اچو ته کوهه مان ٻلو ڪڍون

 

هن دور ۾ جيڪا تعليمي ترقي ٿي آهي ۽ تعليم يافتن جو تعداد وڌي ويو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پر پوءِ به هر ڪنهن جي وات اهائي وائي آهي ته اسان ۾ ”لکيل پڙهيل جاهلن“ جو طبقو وڃي ٿو وڌندو مضبوط ۽ منظم ٿيندو. سنڌ ۽ سنڌ واسين جيڪي به سور ڏٺا ۽ سٺا آهن، اهي کين لکيل ”پڙهيل جاهل“ طبقي ئي ڏنا آهن. ڪنهن اڻ پڙهئي غريب هاريءَ ۽ مسڪين ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪو مامرو پيدا نه ڪيو آهي. هر ڪا مصيبت هٿ ٺوڪئي معتبر ۽ بي عمل ڊگري يافته ماڻهن جي غلط ڪارين جو نتيجو ٿئي ٿي.

اسان اٺ ڪتابن جا ته پڙهي ويا آهيون، پر ڪنهن حد تائين حاصل ڪيل علم کي پنهنجي عمل تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو آهي. ويتر علم کي اوٽ بڻائي پنهنجي مفاد پرستيءَ، استحصالي حرفت ۽ دوکي بازي جي اوڳڻن کي انوکو روپ ڏنو آهي. چيو ويندو آهي ته بارش جا ڦڙا جڏهن سمنڊ جي سِپ ۾ پوندا آهن ته موتي بڻجي پوندا آهن ۽ اُهي جڏهن ڪنهن بر پٽ بيابان جي سَپَ (نانگ) جي منهن ۾ پوندا آهن ته زهر بڻجي پوندا آهن. علم جي بارش به اسان تي ايئن اثر انداز ٿي آهي.اسان مان ڪيترا رڻ پٽ جي انهن نانگن برابر آهي، جن علم جي قطرن مان زهر ٺاهڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاتو آهي.

ملان کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو دعا ڦيڻي ذريعي پنهنجي معجزن جو واپار ڪري ٿو.وڪيل کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڏوڪڙن جي ڪمائي ۽ پيشيورانه مجبوريءَ جو بهانو ڏئي ، انهيءَ ماڻهوءَ جو به ڪيس وڙهڻ ۽ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، جنهن سندس ئي پٽ کي اغوا ڪيو هجي يا سندس ئي گهر کي کاٽ هنيو هجي. استاد کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڪلاس روم ۾ علم کي عام ڪرڻ بدران ٽيوشن تي مارو ڪري ٿو. مطلب ته زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪا به ڪمي ڪانهي، جيڪي پنهجي علم کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استحصالي حرفت ۽ دوکي بازيءَ لاءِ ڪم نه آڻيندا هجن.

اسان پڙهيو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ.“ پر پاڻ اهڙو سچ چونداسين جو پاڻ بدران ٻين کي نچائينداسين. علم سيکاريو ته حق جي واٽ وٺو، پر اسان انهيءَ سنگلاخ ۽ پُر خطر رستي تي هلڻ لاءِ ڪڏهن به پاڻ تيار ڪو نه ٿينداسين. ان جي برعڪس حق ٻڌائڻ ۽ حق جي حيثيت بچائڻ بدران پاڻ بچائڻ تي زور ڏينداسين. اسان علم کي فقط پڙهڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ علم جو اسان جي عمل ۽ عملي زندگيءَ سان تر جيترو به تعلق ڪونهي. اسان علم ٻين لاءِ حاصل ڪندا آهيون ۽ ٻين کي پنهنجي احترام ڪرڻ ۽ علم تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا آهيون. علم اسان کي بدلائي نه سگهيو آهي. اسان انهيءَ کوهه مثال آهيون، جنهن ۾ ٻلو ڪري پيو هجي ، اسان انهيءَ کوهه مان ٻه ٽي سو دلا پاڻيءَ جا ڪڍي اهو ڄاڻي ويٺا هجون ته کوهه پاڪ ٿي ويو . انهيءَ کوهه ۾ ٻلو ساڳيوئي هجي ۽ اسان ان کي ٻاهر نه ڪڍون ته کوهه پاڪ ڪو نه ٿيندو. اسان ڪانه ڪا ڊگري وٺي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وارو ڪم ته ڪيون ٿا ، پر پنهنجي اندر واري گند غير کي ٻاهر نه ٿا ڪڍون. اهوئي سبب آهي جو علم اسان کي ۽ اسان جي اندر کي اجاري نه ٿو سگهي. اسان اوڳڻ نه فقط اپنايون ٿا، پر اوڳڻائپ کي پنهنجو بنيادي حق ڄاڻون ٿا.

جيڪڏهن علم اسان تي تر جو به اثر ڇڏيو هجي ها ته هوند پنهنجي اولاد ۽ شاگرد کي ڪاپي ڪلچر جو غلام نه بڻايون ها. جيڪڏهن علم اسان تي اثر انداز ٿيو هجي ها ته اسان پارت ۽ سفارش تي ڪن نه ڏيون ها، جيڪڏهن علم کي اسان دل و جان سان قبول ڪيون ها، ته پوءِ رشوت نه وٺون ها. جيڪڏهن اسان علم کي ٽين اک طور قبول ڪيون ها ، ته ذات پات جا زنجير پائي ننڍ وڏائيءَ جي بتن کي سجدا نه ڪيون ها. جيڪڏهن علم اسان لاءِ ڪا اهميت رکي ها ، ته اسان پنهنجي ماروئڙن سان غير مشروط پيار ڪيون ها. جيڪڏهن ڪو رسي پئي ها ته ان کي پاڻ وڃي پرچايون ها. پنهنجي وطن کي ”ڌرتي ماتا“ سمجهون ها. جيڪڏهن علم اسان لاءِ ڪا معنيٰ رکندو هجي ها ته پنهنجي عالم ۽ دانشورن جو قدر ڪيون ها. اسان ته پنهنجو قدر پاڻ به ڪو نه ٿا ڪيون.جيڪڏهن پنهنجو قدر ڪرڻ اچي ها ته اوڳڻن کان پاسو ڪيون ها. اسانجي عمل ، زبان ۽ هٿ کان ٻيو محفوظ هجي ها، پر حقيقت ايئن ڪو نه آهي. اسان کان ڪير به محفوظ ڪونهي، بلڪ اسان پاڻ به پاڻ کان محفوظ ڪو نه آهيون.

علم انسان کي بيوس ۽ بي حس نه بڻائيندو آهي. علم انسان جي نفرت، چڙ، ڏمر ۽ ارڏائپ کي ته ختم نه ڪندو آهي ، پر ان کي مثبت موڙ ڏيندو آهي. علم اسان کي ناحق سان نفرت ڪرڻ جو حوصلو ڏئي ٿو، پنهنجي اوڳڻن تي چڙهڻ سيکاي ٿو، ظلم تي ڏمر ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو ۽ ڏاڍ سان ارڏائپ ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو. پر انهيءَ صورت ۾ جڏهن اسان پنهنجي عمل کي حاصل ڪيل علم سان ملايون. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن پهريون پنهنجي وجود واري کوهه مان طمع ، خود غرضي ، ۽ ذاتي مفاد وارو مئل ٻلو ٻاهر ڪڍون ۽ پوءِ ان کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي سئو دلا پاڻيءَ جا ڪڍون. پر جيڪڏهن ٻلو کوهه ۾ پيو هوندو ته سڄي کوهه خالي ڪرڻ سان به پاڪ نه ٿيندو.

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

تاريخ : 11.10.1994)

 

 

Good Wishes