :”اي عقلمند وزير ! اسان جي بادشاهيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙيون شيون نظر نه ٿيون اچن ؟“ انهيءَ تي وزير ترت جواب ڏيندي عرض ڪيو :”عالي پناهه ! هي نمڪ حلال بندو سالن کان وٺي بادشاهه سلامت جي پاڇي ۾ سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي . انهيءَ عرصي ۾ هن خادم کي سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ ڪٿي به بک ۽ ڏک ڏسڻ ۾ نه آيا . سائين جن جي سموري رعيت خوش آهي .“ انهيءَ تي بادشاهه ”بيشڪ بيشڪ“ چوندي ٽئين وزير سان مخاطب ٿيو . کانئس پڇيائين : ”اي وزير ! آسمان جو سج ته سڀني ڏٺو آهي ، پر ٻڌاءِ ته ڌرتيءَ جو سج ڪٿي آهي ؟“ انهيءَ تي وزير ڪنڌ نمائيندي بادشاهه کي ادب سان جواب ڏنو ته :”بادشاهه سلامت ! اوهان جو ولي عهد ئي هن ڌرتيءَ جو سج آهي .“ بادشاهه اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو . وزير ، جي اڳ ۾ پنهنجو ساهه بادشاهه جي مٺ ۾ بند ٿيل محسوس ڪري رهيا هئا ، تن جي دلين کي به آٿت اچڻ لڳو ۽ سمجهڻ لڳا ته ڪو سندن لولو اگهاڻل آهي . ليڪن خوشين ۽ غمن ۾ ڪو ويڇو آهي ئي ڪو نه . سک ۽ ڏک ته پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن . سو هنن سان به ائين ئي ٿيو . اوچتو ئي اوچتو بادشاهه کانئن اهڙا سوال پڇيا جن سندن وايون ئي بتال ڪري ڇڏيون ، بادشاهه سڀني وزيرن ڏي منهن ڪندي پڇيو ته :”اسان جي بادشاهيءَ جون حدون ڪٿي ختم ٿين ٿيون . سڀني هڪ ئي آواز بڻائي جواب ڏنو ته : ”حضور جيستائين اسان جي نگاهه وڃي .“ پوءِ وري بادشاهه کانئن پڇيو ته :”ڀلا ٻڌايو ته اسان جي بادشاهيءَ ۾ اها ڪهڙي ولايت آهي جتي وڻ ته آهن پر ڇانو ڪانهي؟“ هي سوال ٻڌندي سڀئي وزير وائڙا ٿي ويا . سندن منهن جو رنگ ئي بدلجي ويو، پيرن هيٺيان ڌرتي ئي ڇڏائي وين . ڪڇن ائين ڄڻ ڀت . سڄيءَ درٻار ۾ اهڙي ته خاموشي ڇانئجي وئي جو جيڪڏهن کڻي سئي اڇلائجي ته به ان جي ڪرڻ جو آواز اچي . اهڙي چپ ٿي وئي ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي .

بادشاهه تپي لال ٿي ويو ، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس ۽ مٽا ڦوڪجي آيس ۽ ناسون ڦوٽارجي ويس . گجگوڙ ڪندي چيائين :”مابدولت طرفان اوهان کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ٿي . جيڪڏهن اوهان منهنجي سوال جو صحيح جواب نه ڏنو ته سڀني کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ويندو .“

پيارو ٻارو ! جنهن ملڪ جي اختيار ۽ اقتدار ۾ عوام کي ڀاڱي ۽ ڀائيوار نه ڪيو ويندو آهي ، ۽ اڇي يا ڪاري جو مالڪ عوام نه پر ڪو ٻيو هوندو آهي ته انهيءَ ملڪ ۾ عوام ۾ عوام جو حشر ائين ٿيندو آهي . سو انهيءَ ملڪ جو به اهو حال هو . بادشاهه جي انهن وزيرن کي به اچي سر جي لڳي . هر هڪ پنهنجي پنهنجي گهر وڃي اونڌي منجي ڪري ويهي رهيو . سندن هڪ ڏينهن ته ائين ئي ڳڻتيءَ ۽ ڳاراڻي ۾ گذري ويو . ٻيو سج اڀريو ته مٿن ڏکن جا ڏونگر ڪري پيا . هر هڪ وزير پنهنجي موت جون گهڙيون ڳڻڻ لڳو . نيٺ ٻيو ڏينهن به گذريو ۽ رات ڪاري چادر بڻجي ملڪ کي وڪوڙي وئي . هر ڪو ماڻهو وڃي آرامي ٿيو ، ليڪن وزيرن جو اچي آرام ڦٽو . وزيرن جي من ۾ ڪا جڙي آئي ، سوچيائون جتي پڄي نه سگهجي اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو . سو وڏي وزير کان سواءِ بادشاهه جا باقي سورهيه وزير پنهنجي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ راتو رات ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا . صبح ٿيو ته اها خبر باهه جيان سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي . تان جو وڃي بادشاهه جي ڪنين به پهتي . بادشاهه وزيرن کي پڪڙڻ لاءِ چئني طرفن ڏانهن گهوڙا ڊوڙايا . بادشاهه جا سپاهي ڀڳل وزيرن کي پڪڙي آيا يا نه ؟ انهيءَ قصي کي ڇڏيو . هاڻي اچو ڏسون ته وڏي وزير جو ڪهڙو حال ٿيو ،

بادشاهه جي من ۾ اچي گدڙ ويٺو ته متان وڏو وزير به نه ڀڄي وڃي . ان ڪي هن ڇاڪيو جو کڻي قيد ڪرايائينس . وڏي وزير رتُ رنو دانهون ڪيون ، ليڪن وريس ڪي به ڪونه ، بادشاهه کي ايتري به ڪهل نه آئي ته اهڙي ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏي جنهن سڄي ڄمار سندس خدمت ڪئي هجي . وڏي وزير سان کڻي اهڙي جٺ ڪيائون ، جوڄڻ هن پوري عمر بادشاهه خلاف بغاوت ڪئي هجي . ماڻهن جو ته دڪو به داخل ٿي ويندو آهي مگر هن جون هڙئي قبول نه پيون .هن لاءِ ٻئي پڙ ڳؤرا ٿي پيا . جنڊ کڻي ته جنڊ ڳؤرو ، جي پُڙ کڻي ته پُڙ ڳؤرو . ڦٽيل دل مان دانهن نڪري ويس ته :

جي ٿو ڪڇان ته پٽجن ٿيون مڇان ،

جي ٿو ڪيان ماٺ ته پوان ڪاٺ .

 

ائين بس ويچارو پاڻ کي چؤکنڀو ٻڌرائي ماٺ ٿي ويهي رهيو . جيئن جيئن شام ويجهي پوندي ٿي وئي ، تيئن تيئن کيس يقين ٿيڻ لڳو ته سندس زندگيءَ جو سج به تيزيءَ سان لڙندو پيو وڃي ۽ گهڙيءَ پلڪ کان پوءِ جڏهن دنيا وارا ڏيئا ٻارڻ لڳندا تڏهن هن جي حياتيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويندو .

انهيءَ ملڪ جي رواج موجب ، جنهن بدنصيب کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي ، تنهن کي شام ٿيڻ سان پوري شهر جي چوڌاري ٽي چڪر ڏياريا ويندا هئا . ان ڪري جڏهن سج لهڻ ٻڏڻ تي هو ته وڏي وزير کي گڏهه تي چاڙهي شهر کان ٻاهر ڪڍي ويا . انهيءَ وقت منهن اونداهي ٿي رهي هئي ۽ ڌنار پنهنجا ڌڻ چاريو گهر ٿي وريا . انهن ڌنارن ۾ هڪ ننڍڙو ڌنار به هو . جڏهن وزير جو جلوس اچي هنن جي ڀرسان گذريو ته سڀني ڌنارن مڙي اچي جلوس وارن کان ماجرا پڇي . جڏهن ننڍڙي ڌنار کي خبر پئي ته هڪ معمولي سوال تي جيئري جاڳندي انسان کي ماريو پيو وڃي ته مٺيان به لڳس ۽ ارمان به ٿيس . ان ڪري ڊوڙي وڃي وڏي وزير جي گڏهه سان رليو . چوندا آهن ته ڪانوءَ کي مزو اچي لڙ مان ، سو ماڻهو سڀئي هنبوشيءَ ۾ پورا هئا . ڀلا جن سادن ماڻهن کي اها به خبر نه هئي ته اڄ جنهن واقعي تي خوش ٿي رهيا آهن سو سڀاڻي هنن کي پيش اچي سگهي ٿو ، سي وري ڪيئن سمجهي سگهندا ته وڏي وزير کي ڪو ٻار پٽيون پڙهائي رهيو آهي . ننڍڙي ڌنار وڌي وڃي وڏي وزير کي ڪن ۾ چيو :”مون سڄي ماجرا ٻڌي آهي . اوهان غم نه ڪريو ، ظالم بادشاهه جي سوال جو جواب مان ٿو اوهان کي ٻڌايان .“ ٻڏندڙ ماڻهوءَ لاءِ ته ڪک به سهارو ٿيندو آهي . ان ڪير وڏي وزير ننڍڙي ڌنار کي چيو ته :”جلد ٻڌاءِ اها ولايت ڪٿي آهي ، جنهن ۾ وڻ ته آهن ، وڻن جي ڇانو ٿئي ئي ڪانه .“ تنهن تي ننڍڙي ڌنار وڏي وزير کي چيو :”اي وڏا وزير ڌيرج ڪر . کير ٿڻن مان اڃا نڪتو ئي ڪٿي آهي ، جو توکي اچي ڳڻتي ٿي آهي ته ڏڌو کير ٿڻين ڪيئن پوندو . اسان جي ملڪ ۾ هڪ نه پر اهڙيون ٻه ولايتون آهن ،جتي وڻ ته ٿين پر ڇانو نه ٿئي.“ تنهن تي وڏي وزير بي صبرو ٿيندي ڇوڪري کي چيو : ”منهنجي حياتي بچائيندڙ فرشتا جلدي ڪر ۽ انهن ولايتن جا پار پتا ڏي . ائين نه ٿئي جو بي رحم بادشاهه جا ماڻهو مون کي ڦاسيءَ تي ٽنگي ڇڏين . “ انهيءَ تي ابهم ڌنار کي رحم اچي ويو ۽ وڏي وزير کي چيائين :”اي وزير تنهنجي جان بچائڻ لاءِ آئون توکي ٻنهي ولايتن جو ڏسُ ڏيان ٿو .“ ۽ پوءِ ننڍڙي ڌنار وزير کي چيو ته :”حقيقت ۾ اها ولايت بادشاهي“ آهي ، جنهن ۾ وڻ ته ٿين ٿا ، مگر ڇانو اصل ڪا نه ٿئي . تون سڄي ڄمار بادشاهه جي ڀر ۾ گذاري پنهنجا وار به اڇا ڪري ڇڏيا ، ليڪن محنت ۽ خدمت جو صلو توکي اڄ اهو پيو ڏنو وڃي . اهو ٻڌندي ئي وڏي وزير جو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ وڏي ارمان سان چوڻ لڳو ته : ”واقعي مون ائين محسوس ٿي ڪيو ته منهنجي ڄمار بادشاهه جي شفقت ۾ گذري ويندي ، ليڪن اڄ يقين ٿي ويو ته بادشاهه بي رحم وڻ ۾ ڪڏهن به ڇانو نه ٿيندي آهي ، ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اڄ مون کي موت جي منهن مان ڪڍي نه سگهندي . انهيءَ تي ڌنار کيس چيو :”ائين نه چئو وزير صاحب ! مان اوهان کي اهڙو ڏسُ ڏيان ٿو . جنهن مان اوهان جي جان بچي پوندي اوهان بادشاهه کي چئو ته جهنگ اهڙي ولايت ٿئي ٿو ، جنهن جي وڻن يعنيٰ ڪانڊيرن ۾ ڇانو ڪا نه ٿيندي آهي . اهو جواب ٻڌي بادشاهه اوهان جي جان بخشي ڪندو . ڇو ته ظالم نه رڳو بزدل ٿيندا آهن ، پر بيوقوف به ٿيندا آهن . اوهان جو اهو جواب ٻڌي بادشاهه خوش ٿي ويندو . اوهان دلجاءِ ڪريو.“ اهو جواب ٻڌي وزير کي ڪجهه آٿت مليو ۽ ڌنار کانئس موڪلائيندي چيو ته : ”وزير صاحب اسان غريب ماڻهو ڇانو نه ڏيندڙ وڻن کي وڍي ، زمين صاف ڪري رنگ برنگي فصل پوکيندا آهيون ۽ نوان گل ٻوٽا پوکيندا آهيون “ بس هو ائين چئي وزير کان موڪلائي وڃي پنهنجي ڌڻ سان رليو .

 

 

Menu
Go to top