هي درگاهن تي دانهون ۽ اسان جي منزل جون راهون

 

اخبار ۾ خبر شايع ٿي ته خوراڪ کاتي مان ڇانٽين خلاف ملازمن سيوهڻ ۾ احتجاج ڪيو ۽ قلندر جي درگاهه تي دانهين ٿيا. هنن درد وندن جي دانهن اها آهي ته سڄي سنڌ اندر خورڪ کاتي جي تازو ريگيلر ڪيل چوڪيدارن، فوڊ سپروائيزرن ۽ فوڊ انسپيڪٽرن کي 36 مهينن کان پگهارون نه ڏنيون ويون آهن. ڪچن ملازمن جي ماهوار پگهارن مان 500 روپيا ماهوار ڪاٽيا وڃن ٿا ۽ پنجن سالن کان چوڪيداري ڪندڙن کي پڪو نه ڪيو ويو آهي.واقعي لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ هي هتان جا نه پر اسرائيل يا هندوستان جا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن نه پر اڪثر ڪري هاڻي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪيترين حالتن ۾ اسان سان پنهنجا توڙي پراوا دشمن جهڙو سلوڪ ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪو احسان ڪري ٿو ته جهوليءَ ۾ خيرات وڌي وڃي ٿي. هون نه ته هر ڪو وات جو گرهه به کسڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.

انياءَ ۽ نڌڻڪائي جي ڪهاڻيءَ جو معراج آهي ته ماڻهو ايترو مايوس ٿي وڃن جو ڪنهن کي به پنهنجو خير خواهه ۽ سڄڻ نه سمجهن. هنن لاءِ حق،انصاف ۽ خيرخواهي جا سمورا دڳ ۽ دروازا ائين بند ڪيا وڃن . جو هو پيرن فقيرن جي درگاهن کي پنهنجي آس ۽ اميد جو آخري سهارو ڄاڻي ، اتي وڃي دانهين ٿين .هي دور جو وڏي کان وڏو سانحو آهي ۽ مستقبل قريب ۾ حالتن بدلجڻ جو پڙاڏو آهي.اها مايوسي اسان جي تاريخ، جاگرافي ۽ سياست تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿي ۽ سماج ۾ ڌرتيءَ ڌٻڻ جهڙي اٿل پٿل آڻي سگهي ٿي . پر هي ڳالهه اقتدار ڌڻين جي ڌيان تي ڇو نه ٿي اچي؟ هيءَ صورتحال ملڪ، معاشري ۽ ماڻهن جي ته مفاد وٽان ٿيندي ئي ڪانه ، پر انهيءَ جي اثر کان واڳ ڌڻي به بچي نه ٿا سگهن.

سنڌ جي سورن جو مذڪور مايوسي جي رنگ ۾ رتل آهي. پاڪستان جي پهرين وزير اعظم هن صوبي جي ثقافت کي ڳنوارن ۽ ريڍارن جي ثقافت سڏيو. هن صوبي جي ٻوليءَ جي جهولي خالي ڪئي وئي. الاٽمينٽ ۽ سيٽلمينٽ جي نالن ۾ ڪيترن کي بي گهر ۽ هٿين خالي ڪيو ويو. هن صوبي ۾ بک ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو نه آيو. حالتون اهڙيون ٿي بيٺيون آهن جو ماڻهن ڌرتيءَ جي سيني تي رهڻ بدران ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو آپگهات جا واقعا روز به روز وڌي رهيا آهن. ماڻهو ”ماٺ“ ۽ ”موت“ کي انهيءَ ڪري پنهنجي سيني سان لڳايو آهي، جو هتان جو هر ڪو انسان جهڙوڪ”اذيت پرست“ ٿي پيو آهي . پر جيڪڏهن انهيءَ انسان ڏکن سان سمجهوتو ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته صورتحال ٻيو رخ وٺي سگهي ٿي.هاڻي صورتحال ٻيو رخ وٺڻ لڳي آهي. دنيا جهان، پنهنجن توڙي پراون سنڌ واسين کي احساس ڏيارڻ شروع ڪيو آهي. اڄ صوبي پنجاب سان لاڳاپيل ۽ ملڪ جو بزرگ سياستدان نوابزادو نصرالله خان ميان نواز شريف جي جان بچائڻ واري جلاوطني تي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته ”وڏي صوبي سان لاڳاپيل وزير اعظم کي عدالتي سزا ملڻ باوجود جان بخشي جلاوطن ڪيو ويو ،مگر ننڍي صوبي سان وسطو رکندڙ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي .“ اها سوچ سنڌ واسين جي پنهنجي سوچ ڪونهي. پر اسان کي ٻوڙو ڄاڻي، ٻيا ماڻهو ڪوڪون ڪري، وڏي واڪ اهڙيون ڳالهيون اسان جي ڪنن ۾ پرٽن ٿا، جيڪڏهن اهي ڳالهيون ڪنن کان گذري اسان جي دل ۽ دماغ تائين پهتيون ته قهرام مچي سگهي ٿو.

پر ڪنهن قهرام مچڻ ۽ ڌرتي ڌٻڻ جهڙي اٿل پٿل جو ڪو امڪان في الحال نظر نه ٿو اچي ، ڇو ته اسان جو سوچون ۽ لوچون ئي نراليون آهن . اسان اهي ماڻهو آهيون جيڪي مخدوم بلاول، پرو چانڊئي ۽ ذوالفقار ڀٽي کي هڪجهڙو ڄاڻي سندن مزارن ۽ قبرن تي پڙ وجهندا آهيون ۽ پٽ پنندا آهيون ۽ باسون باسيندا آهيون. بلاشڪ سنڌ جي انهن ٽنهي ڪردارن کي طبعي موت قبولڻ جو موقعو ڪونه ڏنو ويو ، پر ٽنهي جي قومي، سماجي ۽ سياسي ڪردار ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هڪڙي هٿين خالي تڏي تي وهي ڌارين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ گهاڻي ۾ پاڻ پيڙهايو. ٻئي ماڻهو اغوا ڪيا، ماريا، لٽيا ۽ ڦريا. ٽئين دنيا جهان کي پنهنجو سياسي تدبر ڏيکاري پاڻ لاءِ بدخواهن جو ٽولو پيدا ڪري ورتو . پهريون دانشور هو، ٻيو ڌاڙيل هو ۽ ٽيون مدبر هو . پهريون ڌرتي دوست هو، ٻيو ڌرتي ڌڻين جو دشمن هو ۽ ٽيون ڏيهه توڙي پرڏيهه جي فرق کان آزاد ۽ جڳ مشهور سياستدان هو. پر اسان سندن مزارن ۽ قبرن جي حاضري ڏيندي، مٿن پڙَ چاڙهيندي ۽ باسون باسيندي ٽنهي کي هڪ قطار ۾ ويهاري ڇڏيو آهي.اسان جو انهيءَ ڳالهه سان ڪم ڪونهي ته هنن حياتي ڪيئن گذاري ۽ ڪهڙو پيغام ڏئي ويا. پر اسان جو واسطو ته پنهنجي لوڀ ۽ لالچ، مطلب ۽ مفاد سان هوندو آهي. ان ڪري ئي اسان ٽن مختلف بلڪ هڪ ٻئي کان متضاد ڪردارن کي ساڳيائي پڙ پارائي پر فقير بڻائي ويٺا آهيون.اڄ اسان کي ته خبر آهي ته مخدوم بلاول، پرو چانڊئي ۽ ذوالفقار ڀٽي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ليڪن صدي ڏيڍ صدي پوءِ اهو فرق به ميسارجي ويندو ۽ اسان جي سنڌ جي تاريخ جا اهي ڪردار پنهنجو تاريخي تشخص وڃائي ويهندا پوءِ محض ۽ محض پير فقير سمجهيا ويندا. صدين کان اسان اهڙو روحاني ۽ نظرياتي وهنوار ڪندا آيا آهيون ۽ ڌڻي ڄاڻي ته اسان الائي ڪهڙن ۽ ڪيترن عوام دشمنن کي عوام دوست، غدارن کي هيرو ۽ لٽيرن کي فقير بڻائي ڇڏيو آهي .

ڪا درگاهه اصل هجي يا نقلي پر ان تي دانهين ٿيڻ ۾ اسان لکيل پڙهيل توڙي اڻپڙهيل هڪ جهڙا رهيا آهيون. اسان جي اڻ ڳڻين شاعرن ۽ اديبن لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست جي درگاهن تي به دانهون ڏنيون آهن ۽ سندن اهڙو کوڙ سارو ڪلام سنڌي ادب جو اٽوٽ حصو آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو قلندر شهباز جي درگاهه تي دانهين ٿئي ٿو ته اهو اسان جي سماجي، نفسياتي ۽ ثقافتي لاڙن، سوچن ۽ ويچار جو اهڃاڻ آهي. هن مان اسان نه به پر ٻي قوم اهو اندازو لڳائي سگهندي ته سنڌي قوم پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن جي ڪلهن تي بار اڇلي ڇڏيندي آهي.پير فقير ته ڇڏيو پر جيڪڏهن ٻيو ڪو نه مليو ته ”رک الله“ تي چئي اسان پنهنجو ۽ پرائو بار هلڪو ڪندا آهيون. بيشڪ هي حقيقت آهي ته الله تعاليٰ جي حڪم کانسواءِ ڪک پن ڪونه ٿو چري، پر انهيءَ پاڪ الله جو ئي فرمان آهي ته ”مان انهيءَ قوم جومقدر نه ٿو بدلايان، جيستائين اها قوم پنهنجو مقدر بدلائڻ نه چاهيندي. “ ڍنگهر پاڻ ڏبو آهي پوءِ نگهباني بيشڪ الله ڪندو آهي. پر اسان سنڌين جو وس پڄي ته اسان در تي اهو ڍنگهر به ڪنهن ٻئي کان ڏيارايون.

اسان جڏهن لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست وٽ دانهين ٿيندا آهيون ته ڌڻي ڄاڻي انهن عظيم انسانن جي روحن تي ڇا گذرندي هوندي. سچل سرمست انهي انسان کي عظمتن جا درس ڏنا جنهن کي ڪجهه به نه ڄاتو ويو. اهوئي انسان جيڪڏهن اڄ سچل سائينءَ جي پيغام کي هنيئن سان هنڊائڻ ۽ عملي زندگيءَ ۾ نافذ ڪرڻ بدران وري درازي جي درگاهه تي وڃي بيهي ته اهڙي شخص کي ڇا چئجي؟ اهڙيءَ ريت اسان جيڪڏهن لاکيڻي لطيف جي پيغام کي پٺي ڏئي پنهنجا ٻئي جهان وڃائي وري لاکيڻي لطيف جي درگاهه تي سوالي بڻجي اچون ته شاهه ڀٽائي جي روح کي ڪهڙو سڪون ملندو؟ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ ته هر سوال جو جواب ڏنو آهي ۽ هر مسئلي جو حل ڏسيو آهي.اسان لطيف سائين جي نالي پٺيان تنظيمون ۽ ادارا به قائم ڪيون ٿا.وستين ۽ بستين تي به سندس نالو رکون ٿا. لطيف سائين جي نالي تي ٽرين به ڪڍيسين ۽ دوڪان به کولياسين.پر سندس پيغام تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو سين. اسان جڏهن ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي پيغام کي بي اثر ڪري ڇڏيوسين ته پوءِ سندس دعائن جو ڪهڙو حشر ڪنداسين؟ اهڙي ريت قلندر شهباز ته جلالي فقير چيو وڃي ٿو. هن بزرگ پنهنجي حياتي ۾ قلم کي ڏنڊو ۽ ڏنڊي کي قلم بڻائي حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان سندس سچا پوئلڳ ڇو نه ٿا ٿيون؟ اهي بزرگ اسان جي سنڌ ۾ ان ڪري ته نه پيدا ٿيا هئا ته هنن جي پيغام ۽ ڪردار کي ڪجهه به نه ڄاڻون ؟ پر جڏهن هو الله کي پيارا ٿي ويا ته پوءِ سندن درگاهن کي دعائن گهرڻ ۽ دانهن ڏيڻ جو گهوارو بڻايون؟ هي ڪٿان جو انصاف آهي جو اهي بزرگ جڏهن زندهه هئا ته به اسان جا بار انهن تي هئا ۽ هاڻي جڏهن اسان ۾ نه آهن ته به اسان جا بار مٿن آهن.

هنن بزرگن جي درگاهن تي وڃڻ سان ته ڌڻي ياد اچي وڃي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي عظمت ۽ حيثيت جي خبر پئي ٿي. اسان انهن ڳالهين ڏي توجهه ڇو نه ٿا ڏيون ؟ بي شڪ درگاهن تي دانهون ڏجن، پر پنهنجي منزل جون راهون به ته ذهن ۾ رکجن، اهي بزرگ به ته ڪا نه ڪا انسان کي راهه ڏسي ويا آهن.اسان سندن چيو ڇو نه ٿا مڃيون؟ اسان پنهنجي سوچن ۽ لوچن کي ڇو نه ٿا مٽايون؟

 

(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 24.12.2000)

 

 

Good Wishes