Menu

دردن جو دارون

پيارا ٻارو! ڳالهه ٿا ڪن ته ڪوهه قاف جي هڪ ولايت ۾ ديون جي رياست هوندي هئي ، جنهن تي بڙم باڪاس نالي هڪ ديو راڄ هلائيندو هو . بڙم باڪاس ڪيترو وقت امن ۽ امان سان حڪومت هلائي، پر پوءِ اچي سندن ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيو . پر ماريت ڏينهون ڏينهن زور وٺندي وئي ۽ غريبن تي ڏکن جا ڏونگر ڪرڻ لڳا . سڄو ڏينهن رت ولوڙڻ بعد به ماڻهو ايترو ڪمائي نه سگهندا هئا، جو رات جو ويلو پيٽ ڀري کائي سگهن . اهڙين حالتن ۾ چوريون ۽ فساد ، دنگل ۽ جهيڙا روزمره جو معمول ٿي پيو . ايمانداري ۽ محنت کي ملڪ جا ماڻهو کوٽا ڏوڪڙ سمجهڻ لڳا . سندن ويساهه هرشئي مان نڪري وڃي ٺڳيءَ ۽ بي ايمانيءَ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺو . سڄو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو . هڪڙا هئا امير جن وٽ دولت جا ڍير لڳي ويا ، ۽ ٻيا هئا غريب جيڪي ڪاري پائيءَ لاءِ سڪندا هئا .

انهيءَ ملڪ ۾ جڏهن به اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون هيون . ته انهن جو اثر وري بادشاهه تي پوندو هو . پهريون ته بادشاهه جو ڪو نه ڪو عضوو کري پوندو هو . جيڪڏهن حالتون سڌري پونديون هيون ته پوءِ ڦڪيون به فرق ڪنديون هيون ، ورنه بادشاهه آهستي آهستي پنڊ پاهڻ ٿيندو ويندو هو . تان جو پوءِ ان کي کڻي وڃي کوهه ۾ اڇلائيندا هئا ۽ وري نئين بادشاهه کي تخت تي ويهاريندا هئا .

بڙم باڪاس به ڪجهه لاپرواهي ڏيکاري ۽ ملڪ جي سڌاري جو خيال لاهي ويٺو . نتيجو اهو نڪتو جو حالتون خراب ٿيڻ لڳيون ۽ کيس به ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا . ٿيو ائين جو هن جي هڪ اک پٿر ٿي پئي ۽ ڪنن کان ٻوڙو ٿي پيو . پنهنجي هيءَ حالت ڏسي بادشاهه بڙم باڪاس ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو . پر هٿ جي وڍيءَ جو ڪهڙو ويڄ ڪهڙو طبيب . هن ڊٺي جو ڊڀُ ٿئي به ڪيئن ؟ ڪيترائي ويڄ گهرايائين پر وريس ڪجهه به ڪين . نيٺ هن پنهنجي وزيرن اميرن کي گهرائي حال اوريو . جنهن تي سڀني اميرن ، وزيرن ۽ مشيرن گڏجي فيصلو ڪيو ته درٻاري نجومي گهرائي ٽپڻو ڪڍرائجي . بس رڳو حڪم جي دير هئي ۽ درٻاري نجومي اچي حاضر ٿيو . نجوميءَ ڍارو هڻي ويهي حساب ڪيو . سڄي درٻار کيس تڪي رهي هئي ڇو ته هو ئي سندن اميد جو آخري ڪرڻو هئو. ڪجهه وقت کان پوءِ نجومي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ بادشاهه کي جهڪي مبارڪ ڏنائين . سڄي درٻار م خوشي ڊوڙي آئي ۽ چئني طرفن کان مبارڪ مبارڪ جا آواز بلند ٿيڻ لڳا . تنهن تي درٻاري نجوميءَ هٿ مٿي ڪري سڀني جو ٿورو مڃيو . بڙم باڪاس بادشاهه بي صبرو ٿيندي پنهنجي نجوميءَ کان پڇيو . ته : ” اي سڀاڳا نجومي ! ڪر خبر، اسان جي درد جو دارون ڪٿي آهي؟ اسان جو علاج ڪيئن ٿيندو ؟“ بادشاهه ته ڪنن کان ٻوڙو هو . ان ڪري نجومي وڏي آواز ۾ جواب ڏيندو ويو ، ۽ وڏو وزير اهو سڀ ڪجهه لکندو بادشاهه کي ڏيکاريندو ويو . درٻاري نجومي ڪجهه هنئين چيو ته :”بادشاهه سلامت هن خادم سالن جا سال اوهان جو نمڪ کاڌو آهي . خدا جو شڪر جو سڄي ڄمار ۾ اڄ مون کي حضور جن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي . منهنجو حساب ٻڌائي ٿو ته سرڪار جو ستارو هن وقت گردش ۾ آهي ۽ انهيءَ کي تدبير سان پنهنجي منزل ۽ ماڳ آڻي سگهجي ٿو . ڪوهه ڪاف جي هن طرف انسانن جي هڪ ولايت آهي . اها ولايت دنيا جي پراڻي ۽ قديم رياست آهي . انهيءَ جو نالو اسم اعظم جي حيثيت رکي ٿو . جيڪڏهن اهو ٽي دفعا پڙهي بادشاهه تي ڇوڪاريو ويندو ته اسان جو مهربان بادشاهه خوش ٿي ويندو . انهيءَ ملڪ ۾ هڪ شخص ٿي گذريو آهي ، جنهن پنهنجي ملڪ کي هڪ نظام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي . اهو نظام جيڪڏهن هن ملڪ سان لاڳو ڪيو ويندو ته هتي ڪڏهن به بد امني پيدا نه ٿيندي . ڪو به ڪنهن تي ظلم نه ڪندو ۽ ڪڏهن به ذات پات ۽ رنگ نسل جهڙيون وبائون منهن نه ڪڍنديون ۽ هر هڪ سکي ٿي پوندو ۽ امير توڙي فقير جو فرق ميٽجي ويندو .“

نجوميءَ جي تقرير ٻڌي سڄي درٻار سرهي ٿي وئي . ان وقت بڙم باڪاس جو فرزند ارجمند اڳتي وڌي آيو ۽ بادشاهه کي جهڪي عرض ڪيائين ته :”جيئندا قبلا ! آءٌ ته آسمان مان ستارا لاهي اچڻ لاءِ تيار ويٺو هوس ، پر نجومي ته تريءَ تي بهشت ڪري ڏيکاريو آهي . مون کي اجازت ڏيو ته آئون انسانن جي انهيءَ ولايت ۾ وڃي اسم اعظم به هٿ ڪري اچان ۽ ملڪ لاءِ نئون نظام به سکي اچان .“ بادشاهه پنهنجي پُٽ جو اهو جذبو ڏسي خوش ته ڏاڍو ٿيو ، پر کيس اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ويٺو . چوڻ لڳو ته :”آئون هينئر قبر جي ڪنڌيءَ تي ويٺو آهيان . تون اکين آڏو آهين ته دل کي آٿت ٿو مليم . جيڪڏهن تون هن حال ۾ ڇڏي ويندين ته جيئڻ جنجال ٿي پوندم .“ پيءُ جو اهو رايو ٻڌي شهزادي دل نه هاري . ويتر اڳتي وڌي چوڻ لڳو :”بابا سائين جنهن ملڪ جا والدين پنهنجي پُٽن تي آرو ڪري ويهندا آهن ، اهو ملڪ نه ته آزاد رهي سگهندو ۽ نه وري سکيو ستابو ٿي سگهندو . مون لاءِ هڪ طرف آهيو اوهان ، ۽ ٻئي طرف آهي ملڪ جو آئيندو . ابي ۽ ملڪ مٿان ڏکيا ڏينهن اچن ۽ آئون چپ ڪري ويهان . ائين ڪڏهن به نه ٿيندو .“ شهزادي جي حوصلي کي ڏسي نيٺ بادشاهه کي ڳالهه مڃڻي پئي .

بادشاهه بڙم باڪاس جو پُٽ حسن راڪاس مٽن مائٽن کان موڪلائي ، خزاني مان خچر ڀرائي اچي درٻاري نجوميءَ جي گهر پهتو . درٻاري نجوميءَ شهزادي کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو :”اي شهزادا حسن راڪاس! جيڪڏهن آئون هن وقت جهور ۽ جڏو نه هجان ها ته اوس ئي توسان گڏجي هلي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيان ها . ليڪن انهيءَ ڳالهه تي خوش آهيان جو قسمت تنهنجي ساٿ آهي ۽ توکي ڪٿي به ڏک ڏسڻو نه پوندو .“ شهزادي حسن راڪاس نجوميءَ جي نيڪ نيتيءَ جا ڳڻ ڳائيندي چيو ته :”اي نمڪ خوار نجومي ! مون کي رڳو گهربل هدايتون ڏي . باقي تنهنجون دعائون ئي مون لاءِ ڪافي آهن . ڌڻيءَ گهريو ته ڪامياب ۽ ڪامران ٿي واپس ورندس .“ نجومي شهزادي کي هدايتون ڏيڻ ئي مس ويٺو ته سندس سندر ۽ سلڇڻي ڌيءَ جل پريءَ شربت جا جام ڀري اچي سندن اڳيان رکيا. شهزادي حسن راڪاس ۽ جل پريءَ هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ ڏسندا ئي رهجي ويا . محبت جي ميک هڪ ئي وقت تي ٻنهي جي من ۾ لڳي وئي . عشق جي آڳ ٻنهي کي ساڙي وڌو . ليڪن عشق جي به ارڏائي ڏسو جو کين ملائي ٿو جدا ٿيڻ لاءِ . هڪڙي کي پرديس وڃڻ لاءِ سانباها ڪرڻا پيا ، ۽ ٻئي کي ويهي انهيءَ جي موٽي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو . خون ۽ خستوري ته لڪائي سگهجن ٿا ، پر محبت جو مانڊاڻ ڪير لڪائي . سياڻو نجومي هيءَ حقيقت سمجهي ويو ۽ شهزادي کي چوڻ لڳو ته :”اي شهزادا ! جيتوڻيڪ جل پريءَ تي ڪنهن پکي پکڻ جو به پاڇو پوڻ ڪو نه ڏنو اٿم ، پر اڄ اوهان ٻنهي جو هيءُ حال ڏسي ، ٻن دلين کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ نه ٿو گهران . اي شهزادا ! جل پري تنهنجي امانت آهي ، ۽ تون جڏهن خير صلح سان ولايت مان موٽي آئين ته توهان ٻنهي جا پلوَ ٻڌئي ڇڏبا .“ نجوميءَ جو اهڙو راضپو ڏسي شهزادو حسن راڪاس سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ جل پري شرم ۽ حيا وچان اندر ڀڄي وئي . پوءِ نجوميءَ ويهي شهزادي کي هدايتون ڏنيون . نجوميءَ حسن راڪاس شهزادي کي نئين ولايت جا پار پتا ڏنا ۽ کيس ڪجهه انهيءَ جا اهڃاڻ به ٻڌايا . هن شهزادي کي ٻڌايو ته جتي به سفر دوران توکي هڪ ئي وقت ٽي ماڻهو ملن ته خيال رکجانءِ . اها ئي تنهنجي پهرين منزل هوندي . انهن ٽنهي ماڻهن کان ڪيئن به ڪري سندن ڌنڌا معلوم ڪجانءِ . ۽ پوءِ اهي جيڪي ڌنڌا ٻڌائن ته سندن ڌنڌن جي لفظن جا پهريان حرف ملائڻ سان سندن ملڪ جو نالو ٺهي پوندو . جيڪڏهن اهو نالو واقعي انهيءَ ملڪ جي نالي سان ٺهڪي اچي ته پوءِ پڪ ڄاڻجانءِ ته توکي پنهنجي مطلب ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي، ۽ اهو ئي نالو تنهنجي والد لاءِ اسم اعظم ٿي ڪم ايندو . پوءِ تون انهن ٽنهي ماڻهن کان نالا معلوم ڪجانءِ . انهن ٽنهي ماڻهن جي نالن کي ملائڻ سان هڪ نئون نالو ٺهي پوندو. پوءِ انهيءَ نالي واري ماڻهوءَ جي تلاش ڪجانءِ ، ۽ ڏسجانءِ ته انهيءَ پنهنجي ملڪ کي ڪهڙي نظام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي . اهو ئي نظام آهي ، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ رائج ڪيو ويندو ته ڪڏهن به بد امني پيدا نه ٿيندي .“

شهزادي وڏي غور ۽ فڪر سان اهي نصيحتون ۽ هدايتون ٻڌي پنهنجي هنيئن سان هنڊايون ، ۽ پوءِ اٿي موڪلائڻ جي ڪيائين . هن انهيءَ وقت هيڏي هوڏي ڏٺو ته من ويندي ويندي پنهنجي من جي مالڪياڻيءَ جو منهن ڏسي سگهي ، ليڪن جل پري ڪٿي به نظر نه آيس . دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو ته ڪيڏي نه ظالم چئبي جو هن وقت به پاڻ نه ٿي پسائي . نيٺ لاچار ٿي اٿيو ۽ موڪلائي روانو ٿي ويو .

شهزادو جڏهن ڪوهه قاف جي آخري ڇيڙي تي پهتو ته جل پريءَ کي پنهنجو انتظار ڪندي ڏٺائين . سندس ڪروڌ ۽ ڪاوڙ هڪ ئي لحظي ۾ ڪافور ٿي ويا . جنهن کي بيوفا ٿي سمجهيائين ، ان جي اهڙي وفا ڏسي محبت جي عظمت جا ڪلما پڙهڻ لڳو . پوءِ اتي ٻنهي ويهي روح رهاڻيون ڪيون ۽ آخر ڪار هڪ ٻئي کان روئي موڪلايائون . موڪلائڻ مهل جل پريءَ کيس هڪ اڏند کٽولي ڏني ، جنهن تي هو ٺهي جڙي ويٺو ۽ اها آهستي آهستي مٿي اڏامڻ لڳي . تان جو ڪوهه قاف ڇڏي انسانن جي دنيا ۾ پهچي وئي .

شهزادو ست ڏينهن ۽ ست راتيون مٿان چڪر هڻندو رهيو، ليڪن ڪٿي به کيس هڪ ئي وقت ٽي ماڻهو نظر نه آيا . آخرڪار اٺين ڏينهن سندس مطلب پورو ٿيو .سندس اڏند کٽولي مٿي هوا ۾ لڏي لمي اچي هڪ ملڪ مٿان پهتي . جان کڻي شهزادو هيٺ نهاري ته هڪ سدا حيات ندي وڏي دهشت سان وهي رهي هئي . کيس ياد پيو ته نجومي انهيءَ ملڪ جي هڪ اها به نشاني ٻڌائي هئس ته هڪ ندي ملڪ مان وهندي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هوندي . ملڪ آباد ۽ شاداب هوندو . انهيءَ جي هڪ پاسي جبلن جون قطارون ۽ ٻئي طرف ريگستان هوندو . شهزادي حسن راڪاس کي اهي پار پتا دل سان لڳا ۽ پوءِ اچي انهيءَ ملڪ ۾ لٿو . هي هو پاڻ ديوَ ۽ آيو هو انسانن جي ملڪ ۾ . ان ڪري ڇا ڪيائين جو پکي بڻجي سڄي ملڪ ۾ اڏندو رهيو . ملڪ جي سٺي موسم ، مٺي پاڻيءَ ۽ مزي واري داڻي چوڻي هن کان پنهنجي ملڪ جا مزا ئي وساري ڇڏيا . هو ڪيترا ڏينهن ائين اڏامندو ۽ مزا ماڻيندو رهيو . جيڪڏهن جل پريءَ ۽ پيءُ جو خيال نه اچيس ها ته شايد سموري ڄمار پکي بڻجي هن پياري ملڪ ۾ گهمندو ڦرندو وتي ها . آخر ڪار هڪ شام جو هي جڏهن پنهنجي آکيري طرف اڏي رهيو هو ته هن ٽن ماڻهن کي ويندو ڏٺو . کيس يقين ٿي ويو ته هاڻي سندن من جي مراد پوري ٿيڻ واري آهي ، هو پکي بڻجي سندن پيڇو ڪندو اڏامندو رهيو . تان جو اهي ٽئي ڄڻا ڀر واري ڳوٺ ۾ اچي پهتا . هي به جلدي ۾ روپ مٽائي فقير بڻجي اچي هنن سان رليو ، ڳوٺ جي ماڻهن هنن مسافرن جي دل ئي ٽهل ٽڪور ڪئي ۽ کين عزت سان پاڻ وٽ ٽڪايو . رات جي ماني ۽ ڪچهريءَ کان پوءِ جڏهن ميزبان وڃي گهر آرامي ٿيو ته شهزادي حسن راڪاس موقعو ڏسي پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڇيڙي . هن هڪڙي مسافر کان پڇيو ته : ”اوهان ڇا ڪندا آهيو ؟“ جنهن تي مسافر جواب ڏنس ته :”منهنجو ڌنڌو سپاهگيري آهي . اسان جا وڏا جوڌا جوان ٿي گذريا آهن ۽ اسان ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي . پر جڏهن کان وٺي وقت جو حڪمران لاهي پاهي اسان جي پوئتان پيو ته اسان هڪ هنڌان لڏي اچي هن تر ۾ ويٺا آهيون . انهيءَ کان پوءِ ديو ٻئي مسافر کان پنهنجو ڌنڌو پڇيو ، جنهن تي جواب مليس ته :”آئون نڪمو آهيان . في الحال ڪو به ڪم نه ڪندو آهيان .“ اهڙي نموني سان وري هن ٽئين مسافر کان پڇيو . جواب مليس ته : ”آئون ڌنار آهيان .“ ان کان پوءِ هن ڇا ڪيو جو”سپاهي“لفظ مان ”س“ ، ”نڪمي“ لفظ مان ”ن“ ۽ ”ڌنار“ لفظ مان ”ڌ“ حرف کڻي جو ملايائين ته ”سنڌ“ لفظ ٺهي پيو . پوءِ دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳو ته کيس اسم اعظم ملي ويو ، ان کان پوءِ شهزادي حسن راڪاس کانئن پڇيو ته اوهان ڪير آهيو ۽ ڪاڏي وڃي رهيا آهيو ؟“ انهيءَ تي هڪڙي مسافر چيو ته :”مون کي شاهه چوندا آهن ۽ بلڙيءَ جي ڀر ويٺو آهيان . پهريون پيريءَ مريديءَ ۾ ايمان هوندو هيم ، ڪيترائي مريد خادم هئا ، جن کان هر سال اڻ ڳڻيو ڏنُ ملندو هو . آئون اهو پئسو شرطن ۽ گوئن تي وڃائي ڇڏيندو هوس . مون وٽ ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ڪا به ڪمي ڪانه هوندي هئي . وڏي ڪانيءَ ۽ ڪرامت وارو ڄاتو ويندو هوس . پر جڏهن جهوڪ واري جوان سان ڏيٺ ٿي ته اهو پرماريت وارو ڌنڌو ڇڏي وڃي پرينءَ جي پچار کي لڳو آهيان ۽ هر وقت اها ئي تند تنواريندو رهان ٿو . هاڻي ماڻهو مون کي نڪمو . سمجهندا آهن . آئون هنن دوستن سان گڏجي پنهنجي پرينءَ جو پيغام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ نڪتو آهيان .“

شهزادي حسن راڪاس وري ٻئي مسافر کان پڇيو جنهن ٻڌايس ته منهنجو نالو عنايت آهي . آئون ذات جو پنهور آهيان . اڳي اتر سنڌ طرف رهندا هئاسين ، ليڪن وقت جي حڪمرانن جي ظلم کان تنگ ٿي ڏکن سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهيون . هن وقت اسان ٽئي گڏجي هڪ ئي مقصد لاءِ گهران نڪتا آهيون . انهيءَ تي شهزادي وري ٽئين ۽ آخري مسافر کان پڇيو ته تون ڪير آهين ؟ انهيءَ تي ٽئين مسافر هن ريت حال اوريو ته منهنجو پيءُ هاري هو ، جنهن تي ڳوٺ جي وڏيري ڏاڍا ظلم ڪيا . آخر ڪار ابي ته ڀڄي جند ڇڏائي . ۽ وڃي جهوڪ ۾ آباد ٿيو ، ليڪن آئون اتي ڦاسي پيس ، مٽن مائٽن سمجهيو ته وڏيرو مون کي شهيد ڪري ڇڏيندو . ليڪن چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي ، سو نيٺ آئون به پاڻ بچائي ڀڄي نڪتس . انهيءَ ڏينهن کان وٺي ماڻهو مون کي شهيد سڏيندا آهن .“

اهي احوال ٻڌي پوءِ شهزادي حسن راڪاس ٽٻي ۾ پئجي ويو . نيٺ مسافرن کان پڇيائين ته :”اهو جهوڪ وارو جوان ڪير هو جنهن جا اوهان ايترا معتقد آهيو ۽ هاڻي به انهيءَ جي پيغام پکيڙن لاءِ آتا آهيو ؟“ انهيءَ تي هڪڙي مسافر جواب ڏنو ته :”اهو جهوڪ جو جوان هو صوفي شاهه عنايت شهيد .“ شهزادي حسن راڪاس جي حيرت جي ڪا به حد نه رهي . چئي ويٺو ته :”ڪمال آهي اوهان مان هڪڙو پاڻ کي شاهه سڏي ٿو ، ٻئي جو نالو عنايت آهي ۽ ٽئين کي وري ماڻهو شهيد سڏين ٿا . اوهان ٽنهي جا نالا ملائجن ٿا ته شاهه عنايت شهيد ٺهي پوي ٿو .“ انهيءَ تي مسافرن مان هڪ چيو ته جيڪي انسان قوم لاءِ هوندا آهن ، قوم انهن لاءِ ٿي پوندي . هن ئي منزل تي فنا ۽ بقا هڪ ٿي وينديون آهن . چوندا آهن ته مٿي ۾ تيل پوندي ڪير نه خوش ٿيندو . سو شهزادي حسن راڪاس جون مڙئي مرادون ته پاڻي ئي پوريون ٿينديون پيون وڃن . هن کي اسم اعظم به مليو ته کيس عظيم انسان جي به خبر پئي باقي کيس معلوم ڪرڻو پيو ته شاهه عنايت شهيد پنهنجي قوم کي ڪهڙو پيغام ڏنو . انهيءَ ڪري مسافرن کان پڇيائين ته :”مهرباني ڪري مون کي شاهه عنايت شهيد جي نظريئي بابت ڪجهه ٻڌايو .“ ان تي هڪ مسافر کيس ٻڌايو ته :”شاهه عنايت شهيد وطن جي آزاديءَ خاطر نواب اعظم سان ٽڪر کاڌو . مظلوم پنهورن کي سام ڏئي ڪلهوڙا رنجايا . پير پرستيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ بلڙيءَ وارا بادشاهه ناراض ڪيا . سڀ کان وڌيڪ ڳالهه ته هن جيڪو هاري ، تنهنجي ٻني ٻاريءَ جو تصور ڏنو . پوءِ انهيءَ جي عيوض کيس پليجن سان ڦٽائڻي پئي . هن پنهنجي ماڻهن کي اهو نظريو ڏنو . جنهن جو بنياد قومي آزادي ، مذهبي رواداري ، سماجي برابري ۽ اقتصادي انصاف تي ٻڌل هو . هن اهو نظريو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي رت سان چٽيو آهي . هاڻي تاريخ جا اهي ورق اسان کان انهيءَ نظريئي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ، ۽ اسان انهيءَ نظريئي تي عمل تبليغ لاءِ گهران نڪتا آهيون .“

شهزادي حسن راڪاس کي هڪ ئي ملاقات ۾ هر شئي ملي وئي . کانئس صبر ڪو نه ٿيو ۽ مسافرن کي چئي ڏنائين ته : ”اسان کي ته پنهنجي درد جو دارون ملي ويو ، هاڻي اسان جي موڪلاڻي . اوهان ڀلي ويٺا تبليغون ڪيون.“ هو ائين چئي اٿي کڙو ٿيو . هڪدم پکي بڻجي اڏاڻو هليو ويو .

 

 

Menu
Go to top