Menu
Подробнее на сайте: https://houserento.ruhttps://samodelkick.ru https://domstroiplus.ru https://svoidomsnulya.ru
https://powerautoplus.ru https://remontvsvoidom.ru
https://medicinecu.ruhttps://samodelkan.ru https://moidomremont.ruhttps://fastumauto.ru https://stroikaudoma.ruhttps://avtoenter.ru
https://domusremont.ru https://houseunite.ruhttps://dothouse.ru

ڇيلڙي وارو شهزادو

پيارا ٻارو ! ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه ٿي گذريو آهي . عدل ۽ انصاف ۾ ته سندس ڪو ئي مٽ ڪو نه هو . ملڪ ۾ سڀڪو سکيو ستابو گذاريندو هو . ڪنهن کي ڪو ڏک ۽ سور ڪو نه هو . هر ڪو پيو پنهنجي حڪمران کي دعائون ڏيندو هو . حاڪم به هجن ته ههڙا . ڪو سندس ملڪ ۾ اکيون وجهندو هو ته تارا ڪڍي رکندو هوس . جيڪڏهن عوام مٿان ڪا آفت اچي ڪڙڪندي هئي ته هن جو سک ڦٽي پوندو هو . ٻڌندو هو ته ڪنهن رات ڪو ماڻهو بک ڪاٽي ستو ته کيس محل ماڙيون کائڻ پيا ايندا هئا . جيستائين خچر دولت سان ڀري انهيءَ ماڻهوءَ ڏي نه موڪليندو هو ، ان وقت تائين آرام ئي ڪو نه ايندو هوس . هميشه پيو چوندو هو ته ”آءٌ لشڪر يا خزاني جي زور تي بادشاهه ڪو نه ٿيو آهيان . منهنجو تاج آهي عوام جو ويساهه ۽ رضامندي . جيستائين عوام مون سان راضي رهيو ۽ آئون کين سکي رکي سگهيس . انهيءَ وقت تائين آءٌ بادشاهه آهيان . پر جيڪڏهن ڪو هڪ به ماڻهو مٽجي ويا ته آءٌ هي تخت ۽ تاج جي امانت سندن حوالي ڪري ڇڏيندس .“

چون ٿا ته انهيءَ عوام دوست بادشاهه کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي . جنهن جي سيرت ۽ صورت جي ملڪن ۾ هاڪ هئي ، شهزادي جهڙي هئي سياڻي تهڙي هئي سيبتي . شهزادي اڄ ننڍي سڀان وڏي نيٺ اچي جوان جماڻ ٿي . سياڻن چيو آهي ته ڌيئرون پرائو ڌڻ ، سو هوءَ به جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ ڦاٽڻ لڳي ته بادشاهه کي اچي خيال ٿيو ته نياڻيءَ کي شينهن ڪلهي چاڙهڻ گهرجي . ليڪن اچي اوني ورايس ته پنهنجي ڌيءَ کي اهڙو ورُ ڏيان، جيڪو عقل ۾ اڪابر به هجي ته رحم جو ڀنڊار به . سو اچي ڳاراڻي ورتس . اونڌي منجي ڪري محلات ۾ ويهي رهيو . الله جا اچي اٺ پهر گذريا ، پر بادشاهه ٻاهر نڪتو ئي ڪو نه . اميرن وزيرن کي اچي ڳڻتي ورتو ته خدا خير ڪري اسان جي بادشاهه سلامت کي الائي ڇا ٿيو آهي جو اڄ تخت تي ڪو نه ويٺو آهي . نيٺ اهي صلاح مصلحت ڪري مڙي سڙي بادشاهه جي حضور ۾ اچي پهتا . وڏي وزير بادشاهه کي عرض ڪيو ته :”ملڪ پناهه ! اڄ اسان تي ڏمر ٿيو آهي يا سرڪار جي دشمنن جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي ، جو ائين اونڌي منجي ڪري ويٺا آهيو . اڄ اوهان کان سواءِ تخت به اسان کي کائڻ ٿو اچي . اوهان ته اسان جي تخت جا وارث به آهيو ته بخت جا وارث به . اسان جو ته آرام ئي ڦٽي ويو آهي . اوهان حڪم ڪيو ته اسان فرهاد بڻجي ٽڪر ٽوڙي ڏيکاريون . “ بادشاهه ڳالهائي ڄڻ ڀت ! ڪنهن ڏي به اکيون کڻي نه ڏٺائين . اهو حال ڏسي بادشاهه جي وڏور ڌي اکين مان آب هاري پنهنجي پيءُ کي ڳراٺڙي پائي کيس چيو : ”ابا سائين ! الله تعاليٰ اوهان کي بخت ڏنو آهي ۽ عوام اوهان کي تخت ڏنو آهي . اوهان کي نه اولاد جو غم نه دولت جو ڏک . نه وري ڪو عوام جي ملڪ ۾ عوام لاءِ آزار . آخر ڳالهه ڪهڙي آهي ؟ جيڪڏهن منهنجي جان هلي وڃي ۽ اوهان کي سک ملي ته هيءَ ڇوري اوهان تان گهوري . آءٌ حاضر آهيان.“ اهو ٻڌي بادشاهه اکيون کنيون ۽ پنهنجي الڙ جوان ڌيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيرائي چوڻ لڳو :” ڌيءَ تون ته هن ڌرتيءَ جو چنڊ آهين ، منهنجي اکين جو نور آهين ۽ دل جو سرور آهين . مان توتان لک حياتيون قربان ڪريان ، تون اهو ڇا ٿي چوين ؟“ تنهن تي شهزاديءَ پڇيو : ”بابا سائين ! پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي ؟ بادشاهه وراڻيو :”ڌيءَ تون اچي جوان ٿي آهين .سو

پڙهايان تنهنجو نڪاح ، ته پوي اندر ۾ ساهه .

سوچيان ٿو ته توکي اهڙو ورُڏيان جيڪو سيرت ۽ صورت ، عقل ۽ شفقت ۾ تو جهڙو هجي .“ اهو ٻڌي شهزاديءَ وراڻيو:”پيارا بابا !

پوءِ اوهان ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ڇو ٿا ڪريو ؟ ور ۽ گهر ته مون کي ڪرڻو آهي . اهو ته منهنجي زندگيءَ جو سوال آهي . ان ڪري ڪوشش به مون کي ئي ڪرڻ گهرجي .“ وزير ۽ امير شهزاديءَ جي هيءَ گفتگو ٻڌي حيران ٿي ويا ، ليڪن بادشاهه پنهنجي چنڊ جهڙي سهڻي من مهڻيءَ ڌيءَ سان اکيون ملائي اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو . شهزادي چوندي رهي :”بابا سائين ! شادي مون کي ڪرڻي آهي ۽ نه اوهان کي . ان ڪري ڳڻتي ۽ ڳاراڻو مون کي ئي ڪرڻ گهرجي . اوهان جو ته رڳو اهو ڪم آهي ته ور ۽ گهر تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪريو .“ اهو ٻڌي وڏي وزير کي اچي پيٽ ۾ وٽَ پيا ۽ دل ۾ گدڙ ويٺس ته ڪو اهڙو بهانو بڻايان جو شهزاديءَ جي شادي منهنجي پٽ سان ٿئي ، ۽ بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ بادشاهيءَ جو وارث منهنجو پُٽ ٿئي . سو وچ ۾ ٽپو ڏئي چيائين :”جيئندا قبلا ! شهزاديءَ سڄي زندگي محلات ۾ ئي گذاري آهي . کيس ڪهڙي خبر ته نياڻيون ڏٺي تي ورُ نه ڪنديون آهن . اهڙا فيصلا پيءُ ماءُ ئي ڪندا آهن . البته اسان کي شهزاديءَ جو خيال رکي اهڙو ورُ ڳولهڻ گهرجي ، جيڪو حسب ۽ نسب ۾ شهزاديءَ کان گهٽ نه هجي .“ اهو ٻڌي شهزادي تپي لال ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته :”ڍلن پٺيان ڀلا ٿيندا آهن ۽ ڀلن پٺيان ڍلا ٿيندا آهن . ان ڪري حسب نسب جي ڳالهه کي ڇو آڻي ٽنبجي ؟ ور مون کي ڪرڻو آهي . آءٌ ڪا گڏي ڪا نه آهيان جو تون کڻي ڪنهن گڏي سان لائون ڏيارين . مان پنهنجي ورَ جي ڳولها پاڻ ڪنديس .“ اهو ٻڌي وزير جي پيرن هيٺيان ڌرتي ڇڏائي وئي . ليڪن بادشاهه سلامت اڳيان هن جي دال ڳري نه سگهي . سو مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ سمجهي ويهي رهيو . وزير جو ته منهن ئي لهي ويو ، پر بادشاهه ائين پيو خوش ٿئي ڄڻ آبِ حيات پيتو هجيس . چوڻ لڳو :”آئون به ڪهڙو نه چريو هوس جو ، اونڌي منجي ڪري ويهي رهيس .“ پوءِ ڌيءَ ڏي نهايندي چيائين :”پيءُ ۽ ماءُ جو ڪم آهي رڳو سندن مدد ڪرڻ .“

شهزاديءَ بادشاهه جي ڳچيءَ ۾ ڳراٽڙي پائي چوڻ لڳي ته :”بابا سائين ! سڀان سج ڪني ڪڍي ته پڙهو ڏياريو وڃي ته شهزادي پنهنجي وَر جي ڳولها ڪندي . جيڪڏهن ڪو شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ گهري ته اچي درٻار ۾ حاضر ٿئي . شهزادي ان کان ڪي سوال پڇا ڪندي . جيڪڏهن ڪنهن برابر جواب ڏنا ته ان جون لائون شهزاديءَ سان ڏياريون وينديون . پر جيڪڏهن ڪنهن صحيح جواب نه ڏنا ته پوءِ ان کي ڪجهه به نه چيو ويندو . ڇو ته هن بادشاهيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان قهر نه ٿيو آهي ، ۽ اڳتي به ڪنهن سان ظلم نه ٿيندو . پر جيڪڏهن ڪنهن وزير يا امير جو پُٽ جواب ڏئي نه سگهيو ته ان کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي ۽ سندس مال ملڪيت ضبط ڪيو ويندو .“

سباڻو ٿيو ، بس پڙهي ڏيڻ جي ويرم هئي . اچي ماڻهو مڙيا . شام تائين سڄي درٻار ڀرجي وئي ، تِرَ ڇٽڻ جي به جاءِ نه رهي . وڏي وزير سوچيو ته شهزاديءَ هر حالت ۾ پنهنجي نهن بڻائڻي آهي . پر اهو ڊپُ هيس ته جيڪڏهن منهنجو پُٽ جواب ڏئي نه سگهيو ته مال، ملڪيت ، عزت ۽ دولت تان هٿ ڌوئڻا پوندا . ان ڪري ڇا ڪيائين جو صبح سويرو هڪ ٻڪرار گهرائي ورتائين . جيڪو هڪ ڇيلڙو گود ۾ کڻي اچي هن وٽ حاضر ٿيو . وزير ٻڪرار کي پنهنجي پُٽ جا ريشمي ڪپڙا پهرائي ، ان کان پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا لهرائي ورتا . جيڪي وري پنهنجي شهزادي پُٽ کي پهرائي کڻي درٻار ۾ موڪليائين . وزير کي هاڻي پڪ ٿي ته ”کٽيا ته به اپڻا گهر ، جي هرايا ته به اپڻا گهر.“ جيڪڏهن وزير زادو جواب ڏئي سگهيو ته شهزادي اسان جي ٿيندي ، پر جيڪڏهن جواب نه ڏئي سگهيو ته کيس ڪو ئي ڪو نه سڃاڻندو ۽ غريب سمجهي ڇڏي ڏيندس . ائين عزت به رهجي ويندي ۽ دولت به بچي ويندي .

ٻڪرار ڇوڪرو هو عقلمند ، سو چيائين ته دال ۾ مڙئي ڪجهه ڪارو آهي . سو هي به ڇيلڙو ڪڇ ۾ کڻي وزير زادي جو پيڇو ڪندو وڃي درٻار ۾ پهتو . ماڻهو هن کي ڏسي کلڻ لڳا . ڇو ته لٽن ڪپڙن ۾ ته شهزادو پيو لڳي ، پر ڇيلڙو جو ڪڇ ۾ هيس . ان ڪري ماڻهن ٿي سمجهيو ته ڪو پاڳل آهي . ماڻهن وٺي ٺٺوليون ڪيس . جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون . ڪو چوي ته :”شهزادي هن سان شادي ڪندي، جو معتبر ٿو ڏسجي .“ مطلب ته ڪنهن ڪيئن چيس ، ڪنهن ڪيئن ٿي چيس . پر ٻڪرار چپ ڪري هڪ ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهيو . گهڙيءَ کن کان پوءِ گهنڊ وڄڻ لڳا ، ۽ بادشاهه جي اچڻ جو اعلان ڪيو ويو . سڀڪو ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ادب سان اٿي بيٺو . ٺيڪ انهيءَ وقت چيلڙي وٺي ٻي ٻي ڪئي ، جنهن تي سڄي درٻار وٺي ٽهڪ ڏنا . شهزاديءَ جي به وڃي ٻڪرار تي نظر پئي . ٻڪرار جو پاتا هئا شهاڻا لٽا . سو پري کان پيو ڏيک ڏئي . شهزاديءَ حڪم ڪيو ته ڇيلڙيءَ واري شهزادي کي وٺي اچي اڳيان ويهاريو . بس حڪم جي دير هئي . اميرن وزيرن اچي کيس عزت سان سلام ڪيو ۽ وٺي وڃي تخت جي ڀرسان ويهاريائونس . اهو ڏسي وڏي وزير جو ته اندر ئي سڙي ويو . پر سڙڻ ۽ پڄرڻ کان سواءِ ڪري به ڇا پيو سگهي !

ٿوريءَ گهريءَ کان پوءِ هر هڪ واري وٽيءَ سان شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ جي اميد ۾ سوال ٻڌندو رهيو . مگر صحيح جواب ڪو به ڏئي نه سگهيو . آخر ڪار وڃي ٻه ڄڻا بچيا . هڪ وڏي وزير جو پُٽ ٻڪرار جي ڪپڙن ۾ ، ۽ ٻيو ٻڪرار جو پُٽ وزيرزادي جي ڪپڙن ۾ . شهزادي وزير جي پُٽ کان سوال ڪيو ته : ”اي غريب ٻڪرار ! سڀني انسانن کي ٻن شين جي بک ٿئي ٿي . ۽ ٻن شين جو ڍءُ رهي ٿو . ٻڌاءِ ته اهي ڪهڙيون شيون آهن .“ وزير جو پُٽ هئو ته شڪل جو سهڻو پر عقل جو دٻو خالي هئس . چپ خشڪ ٿي ويس، سڄو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويس ۽ ڏڪڻي وٺي ويس . ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو . ان تي ڇيلڙيءَ واري شهزادي پنهنجي ڇيلڙيءَ کي ڪلهن تان لاهي ، جهڪي سلام ڪندي شهزاديءَ کي چيو ته :”اگر حڪم ڪيو ته هي بندو انهن سوالن جا جواب ڏئي .“ ان تي شهزاديءَ وراڻيو ته :”اي ڇيلڙيءَ وارا شهزادا ! ڀلي اوهان به پنهنجي عقل کي آزمايو .“

ٻڪرار جو هاڻي ڇيلڙيءَ وارو شهزاو پيو سڏجي ، تنهن جواب ڏنو ته :”ماڻهوءَ کي دولت ۽ عمر جي بک ٿئي ٿي ۽ کيس حسن ۽ عقل جو ڍءُ ٿئي ٿو . ماڻهو ڪيڏو به امير هجي ، پر چوندو جيڪر قارون جو خزانو کيس ملي وڃي . ساڳي نموني سان ڇو نه کڻي ماڻهوءَ جا پير قبر ۾ هجن ، پر ته به پيو زندهه رهڻ جون سڌون ڪندو . اهڙي نموني سان هر ڪو وري پاڻ کي عقل جو اڪابر ۽ سهڻن جو سردار سمجهي ٿو .“

جواب ٻڌڻ تي سڄيءَ درٻار ۾ تاڙيون وڄي ويون ۽ شهزادي تخت تان لهي اچي ڇيلڙي واري شهزادي جي ڳچيءَ ۾ هار وڌو . پوءِ ڌام ڌوم سان سندن شادي ٿي . راڄن کي سڏ ڏنائون ، جنهن ۾ هر ڪو اچي شريڪ ٿيو .

 

 

Menu
Go to top